• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهه جي رسالي جي جنازي جي نماز پڙهڻ جي ضرورت ناهي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڊاڪٽر سارنگ انصاريءَ جو فيس بوڪ تي فرمان آهي ته: اچو سنڌيو اچو ! شاهه جي رسالي جي جنازي نماز پڙهون ـ منهنجي خيال ۾ اهڙي ڪابه ضرورت ڪانهي ـ ڊاڪٽر صاحب ڪڏهن ڪڏهن يا گھڻو ڪري پٽڙي تان لهي ويندو آهي ۽ ٻئي جي اختلافي راءِ ٻڌڻ لاءِ تيار به نه هوندو آهي تڏهن ته، آزادي راءِ ۾ پختو ڀروسو رکڻ جي باوجود به، گھڻو اڳ مون کيس بلاڪ ڪري ڇڏيو هو ـ
جيستائين شاهه جو رسالو عام سنڌين جي دلين ۾ سمايل آهي، تيستائين ان جي جنازي جي نماز پڙهڻ واري ڳالهه ڪرڻ نه ٿي جڳائي ـ شاهه پنهنجي رسالي جي ذريعي سنڌين جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ قيامت تائين زندهه رهندو ـ انهيءَ ۾ ڪنهن کي به تر جيترو شڪ نه ڪرڻ گھرجي ـ
 
هتي ائين آهي ادا ڳلهائڻ تي زور ٻڌڻو ڪجهه به ناهي تنهنڪري اسان ماڻهن کي وسيع برداشت کام ڪم وٺڻ گهرجي ۽ مثبت راءَ جو احترام ڪرڻ گهرجي
 
Back
Top