حل ٿيل آڊٽ

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ جميل احمد طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2015۔

  1. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    آڊٽ جو تصور ڇا آهي؟ سنڌ جي سرڪاري ادارن جي آڊٽ ڪهڙو ادارو ڪندو آهي؟
     
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    عوام کان ٽئڪس جي شڪل ۾ اڳاڙيل ۽ حڪومت کان ادارن کي مليل رقم جو صحيح مصرف قانون جي دائري۾ ، يقين ڪرڻ لاءِ ان جو حساب ڪتاب (پڇاڻو) ڪرڻ کي آڊٽ چئبو آهي. سنڌ جي سرڪاري ادارن جي آڊٽ ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. پهرين جتان ان اداري جا بل پاس ٿيندا هجن مثال طور ڪنهن جا بل ٽريزري آفيس مان پاس ٿين ٿا ته بل کي پاس ڪرڻ کان اڳ اتان جو آڊِيٽر ان بل کي چڱي نموني جاچ ڪري پوءِ بل کي پاس ڪندو. ان کي اڳواٽ آڊٽ چوندا آهن. تنهن بعد سنڌ پراونشنل آڊٽ جي آفيس آڊٽ ڪندي ان کي پوسٽ آڊٽ چوندا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو