• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻن نه پر ٽن باهين جي وچ۾ آهن

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌي ٻن نه پر ٽن باهين جي وچ۾ آهن
محمد خان سيال / 16 فيبروري 2015

اهو سچ آهي ته سنڌي، هن وقت ٻن نه پر ٽن باهين کي منهن ڏيئي رهيا آهن ـ اها دونهين پ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي قومپرستن جي دکايل آهي ـ
جيستائين سنڌ ۾ پ پ پ سرڪار جو واسطو آهي ته اها پنهنجي ويجھي تاريخ ۾ بد ترين بيڊ گورننس کان لنگهي رهي آهي جنهن ڪري رشوت عام ٿي وئي آهي جنهن لاءِ مون لکيو هو: سنڌ ۾ پ پ پ سرڪار جي ڪارڪردگي ڏسي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽي جا روح پنهنجن قبرن ۾ ڪنجھندا هوندا ـ
جسيتائين لساني تنظيم ايم ڪيو ايم جو واسطو آهي ته ان به سنڌين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙيون خبرون اخبارون ۾ روز اينديون رهن ٿيون ـ اهي سنڌ جي وحدت جا به دشمن آهن ـ
انهيءَ کان علاوهه سنڌي قوم پرستن به سنڌين سان زيادتين ۾ گھٽايو ڪونهي جيتوڻيڪ هو ويچارا اهو تاثر ڏيئي رهيا آهن ته پاڻ فرشتا آهن پر ائين هرگز ڪونهي ـ ڪجھه وقت اڳ، صحافي اسد چانڊيي پنهنجي اسٽيٽس تي لکيو ته هڪ وڏي سنڌي قومپرست تنظيم جي ٻئي نمبر اڳواڻ ۽ سندس ڀائرن خلاف 22 ايف آءِ آر ڪٽيل آهن جن جون ڪاپيون هن ڪنهن دوست کي ڏنيون هيون جنهن کي اهڙيون ايف آءِ آر گڏ ڪرڻ جو شوق هو ـ اهي ايف آءِ آر مٿن سنڌ جي دک درد ڏيکارڻ سبب ڪونه داخل ڪيون ويون هيون پر اهي ڀتاخوري، اغوا، ڀنگ وٺڻ ۽ اهڙن اخلاقي ڏوهن سبب داخل ڪيل هيون ـ حيدرآباد ۾ سنڌين جي وسندي قاسم آباد، سنڌي قومپرستن جي ڪارڪردگيءَ جو بدترين مثال آهي ـ

جيستائين ايم ڪيو ايم جو واسطو آهي ته ان جي آڏو گيسي ڪرڻ لاءِ سکڻي پ پ پ ڪوشان ناهي پر ويچارا سنڌي قومپرست به ائين ڪرائڻ لاءِ آتا هوندا آهن ـ مثال: سنڌ کي چار ٽُڪر ڪرڻ لاءِ الطاف حسين بيان ڏنو هو جيڪو هن واپس ڪونه ورتو هو ۽ پوءِ لنڊن پوليس کيس ٻين الزامن ۾ گرفتار ڪيو ته سنڌي قومپرست جن ۾ جسمم، جسقم ۽ جسقم آريسر گروپ وغيرهه هئا سي پٽڪا ٻڌي الطاف جي آزاديءَ لاءِ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا هئا جيتوڻيڪ الطاف ته سنڌ جي وحت خلاف بيان واپس به ڪونه ورتا هئا ـ اهڙي ريت سنڌي ٻن نه پر ٽن باهين جي وچ۾ آهن ـ

سنڌ سلامت جي دوستن کي عرض آهي ته مٿي ڄاڻايل پوسٽنگ تي تبصرو ڪن ـ اختلاف راءِ جو کين پورو پورو حق حاصل هوندو پر بدتميزيءَ جو نه ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سائين آءُ ڪافي حد تائين اوهانجي ڳالهين سان متفق آهيان ، اسانجا سمورا قومپرست اگر پنهنجا ذاتي مفاد ۽ نطرياتي اختلاف پاسي تي رکي متحد ٿين ۽ هڪ ئي جهنڊي هيٺ ۽ هڪ پليٽ فارم تي گڏجي ڪم ڪن ته جيڪر سنڌ ڪافي حد تائين سُکي ستابي ٿي پئي ، مگر اسانوٽ جيڪو به ڪامريڊ پارٽي وارن کان ڪاوڙجي ٿو ته پنهنجي پارٽي ٺاهي ويهي ٿو رهي ۽ نئين نسل کي به خراب پيو ڪري ، پيپلن به ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ، ايم ڪيو وارا ته آهن ئي اينٽي سنڌ
 
سائين تمام بهترين خيال ۽ وقت جو آواز آ
بيشڪ هي سڀ حقيقتون آهن .....سنڌ جي بنياد تي اسان کي جڏهن سوچ ڪرڻ جو خيال اچي ٿو ته پو هي سڀ شيون سچ آهن ....اسان سڌين ۾ (لانگ ٽرم اسٽريٽيجي ) ڊگهي پيماني جي شعوري سوچ جو فقدان آهي ...هن لاءِ جيئي سنڌ جو پليٽ فارم جڙيل آ پر ان ۾ به مفاد پرستي اچي گهر ڪيو آ ....هي هندستاني ايم قيو ايم سنڌ لاءِ تمام جوکو ڏيندڙ آهي هي سنڌي ماڻهن ۽ هن سنڌ جا ازلي دشمن آهن ...ٻين غير سنڌين وانگر ...هتي حڪومتن هلائڻ واريون جيتريون به ڌريو ن آهن سي سڀ دلالي ڪندي پيا حڪومتون ڪن انهن جي ڪردارن ۾ سالميت نه آهي اهي سڀ هن سنڌ امڙ جا ڏوهي آهن ....سنڌين سٻاجهن جا دشمن آهن ....کوڙ وسيلا سنڌ جا ۽ صوبائي خود مّتياري به ته پو هي پيسو وفاق ۾ ڇو پيو جمع ٿي پاڻي تي تربيلا سان گڏوگڏ ٻيو ڊيم جوڙي اتي پاڻي کي جمع به ڪن پيا ۽ تونسا بيراج تائين ته سنڌو ۾ پاڻي 12 مهينه هلي ٿو ...پر هيٺ سنڌ جو پاڻي نه ٿو ڇڏي هي پنجاب جي دهشت گردي آ ...وري هتي اسان جي لاءِ هي ايم قيو ايم جهڙو سيٽ اپ جوڙي ڇڏيو اٿن جنهن جو مقصد متن سنڌي ماڻهن کي تباه ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ آهي اهو هندستان جي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ هڪ فاشسٽ تنظيم جيڪا طالبانن جي ڍڪ ۾ هي هن ملڪ ۾ ڪيئي وارداتون ڪيون آهن ڪڏهن سي آئي اي سان ملي ته ڪڏهن را سان هي هن ملڪ سنڌ جي به منڪر آ ته پاڪستان جي لاءِ به ڏچو آ هن کي اندروني مضبوط ڪندڙ مشرف آ ...جنهن جي ته ارادا قتل ۾ ماڻهن کي ڦاسي اچي وئي پر 200 کا مٿي قتل ۾ گهربل گورنر فوج سان گڏ سنڌ جو حڪمران ٿيو ويٺو آ...۽ صولت مرزا جيڪو به 250 قتل ڪندڙ هڪ دهشت گرد آ ان جي به ڦاسي رڪيل آ هن لاءِ به ڪورٽ فيصلو ڦاسي جو ئي ڏنو آ ....هي سڀ ڳالهيون سمجهڻ کان پو ءِ ....يعني دشمن جي نشاندهي ٿيڻ کان پو به پي پي يا پاڳارو يا ارباب يا سومرا يا مهر يا جتوئي سردار قبيلن جا چڱا مرش ،پارٽيون ۽ عوام جي سمجه سمڪ نه ڪندو ته هوند تباهي پئي نظر اچي ......سنڌ جي ماڻهو کي پنهنجي انائن ،کان مٿي ٿي سوچڻو پوندو لوچڻو پوندو .....سڀ (ڪليٽو وزڊم) گڏيل شعر جو مظاهرو ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.......
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اسان جا قوم پرست نوجوانن کي صرف اهو سيکاريندا آهن ته وال چاڪنگ ڪيئن ڪجي؟ يا ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيئن ڪرائجي؟ يا پنهنجو ناجائز مطالبو مڃرائڻ لاءِ ڪنهن ڪاليج پرنسپال يا پروفيسر کي بليڪ ميل ڪيئن ڪجي. مون ڪراچي ۾ لنگهندي ڪيئي جڳهن تي غير سنڌي شاگرد تنظيمن جا ڪتابي ميلا اڪثر ڏٺا آهن پر ڪنهن سنڌي شاگرد تنظيم جو ڪو ڪتابي ميلو لڳو هُجي نه ڪڏهن ڏٺو آهي نه وري ٻڌو آهي...
 
Back
Top