محمد نويد جمالي
سينيئر رڪن
سنڌ ۾ رِڇ جي ويڙھ تي پابندي
پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ رِڇ جي ويڙھ ۽ ان جو سرڪس ۾ استعال تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي.
رڇ ۽ ڪُتن جي ويڙھ ۾ رڇ کي رسي ۾ ٻڌي ان تي ڪُتا ڇڏيا ويندا آهن. اهي ڪُتا رڇ جي نڪ ۽ منهن تي حملو ڪندا آهن، جنهن سان رِڇ شديد زخمي ٿي پوندو آهي.
ان پابندي جي خلاف ورزي ڪرڻ واري تي هڪ لک روپيه ڏنڊ وڌو ويندو.
صوبائي حيات کاتي، سنڌ بيئر بيٽگ ڪنٽرول ڪمپنسيشن رولز جي تحت ڀوري، ڪاري ۽ ايشيائي نسل جي شمار اُنهن جانورن ۾ ڪري ڇڏيو آهي جن جي بقا خطري ۾ آهي، جنهن کان پوءِ اُن جو تفريحي ۽ پِنڻ جي غرض سان استعمال ڪونه ٿي سگهندو.
انهي قانون جي تحت تعليمي ۽ تحقيقاتي ادارا پهرين اجازت وٺي پوءِ رڇ رکي سگهن ٿا.
رِڇ رکڻ ۽ پالڻ کي غيرقانوني سمجهيو ويندو ۽ ان جي خلاف ورزي تي سنڌ جنگلي حيات جي قانون جي تحت مقدمو درج ڪري رِڇ ضبط ڪيو ويندو ۽ مالڪ تي هڪ لک روپين جو ڏنڊ وڌو ويندو.
جهنگلي حيات کاتي جي مطابق ضبط ڪيل رِڇ کي بحالي سينٽر ۾ رکيو ويندو جڏهن ته ان جي خوراڪ جو انتظام اُنهي ماڻهو يا اداري جي ذميداري هوندي جنهن جي تحويل ۾ رِڇ هوندو.
انهي قانون کان پهرين اهڙي ويڙھ جو انعقاد ڪرڻ وارا ملزم پڪڙيا به ويندا هئا ته انهن جي خلاف ڪا به ايف آءِ آر داخل ڪونه ڪري سگهبي هُئي، ڇوته اهڙو ڪوبه قانون موجود ڪونه هوندو هو پر هاڻي ادارن وٽ قانوني جواز ۽ اختيار موجود آهي.
جهنگلي حيات کاتي جي سيڪريٽري نائله واجد
ياد رهي تي ڳوٺاڻي علائقن ۾ لڳندڙ ميلن جي موقعي تي هڪ ڏهاڪو پهرين تائين رڇ ڪتي جي ويڙھ عام هئي پر پوءِ انهي ۾ گهٽتائي ٿيندي وئي.
جهنگلي حيات کاتي جي مطابق هاڻي سال ۾ 10 کان 12 اهڙا اجتماع ٿين ٿا.
رڇ ۽ ڪتي جي ويڙھ ۾ رڇ کي رسي ۾ ٻڌي انهي تي ڪُتن جي بڇ ڪئي ويندي آهي. اهي ڪتا رڇ جي نڪ ۽ منهن تي حملو ڪندا آهن جنهن سان هو شديد زخمي ٿي پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهي ويڙھ ۾ ڪُتا مري به پوندا آهن.
ويڙھ کان علاوه ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مداري ڀولڙي، ٻڪر ۽ ڪتي سان رڇ جو تماشو به ڏيکاريندا هئا جنهن ۾ بِين وڄائي رڇ کي نچايو ويندو هو پر اهي منظر هاڻي نظر ڪونه ٿا اچن ۽ سرڪس ۾ به رڇ استعمال ڪونه ٿوٿئي.
جهنگلي حيات کاتي جي مطابق اگر ڪير رضاڪارانه طور رڇ کاتي جي حوالي ڪري ٿو ته ان تي جرمانو ڪونه وڌو ويندو.
جهنگلي حيات جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ اداري ڊبليو ڊبليو ايف جو چوڻ آهي تي پاڪستان ۾ ڪشمير، اتر علائقن، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي ڪجھ علائقن ۾ رڇ ملي ٿو.
ڊبليو ڊبليو ايف چيف ڪنزرويٽو عظميٰ خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ رڇ جو شمار انهن جانورن ۾ ٿئي ٿو جن جي نسل کي خطرو آهي، رڇ جي ويڙھ لاءِ ماڻهو رڇ جي ٻچن کي جهنگ مان چوري ڪن ٿا جڏهن ته ماءُ کي گولي هڻي ماري ڇڏين ٿا.
سنڌ ۾ رڇ ڪونه ٿو ملي هتي ٻين صوبن مان رڇ آندا وڃن ٿا، قانون چوي ٿو اگر ڪو اهڙو جانور جنهن کي تحفظ حاصل آهي اهو ڪنهن ٻئي صوبي ۾ منتقل ڪيو وڃي ته ان جي لاءِ اجازت نامي جي ضرورت هوندي آهي.
برطانيه جي تنظيم ورلڊ اينيمل پروٽيڪشن پنهنجي مقامي ڀائيوار بائيو ريسرچ سينٽر سان گڏ پاڪستان ۾ رڇ ۽ ڪتي جي ويڙھ جي روڪ ٿام لاءِ سرگرم آهي. ان وٽ هڪ بحالي سينٽر به موجود آهي جنهن ۾ انهي ويڙھ مان ضبط ڪيل يا رضاڪارانه طور تي ڏنل 32 رڇ موجود آهن.
بائيو ريسرچ جي سربراھ فخر عباس بي بي سي کي ٻڌايو ته انهن سنه 1994 کان انهي مهم جو آغاز ڪيو هو.
انهن ٻڌايو ته هن وقت پوري پاڪستان ۾ 1200 اهڙا واقعا رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ رڇ ۽ ڪتي جي ويڙھ ڪرائي وئي هئي.
هاڻي ڪجھ سالن کان اهڙي 10 جي قريب پروگرامن جي اطلاع ملي آهي.
فخر عباس جي مطابق پاڪستان ۾ ”جپسي رڇ“ جنهن کي گهٽين ۾ ڦيرايو ۽ ويڙهائيو وڃي ٿو جي تعداد 160 جي آهي جڏهن ته جهنگلي رڇ جنهن ۾ ڪاري رڇ جي تعداد 700 کان 800 ۽ ڀوري رڇ جي تعداد 200 جي قريب آهي.
خبر جي اصل لنڪ هيٺ ڏجي ٿي
http://www.bbc.co.uk/urdu/pakistan/2015/02/150218_bear_fighting_ban_rwa

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: