• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بلاول ڀٽو زرداري، نالي وٺڻ کانسواءِ چوي ٿو ته فريال ٽالپر ڪرپشن جي پاڙ آهي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اردو روزاني ايڪسپريس ۾ 18 فيبروري 2015 تي هڪ خبر ڇپي آهي جنهن ۾ بلاول ڀٽي زرداري، مخدوم امين فهيم سان، لنڊن ۾ 17 فيبروريءَ تي ٿيل ملاقات دوران ڄاڻايو ته هڪ خاتون (ظاهري اشارو فريال ٽالپر ڏانهن) ڪرپشن جي پاڙ آهي ـ پ پ پ جي ذريعن موجب بلاول پنهنجي هڪ ويجھي مائٽياڻيءَ تي سخت ڪاوڙيل آهي ـ سندس چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار عوام جي اميدن تي پوري لهڻ ۾ ناڪامياب ٿي آهي ـ هر سطح تي ڪرپشن ۽ بدعنوانيون آهن ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي طرفان قائم ڪيل پارٽي، عوام جي ڀروسي کي دوکو ڏنو آهي ـ جيستائين پارٽيءَ ۾ اختيار نه ملندا، واپس ڪونه موٽندس
 
اها ساڳي ڳالھ ذوالفقار مرزا به ڪئي ته پارٽي مان بي دخل ڪيو ويو.ڇا هاڻي بلاول کي پارٽي مان نيڪالي ڏني ويندي؟(ذوالفقار مرزا چيو هو قائم علي شاه کي فريال ٽالپر ٻُڌائيندي آهي ته ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇا نه ڪرڻو آهي)
 
هن ۾ ڪنهن قسم جو شڪ ناهي ته قائم علي شاه بيوس وزير آهي جيئن هن کي فريال يا آصف جو حڪم هوندو آهي ايئن ڪندو آهي هي پنهنجي مرضي سان کاڌو به نٿو کائي سگهي

بلاوس جي رسي وڃڻ پويان گهڻا ئي راض ٿي سگهن ٿا ۽ واقعن هاڻي هي پارٽي غريبن واري پارٽي ناهي رهي ان ۾ اڪثر نواب ۽ وڏيرا ايم پي اي ۽ ايم اين اي آهن
 
اهو ڪهڙو ليڊر آهي جنهن کي پارٽي ورثي ۾ ملي ۽ ان کي به نه سنڀالي سگهي.هاڻ ٻاهر ويهي ٿو رڙيون ڪري . ڇا هاڻ سنڌي عوام ووٽ ڏئي به پريشان رهي ته الائي بلاول هنن سان گڏ آهي به يا نه.هي سراسر سنڌين سان ويساهه گهاتي پيا ڪن. ڇو نه ٿو سنڌ ۾ اچي پاڻ ڪم کي سنڀالي نه ته هٿ ڪڍي.غريب ماڻهون کي ته مسئلا هل ٿيل کپن هنن جو ڇا وڃين اوهان سان ته ڪير پارٽي ۾ آهي ڪير ناهي. آء بلاول کي به هر شئي جو ذميوار سمجهان ٿو جيئن اوهين ٻين کي سمجهو ٿا.سنڌي ووٽر ووٽ ڏئي ته به آزر ۾ نه ڏئي به آزر ۾ آخر وڃي ڪيڏاهن.
 
Back
Top