مئل پيءُ جي هيٺان دٻيل ٻارڙي جيئري هٿ

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG] چيو وڃي ٿو ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڏو آهي. آمريڪي رياست لوزيانا ۾ يارنهن مهينن جي ٻارڙي پنهنجي مئل پيءُ جي هيٺيان دٻيل رهي جيتوڻيڪ هوءَ معجزاڻي طور جيئري هئي. مقامي جاچ ڪندڙ اهلڪار موجب اولهه لوزيانا جي علائقي ”پليز نٽ هل“ ۾ رهندڙ 43 ورهين جو جيسن فيلڊز گهر ۾ پنهنجي ٻارن سان گڏ ويٺو هو ته اوچتو سندس دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو ۽ يارنهن مهينن جي ڌيءُ پنهنجي مئل پيءُ ۽ ڀت جي وچ ۾ اچي دٻجي وئي. واقعي بابت ان وقت خبر پئي جڏهن ان جي چئن سالن جي پٽ پاڙي وارن کي اطلاع ڏنو. ٻارڙيءَ کي تڪڙ ۾ اسپتال نيو ويو. ٽي ڏينهن تائين دٻيل ٻارڙيءَ جي جسم تي رهنڊون آيون جڏهن ته هاڻي ان جي صحت بهتر آهي. مقامي اهلڪار موجب ٻارن جي ماءُ روبن ڪيلي جيل ۾ هئي جڏهن ته ٻارن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ هاڻي ان کي وقت کان اڳ آزاد ڪيو ويو آهي. اهو به واضع ناهي ٿي سگهيو ته پيءُ جي موت جي ٽن ڏينهن تائين ڇوڪرو ڇا ڪندو رهيو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو