• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سَسُئِي آبِرِي هَلُ هِنئَين سِين هَوتَ ڏَي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jPTe9xNaYNiY0.jpg


هَلُ هِنئَين سِين هَوتَ ڏَي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ
آرِيَاڻِي اَمُلُ، ڪَايَا ۾ ڪَانڌُ ٿِيَو


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

هَنئَين = دل
هَوتَ = پنهون
ڇَپَرِ = جبل
هَڏِ = هرگز
مَ = نہ
ڇُلُ = اُڇَلَ کاءُ، هَلُ، اڳتي وَڌُ
آرِيَاڻِي = ڪيچ مڪران جي حاڪم جو اولاد _ پنهون.
اَمُلُ = بي بها، املھ ماڻڪ، هيرن، موتين، جواهرن جهڙو، انمول
ڪَايَا = بدن، وجود، جِندُ
ڪَانڌُ = مڙس، ڀتارُ، وَرُ

بيت جو پس منظر

~ جبلن ۾ رلڻ جي بجاءِ، پنهونءَ کي پنهنجي دل ۾ تلاش ڪر.
~ تنهنجو هيرن، موتين جهڙو مڙس، تنهنجي وجود ۾ آهي.

سمجهاڻي

پنڌ تہ هميشھ پيرن ساڻ ڪبو آهي پوءِ ڀٽائي سسئيءَ کي دل سان پنڌ ڪرڻ جي صلاح ڪيئن پيو ڏئي؟ کيس آگاهي بہ پيو ڏي تہ جنهن محبوب کي تون جبلن ۾ ٿي ڳولهين سو تہ تنهنجي وجود ۾، دل ۾ موجود آهي. ها محبوب جي رهڻ جي جاءِ دل ئي هوندي آهي.
دراصل ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت هدايت آهي انهن سالڪن لاءِ جيڪي حق جي ذات جا متلاشي آهن.جيڪي خدا کي رڻ پَٽَنِ، بيابانن، جهنگلن، جبلن ۽ عبادتگاهن ۾ پيا تلاش ڪن.
قران ۾ ارشاد آهي؛ وَ نَحنُ اَقِرَبُ اِلَيه مِن حَبُلُ الوَرِيد، ۽ مان اوهان کي ساھ جي رڳ کان ويجهو آهيان. سو ڀٽائي چئي ٿو تہ خدا کي پنهنجي اندر ۾، وجود ۾ ۽ دل ۾ ئي ڳوليو، هو اُتي ئي موجود آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top