ساري شــهر وســايا پٿر ، جن ســــان چڪنا چور هُيو

غلام مرتضى ٿهيم

سينيئر رڪن

ساري شــهر وســايا پٿر ،
جن ســــان چڪنا چور هُيو،
پوءِ به هُن ٿي نعرا ماريا ،
مُڙس ته ڪو منصور هُيو !

وستيءَ وستيءَ، نگريءَ نگريءَ،
گيت سان جي گُونج ڪئي،
چانڊوڪيءَ ۾ چَنگُ وڳو ٿي،
رات پرينءَ جو پُور هُيو.

ڪالھ وفا جي ويراني ۾ ڪهڙي هرڻي اُڄ مُئي !،
سِج ازل جي اک لڳو ٿي ،
اُن ۾ ايڏو نُور هُيو !.

دريا دريا هُن جو مَن هو ،
صـحرا صحرا نيڻ هُيا،
پَل جو پانڌيئڙو آيو هو ،
وڃڻو هُن کي دُور هُيو.

ڏينهن تَتي جو آيو آهين ،
اڳ ۾ آئين ڇو نه ” اياز “ ،
ڇپري ڇَپري ڇانوَ هُئيم جنهن وقت نِمنُ ۾ ٻُور هُيو-

!
 
Back
Top