عبدالڪريم چانڊيو
سينيئر رڪن
آءُ عبدالڪريم چانڊيو جيئي سنڌ محاذ جو اڳوڻو مرڪزي رابطه سيڪريٽري واضع ٿو ڪريان ته ڪجه عرصو پهرين شاه عنايت شهيد ڳوٺ ۽ شاهنواز شر ڳوٺ ۾ پلاٽن جي جهڳڙي ۾ ڪجه ماڻهن منهنجو ، منهنجي خاندان جو ۽ منهنجي پارٽيءَ جو نالو ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . ان ڏس ۾ اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي شهرت کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڪوڙي پروپيگنڊا شروع ڪئي ، مون هڪ قومي ڪارڪن جي حيثيت سان سياسي اخلاقيات جو مظاهرو ڪندي پارٽيءَ جي مرڪزي عهدي ۽ بنيادي ميمبرشپ تان استعفا ڏيڻ کان پوءِ ا نهن ماڻهن کي ميڊيا ذريعي ۽ ذاتي طور چيو ته اهي ڪنهن به فورم تي اچي منهنجي خلاف لڳايل الزامن کي ثابت ڪن . ان کان پوءِ مسلسل سچل ڳوٺ سميت ڀرواري علائقي جي معزز ماڻهن ۽ مختلف سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ذريعي الزام لڳائيندڙ ماڻهن سا ن رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس ته هو مون مٿان لڳايل الزامن کي ثابت ڪن يا مون کان ۽ منهنجي پارٽي کان معافي وٺن ، پر انهن وٽان ڪو به جواب ناهي مليو، نه رڳو ايترو پر مون تي الزام لڳائيندڙ ماڻهن مان ڪي ته مختلف هنڌن تي انهن ماڻهن سان گڏ ويٺل ڏ ٺا ويا آهن يا انهن جا اتحادي بڻجي ويا آهن جن جي حوالي سان مون مٿان ، منهنجي خاندان ۽ منهنجي پارٽيءَ سميت الزام لڳايا هئا .
هاڻي اٽڪل هڪ سال جي انتظار کان پوءِ مان اهو سمجهڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي حق بجانب ٿو سمجهان ته انهن ماڻهن وٽ مون تي لڳايل الزامن کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ نه ڪو مواد آهي ۽ نه وري ڪا اخلاقي جرئت . تنهنڪري مان جيئي سنڌ محاذ سان پنهنجو 35 سالن جو پراڻو تعلق قائم ڪرڻ ۽ جاري رکڻ جي لاءِ پنهنجي پارٽي جيئي سنڌ محاذ کي پنهنجي ميمبرشپ جي بحاليءَ لاءِ درخواست ڏيئي رهيو آهيان .