ثناءُالله سومرو
سينيئر رڪن
غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاريندڙ هي سنڌ جا معصوم ٻارڙا گندگي جي ڍير تان ڪلهن تي رکيل پاچڪن ۾ ڪچرو ميڙي ڏکايل بچپن جي گذرندڙ وقت جي اڳيان پهاڙ جيان بيٺل آهن، هي معصوم جڏهن صبح جو سوير پاچڪو کڻي گند ميڙڻ نڪرندا هوندا تڏهن هنن اڳيان گذرندڙ امير ماڻهن جا ٻار ڏسي هنن جي دل ۾ ضرور اهيو سوال اٿندو هوندو ته ڪاش اسان به اسڪول وڃو هان ۽ پڙهين لکي سگهون هان، ۽ جڏهن هنن جي امڙ پنهنجي لکتي جگر جي ٽڪڙن کي ائين پاچڪن سڌو ڏسندي هوندي ته يقينن سندن امڙ جون اکيون گهڙي پل لاءُ اشقبار ٿي وينديو هونديو، پر جڏهن هنن مسڪرائيندڙ چهرن جي مرڪ مٿان قربان ويندڙ ماءُ پنهنجي گهر ڏانهن نهاريندي هوندي تڏهن خاموش ٿي وڃڻ کانسواءُ هن وٽ ٻيو ڪجه به نه هوندو،
امير ماڻهون پنهنجن ٻارن کي وڏن وڏن اسڪولن ڪاليجن يونيورسٽين ۾ ڳريون فيسون ڀري تعليم ڏياري انهن جي مستقبل کي روشناس ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن، اتي هنن معصومن جهڙا هزاري ٻار غريب هجڻ سبب اسڪول جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن ڀلا هي معصوم گل ڪينهن کي دانهن ڏين؟ ڪير ٻڌڻ وارو آهي ئي ڪون؟ ڪينهن جي در وڃي فرياد ڪن ته اسان کان پاچڪا وٺي اسانجي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب ڏيو.. ڇا اهو ممڪن آهي ڇا هنن جهڙا هزاري ٻارڙا اسڪول وڃي سگهندا؟؟