آمريڪي عورت ليڊيا چائيلڊ مڙس کان طلاق وٺڻ لاءِ پنهنجا ٻارن پالڻ لاءِ سرڪاري اداري کي امداد لاءِ درخواست ڏني ته اداري ان کي ڊي اين اي ثبوت ڏيڻ جو چيو جيئن خبر پئجي سگهي ته ٻار ان جا ئي آهن. ليڊيا ۽ سندس مڙس حيمي ٽائونسنڊ پنهنجا پنهنجا ٽيسٽ ڪرايا پر نتيجا اچڻ تي عورت کي مدد ملڻ بدران سندس خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي. نتيجن مان ثابت ٿيو ته جيڪڏهن ٽائونسنڊ ٻارن جو پيءُ هو پر ليڊيا انهن جي ماءُ نه هئي ۽ ڪنهن جا ٻار پنهنجا ظاهر ڪرڻ تي فراڊ ڪيس ۾ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ليڊيا تمام گهڻو پاڻ کي ٻارن جي ماءُ مڃرائڻ لاءِ وس ڪيا پر ڊي اين اي ٽيسٽ ڪجهه ٻيو ٻڌائي رهي هئي. آخر فيصلو اهو ٿيو ته نئي ٻار جي پيدا ٿيڻ جي نگراني ڊاڪٽرن پاڻ ڪندا ۽ پيدا ٿيندي ئي ٻار جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ويندي. جڏهن ٽيسٽ ٿي ته خبر پئي ته هوءَ ٻار جي ماءُ ناهي. عدالت به ان ڳالهه تي پريشان ٿي وئي ته ٻار عورت جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي ۽ ڊي اين اي پاس ڇو نه ٿو ٿئي. آخر ڪار ليڊيا جي وڪيل کي ”ڪائيمرازم“ نالي مسئلي جو علم ٿيو ته ماڻهن کي خبر پئي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ سائنس جو چوڻ آهي ته هڪ ئي انسان جي جسم ۾ رڳو هڪ ڊي اين اي موجود هوندو آهي. پر ڪائمرازم جي شڪار ماڻهن جي جسم۾ ٻن قسم جو ڊي اين اي هوندو آهي.
ان مان صاف ظاهر آهي تہ ڊي اين اي واري دعوا بہ سو فيصد درست ناهي ۽ ڳجھ جي پوري خبر وري بہ مالڪ (الله ) ئي ڄاڻي ٿو. سبحان الله