محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اردو روزاني ايڪسپريس ۾ 18 فيبروري 2015 تي هڪ خبر ڇپي آهي جنهن ۾ بلاول ڀٽي زرداري، مخدوم امين فهيم سان، لنڊن ۾ 17 فيبروريءَ تي ٿيل ملاقات دوران ڄاڻايو ته هڪ خاتون (ظاهري اشارو فريال ٽالپر ڏانهن) ڪرپشن جي پاڙ آهي ـ پ پ پ جي ذريعن موجب بلاول پنهنجي هڪ ويجھي مائٽياڻيءَ تي سخت ڪاوڙيل آهي ـ سندس چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار عوام جي اميدن تي پوري لهڻ ۾ ناڪامياب ٿي آهي ـ هر سطح تي ڪرپشن ۽ بدعنوانيون آهن ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي طرفان قائم ڪيل پارٽي، عوام جي ڀروسي کي دوکو ڏنو آهي ـ جيستائين پارٽيءَ ۾ اختيار نه ملندا، واپس ڪونه موٽندس