آسٽريليا جي اوچي اڏام.. انگلينڊ هڪ دفعو وري ناڪام..
ميلبورن جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ افتتاحي ملاکڙو ڏسڻ لاءِ 84 هزار تماشائي لٿل هئا.. ۽ ٿيو وري به ائين جيئن ڪرائسٽ چرچ ۾ ٽاس کٽي سريلنڪا کي ڪو فائدو نه ٿيو بلڪل ان طرح انگلينڊ به پهريان بالنگ ڪري ڪجهه حاصل ڪري نه سگهيو..
آسٽريليا باصلاحيت بيٽس مين آرون فنچ جي 135 رنز جي ڌماڪيدار اننگ ۽ ان کان پوءِ ميڪس ويل ۽ جارج بيلي جي ففٽيز ڪري 9 وڪيٽن تي بممممم اسڪور 342 ٺاهي ورتو.. جنهن جي دٻاء ۾ انگلينڊ 231 تائين محدود رهندي 98 ر111 رنسن تائين مقابلو هارائي ورتو..
ميچ جي دلچسپ ڳالهه آسٽريليا جي اننگ جي آخري اوور جي آخري ٽنهي بالن تي لڳاتار اسٽيون فن، هيڊن ميڪس ويل ۽ جانسن کي آئوٽ ڪري هيٽ ٽرڪ ڪرڻ هئي.. ان کان علاوه اننگ جي 42 هين اوور ۾ جوش هيزل ووڊ جي جيمز ٽيلر جي خلاف هڪ زوردار اپيل تي امپائر عليم ڊار آڱر اڀي ڪري آئوٽ ڏيڻ هو.. ان وقت هو 98 رنز تي کيڏي رهيو هو.. امپائر جي ان فيصلي خلاف ريويو وٺڻ جو فيصلو ٿيو جنهن سان ثابت ٿيو ته بال ليگ اسٽمپ کي ڇهڻ بنا نڪري وڃي ها.. جنهن ڪري ناٽ آئوٽ جو فيصلو آيو پر عين ان وقت آسٽريليا مطالبو ڪيو ته ٻئي ڪناري تي جيمز اينڊرسن کي ڪريز ۾ پهچڻ کان اڳ ئي رن آئوٽ ڪيو ويو هو.. ري پلي مان ظاهر ٿيو ته گلين ميڪس ويل جو ٿرو سڌو سئون وڪيٽ تي لڳو هو.. ان وقت اينڊرس ڪريز کان ٻاهر هو.. هتي امپائر هڪ انتهائي غلط فيصلو ڪيو .. ۽ اينڊرسن کي رن آئوٽ ڏئي ڇڏيو.. جنهن ڪري ٽيلر پنهنجي پهرين ون ڊي سينچري ٺاهڻ کان به رهجي ويو..
آسٽريليا جي 111 رنز جي فتح هڪ طرف پر آخري بال تي آئوٽ ٿيڻ واري فيصلي هڪ نئين جهيڙي کي پيدا ڪيو.. جنهن جو پڙاڏو آئنده ڪيترن ئي ڏينهن تائين ٻڌڻ ۾ رهندو..
جيمز ٽيلر 90 بالن تي 11 چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 98 رنز سان مايوس واپس وريو ڇو ته کيس خبر هئي ته قانونن اينڊرسن آئوٽ نه هو.. ۽ اها ڳالهه آئي سي سي جي پليئنگ ڪنٽرول ٽيم (پي سي ٽي) پڻ انگلينڊ انتظاميه جي سامهون قبول ڪئي ته آخري بال تهي ڏنل آئوٽ غلط هو.. ان معاملي ۾ امپائر کان وڏي غلطي ٿي.. فيصلي تي نظرِ ثاني نظام (ڊي آر ايس) جي قانونن مطابق .. جڏهن ايمپائر جيمز ٽيلر کي آئوٽ ڏنو هو ته ان سان گڏ ئي بال “ڊيد” ٿي چڪو هو.. يعني ان کان پوءِ ٻيو ڪو آئوٽ ٿيڻ توڙي جو رن آئوٽ ڇو نه هو .. ممڪن نه هو...
سريلنڪا جو آغاز تمام سٺو هيو ... پر جديجا ۽ سنگارا جي وڪيٽن کيس نقصان ڏنو .
آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون هن دفعي ورلڊ ڪپ جو فيوريٽ ٽيمون آهن. هي ٻئي ميچون هڪ پاسي رهيون ۽ پهريان بيٽنگ ڪندڙ ٽيمن نه صرف 300 کان مٿي اسڪور ڪيو پر انهن جو پاسو به ڳرو رهيو ۽ ميچ آساني سان کٽي ويون.