ورلڊ ڪپ جو آغازميزبان نيوزلينڊ جي شاندار فتح سان ٿيو.. ميزبان نيوزلينڊ هن مقابلي ۾ هر شعبي ۾ پنهنجي بالادستي ثابت ڪئي.. هيگلي اوول ڪرائسٽ چرچ ۾ جهڙالو ڏسي سريلنڪا جي ڪپتان اينلو ميٿيوز پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.. پر بالر ڪو فائدو نه وٺي سگهيا جو نيوزيلينڊ 331 جو اصل جبل جيڏو اسڪور ٺاهي ورتو.. ۽ موٽ ۾ سريلنڪا رڳو 223 رنز تائين ئي پهچي سگهيو...
نيوزلينڊ طرفان بريڊن ميڪ ڪولم 49 بالن ۾ 65 رنز سان ٺاهيون ۽ اوپننگ ۾ مارٽن گپٽل سان گڏجي 111 رنسون ٺاهيون.. جنهن 62 بالن ۾ 49 رنسون ٺاهيون..
جنهن کان وليم سن پنهنجي شاندار فارم جاري رکندي 65 بالن ۾ پنجن چوڪن ۽ هڪ 250 لک جي ڇڪي جي مدد سان 57 رنسون ٺاهيون..
پر اصل تباهي آندي ته ڪوري اينڊرسن جنهن 46 بالن ۾ 75 رنسن جي انڌوڪار اننگ کيڏندي اسڪور 300 کان به ٽاپئي ڇڏيو..
سريلنڪا جو ڪي بالر ۽ ورلڊ ڪپن ۾ ٻه هيٽرڪس ڪندڙ لاسٿ ملنگا 10 اوورز ۾ بدترين 84 رنسون ڏنيون..
موٽ ۾ سريلنڪا ٿريماني جي 65 رنس جي ئي ڪوشش ڪري سگهيو.. سنگاڪارا مان اميدون گهڻيون هيون پر سندس طرفان 39 رنز کان پوءِ سڀ اميدون ختم ٿي چڪيون...
سريلنڪا جي تباهي ۾ اينڊرسن بالنگ ڪندي ئي به خوب هٿ شامل ڪيا.. جنهن رڳو 18 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون .. سندس اهڙي آل رائونڊ ڪارڪردگي تي کيس مين آف دي ميچ جو ايوارڊ مليو..