• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسپين: ”اڇو منهن“ ڪرڻ وارو ساليانو فيسٽيول!

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
ميڊرڊ (ع آ نيوز) سڄي دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ اهڙن ماڻهن جي گھٽتائي ناهي، جيڪي نوان نوان طريقا اپنائي تفريح ماڻيندا آهن، اسپين۾ سالياني ”فلور فائٽ فيسٽيول“ رٿيو ويو، جنهن ۾شهري گھٽين ۾ گڏ ٿي هڪ ٻئي مٿان اٽو هاري هڪ ٻئي جو ”اڇو منهن“ ڪيو، ان ويڙهه ۾ مردن ۽ عورتن خاص طور تيار ڪيل فوجي طرز جو لباس پائي شرڪت ڪئي، جڏهن ته اٽي کي ٿانون بدران پائيپن ذريعي پاڻيءَ جيان هڪ ٻئي تي وسايو ويو، ويڙهه ۾ اٽي سان گڏوگڏ بيدن ۽ ڦٽاڪن سان به هڪ ٻئي تي حملا ڪيا ويا، ٻڌايو ويو ته هي ٻه سئو سال پراڻو ڏِڻ آهي جنهن کي اڄ به شهري هر سال ملهائيندا آهن.
 
Back
Top