You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
مئل پيءُ جي هيٺان دٻيل ٻارڙي جيئري هٿ

چيو وڃي ٿو ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڏو آهي. آمريڪي رياست لوزيانا ۾ يارنهن مهينن جي ٻارڙي پنهنجي مئل پيءُ جي هيٺيان دٻيل رهي جيتوڻيڪ هوءَ معجزاڻي طور جيئري هئي. مقامي جاچ ڪندڙ اهلڪار موجب اولهه لوزيانا جي علائقي ”پليز نٽ هل“ ۾ رهندڙ 43 ورهين جو جيسن فيلڊز گهر ۾ پنهنجي ٻارن سان گڏ ويٺو هو ته اوچتو سندس دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو ۽ يارنهن مهينن جي ڌيءُ پنهنجي مئل پيءُ ۽ ڀت جي وچ ۾ اچي دٻجي وئي. واقعي بابت ان وقت خبر پئي جڏهن ان جي چئن سالن جي پٽ پاڙي وارن کي اطلاع ڏنو. ٻارڙيءَ کي تڪڙ ۾ اسپتال نيو ويو. ٽي ڏينهن تائين دٻيل ٻارڙيءَ جي جسم تي رهنڊون آيون جڏهن ته هاڻي ان جي صحت بهتر آهي. مقامي اهلڪار موجب ٻارن جي ماءُ روبن ڪيلي جيل ۾ هئي جڏهن ته ٻارن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ هاڻي ان کي وقت کان اڳ آزاد ڪيو ويو آهي. اهو به واضع ناهي ٿي سگهيو ته پيءُ جي موت جي ٽن ڏينهن تائين ڇوڪرو ڇا ڪندو رهيو؟