جيئي سنڌ محاذ ۾ واپسي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالڪريم چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2015۔

  1. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آءُ عبدالڪريم چانڊيو جيئي سنڌ محاذ جو اڳوڻو مرڪزي رابطه سيڪريٽري واضع ٿو ڪريان ته ڪجه عرصو پهرين شاه عنايت شهيد ڳوٺ ۽ شاهنواز شر ڳوٺ ۾ پلاٽن جي جهڳڙي ۾ ڪجه ماڻهن منهنجو ، منهنجي خاندان جو ۽ منهنجي پارٽيءَ جو نالو ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . ان ڏس ۾ اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي شهرت کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڪوڙي پروپيگنڊا شروع ڪئي ، مون هڪ قومي ڪارڪن جي حيثيت سان سياسي اخلاقيات جو مظاهرو ڪندي پارٽيءَ جي مرڪزي عهدي ۽ بنيادي ميمبرشپ تان استعفا ڏيڻ کان پوءِ ا نهن ماڻهن کي ميڊيا ذريعي ۽ ذاتي طور چيو ته اهي ڪنهن به فورم تي اچي منهنجي خلاف لڳايل الزامن کي ثابت ڪن . ان کان پوءِ مسلسل سچل ڳوٺ سميت ڀرواري علائقي جي معزز ماڻهن ۽ مختلف سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ذريعي الزام لڳائيندڙ ماڻهن سا ن رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس ته هو مون مٿان لڳايل الزامن کي ثابت ڪن يا مون کان ۽ منهنجي پارٽي کان معافي وٺن ، پر انهن وٽان ڪو به جواب ناهي مليو، نه رڳو ايترو پر مون تي الزام لڳائيندڙ ماڻهن مان ڪي ته مختلف هنڌن تي انهن ماڻهن سان گڏ ويٺل ڏ ٺا ويا آهن يا انهن جا اتحادي بڻجي ويا آهن جن جي حوالي سان مون مٿان ، منهنجي خاندان ۽ منهنجي پارٽيءَ سميت الزام لڳايا هئا .

    هاڻي اٽڪل هڪ سال جي انتظار کان پوءِ مان اهو سمجهڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي حق بجانب ٿو سمجهان ته انهن ماڻهن وٽ مون تي لڳايل الزامن کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ نه ڪو مواد آهي ۽ نه وري ڪا اخلاقي جرئت . تنهنڪري مان جيئي سنڌ محاذ سان پنهنجو 35 سالن جو پراڻو تعلق قائم ڪرڻ ۽ جاري رکڻ جي لاءِ پنهنجي پارٽي جيئي سنڌ محاذ کي پنهنجي ميمبرشپ جي بحاليءَ لاءِ درخواست ڏيئي رهيو آهيان .
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چاچا ڪريم سدا خوش هجو ...

    اوهان جي ڪردار ۽ اوهان جي عملي زندگي ۾ سنڌي ماڻهن لاء ڪيل خدمت تي اسان کي انڌو اعتماد آهي. انڪري اوهان ان وقت استعيفا ڏئي جذباتي فيصلو ڪيو هو، جيڪو منهنجي نظر ۾ محاذ جي ڪارڪن جو فيصلو نه پر هڪ چانڊيي جو فيصلو هو.

    جڏهن اوهان استعيفا ڏني ته ان کانپوء هڪ ڪميٽي ٺهي هئي جنهن کي اهو ڪم سونپيل هو ته لڳايل الزامن جي انڪوائري ڪري حقيقتون سامهون آڻيندي، ان ڪميٽي ۾ اوهان جا ئي ويجها دوست شامل هيا.

    ڇا ان ڪميٽي جو فيصلو ۽ انڪوائري سامهون آئي؟

    وڌيڪ ان تي اسان ڪهڙي راء ڏيون جو اوهان جتي به هجو سنڌ سان اوهان جي جذباتي وابستگي رهندي ...
     
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ڀلي ڪري آيا
    هي ڪهڙي سوچ آهي ؟؟؟ جي اوهانجي مٿان ڪو الزام لڳي ته، اوهان ان جي جواب ڏيڻ بدران محاذ کي مان نڪرو !!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بلڪل جمالي صاحب جو سوال صحيح آهي ته اوهان تي ڪو الزام لڳي ۽ اوهان پنهنجي ذميدارين تان استعفى ڏيئي ڇڏيو اهو ڪٿان جو فهم چئبو؟.
    اوهان تي الزام هو ته اوهان ڪاليج لاءِ مخصوص ٿيل زمين تي ٿيندڙ قبضي جو ان سِڌي طرح ساٿ ڏِنو جو اوهان جي گهروارن اُتي پلاٽ ورتو. پر اوهان جو چوڻ ته جڏهن ڪاليج جي زمين جي خبر پئي ته اوهان ان پلاٽ تان هٿ کنيو. پر وري اچانڪ اوهان پارٽي عُهدي تان استعفى ڏيئي ڇڏي. جڏهن ته اوهان اڳ ئي ثابت ڪيو ته اوهان ڪنهن به اهڙي عمل جو حصو نه ٿيڻ چاهيندؤ جنهن ۾ قومي يا اجتماعي نُقصان هُجي. ان لحاظ سان اوهان تي ڪو شڪ به ناهي.
    اوهان جي ان معاملي کي ڏسڻ لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺهي تنهن ڇا ڪيو؟ جيڪڏهن ڪو نتيجو نه نڪتو ته ڇو؟ اوهان کين ڪيترا دفعا رمائنڊر ڏِنا؟ ڇا اوهان پارٽي سطح ته ڪميٽي کي معاملو تڪڙو اُڪلائڻ لاءِ زور ڀريو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو