• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قديم دور جو شيونگ پرزو!

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
نوووسبرڪ (ع آ نيوز) چيو وڃي ٿو ته هيءُ شيونگ جو اوزار چار هزار سال اڳ ڏاڙهي ڪوڙڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو هو. جيڪو ٻنهي پاسي کان تکو آهي. هي اوزار نوووسبرڪ جي علائقي وينگروف ۾ هڪ قديم آثارن جي هڪ نئي کوٽائي دوران هٿ آيو، ڪجهه وقت اڳ لاڳاپيل علائقو پٿر جي زماني طور ورهايل هو، پر ان علائقي منجهان هي اوزار پهريون ڀيرو لڌو ويو آهي. قديم آثارن جي ماهرن چيو آهي ته هي سنهو اوزار ٻنهي پاسن کان تکو آهي. پرڏيهي خابرو ادري سان ڳالهائيندي آرڪيالاجي ماهر وياچيسلا ف مولودن چيو ته هي هڪ سنهو پٿر جو بليڊ آهي جيڪو ٻنهي پاسن کان تکو آهي، جيڪو ان دؤر ۾ عام طور ڏاڙهي ڪوڙڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.
 
Back
Top