• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت شاخ نصرپور جي گڏجاڻي

khadim ghirano

سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت شاّخ نصرپور جي دستوري گڏجاڻي منٺار لاشاري جي صدارت ۾ ٿي جنهن ۾ ريحان ابڙو غزل ، اياز عالم ملوڪاڻي نظم ، عبدالحسين کوسو گيت ، سميع الرحمان ابڙو چوسٽو ، خادم گهراڻو ڪهاڻي ، ڍول گهراڻو گيت ، بدرالدين قاضي نثري نظم ، امان الله زبير ابڙو گيت ۽ منٺار لاشاري غزل اصلاحي تنقيد لاءِ پيش ڪيا جڏهن ته راجيش ڏيوجي قربان علي چنا جي شاعري ڳائي ٻڌائي ، منٺار لاشاري صدارتي راءِ ڏيندي چيو ته سنڌ جي ادبي علمي تاريخي شهر نصرپور ۾ هي ءُ ادبي ميڙ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي هي علم ادب جو شهر آهي هن ۾ جيڪا ادبي جوت دوستن چمڪائي آهي ان جي روشني سان هيءَ شهر منور ٿي ويندو ، مون کي اڄ نون ساٿين ملي تمام گھڻي خوشي ٿي
 
Back
Top