سَسُئِي آبِرِي هَلُ هِنئَين سِين هَوتَ ڏَي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    هَلُ هِنئَين سِين هَوتَ ڏَي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ
    آرِيَاڻِي اَمُلُ، ڪَايَا ۾ ڪَانڌُ ٿِيَو


    سُرُ سَسُئِي آبِرِي

    هَنئَين = دل
    هَوتَ = پنهون
    ڇَپَرِ = جبل
    هَڏِ = هرگز
    مَ = نہ
    ڇُلُ = اُڇَلَ کاءُ، هَلُ، اڳتي وَڌُ
    آرِيَاڻِي = ڪيچ مڪران جي حاڪم جو اولاد _ پنهون.
    اَمُلُ = بي بها، املھ ماڻڪ، هيرن، موتين، جواهرن جهڙو، انمول
    ڪَايَا = بدن، وجود، جِندُ
    ڪَانڌُ = مڙس، ڀتارُ، وَرُ

    بيت جو پس منظر

    ~ جبلن ۾ رلڻ جي بجاءِ، پنهونءَ کي پنهنجي دل ۾ تلاش ڪر.
    ~ تنهنجو هيرن، موتين جهڙو مڙس، تنهنجي وجود ۾ آهي.

    سمجهاڻي

    پنڌ تہ هميشھ پيرن ساڻ ڪبو آهي پوءِ ڀٽائي سسئيءَ کي دل سان پنڌ ڪرڻ جي صلاح ڪيئن پيو ڏئي؟ کيس آگاهي بہ پيو ڏي تہ جنهن محبوب کي تون جبلن ۾ ٿي ڳولهين سو تہ تنهنجي وجود ۾، دل ۾ موجود آهي. ها محبوب جي رهڻ جي جاءِ دل ئي هوندي آهي.
    دراصل ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت هدايت آهي انهن سالڪن لاءِ جيڪي حق جي ذات جا متلاشي آهن.جيڪي خدا کي رڻ پَٽَنِ، بيابانن، جهنگلن، جبلن ۽ عبادتگاهن ۾ پيا تلاش ڪن.
    قران ۾ ارشاد آهي؛ وَ نَحنُ اَقِرَبُ اِلَيه مِن حَبُلُ الوَرِيد، ۽ مان اوهان کي ساھ جي رڳ کان ويجهو آهيان. سو ڀٽائي چئي ٿو تہ خدا کي پنهنجي اندر ۾، وجود ۾ ۽ دل ۾ ئي ڳوليو، هو اُتي ئي موجود آهي.

    _____
    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    " ئيموجود" سائين، سمجاڻي ۾ هي لفظ سهي ڪجو........
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 نومبر 2015

هن صفحي کي مشهور ڪريو