حل ٿيل موئيل جا فون نمبر ٽرانسفر ڪرڻ ۾ ڏکيائي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مون پنهنجي پراڻي موبائيل سيٽ، نوڪيا 2700 ۾ سيو ٿيل اٽڪل 1200 فون نمبر، نئين موبائيل سيٽ وائيس ـ وي 750 ۾ ٽرانسفر ڪيا آهن پر ائين ڪرڻ سان ٻه ٽي مسئلا پيدا ٿي پيا آهن.
01 ـ نئين موبائيل سيٽ ۾ 95 سيڪڙو فون نمبر ته سيوَ ٿي ويا آهن پر اهي سيريل ۾ ڪونه رهيا آهن. مثال: آءِ سيريز وارا نمبر پي ۾ اچي ويا آهن ۽ ڪيو وارا نمبر ايڪس وغيره ۾ ـ
02 ـ ڪيترا نمبر ته نالن سان گڏ سيوَ ٿيا آهن پراٽڪل اڌ فون وري بغير نالن جي سيوَ ٿيا آهن جڏهن ته نالي جي جاءِ تي نو نيم 0سڻ ۾ اچي ٿو يعني نالو ڪونهي ـ پر جڏهن ان تي، نو نيم جي باوجود ڪلڪ ڪجي ٿو ته نالو ۽ نمبراندر اچن ٿا ـ
03 ـ گھڻا نمبر مختصر نالن يعني مڪمل سان نه، سيوَ ٿيا آهن ـ
04 ـ ڪو نئون نمبر سيوَ ڪجي ٿو ته اهو به سيريز ۾ نظر نه ٿو اچي ـ مثال ايم نالي وارو نئون نمبر پي ۾ پيل هوندو آهي ـ
آهي ڪو حل؟
.
 
اڪثر مختلف آپريٽنگ سسٽم هجڻ ڪري اهڙا مسئلا اچي سگهن ٿا.. ڇو ته جڏهن به ڪنهن رابطي کي محفوظ ڪيو ويندو آهي ته پراڻا آپريٽنگ سسٽم نالي کي ٻن حصن ۾ محفوظ ڪرڻ بجاءِ هڪ ئي هنڌ نالي کي ٻن حصن ۾ محفوظ ڪري وٺندا آهن پر وچ ۾ اسپيس هجڻ ڪري نوان آپريٽنگ سسٽم نالن کي ٻن حصن ۾ پنهنجي اندازي سان محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ان ڪري اهو ممڪن آهي ته جيڪڏهن نالو رشيد سمون سان اڳ محفوظ ٿيل هو ته نئين سيٽ ۾ اهو سمون رشيد سان محفوظ ٿئي.. ۽ ائين نالو سيريز ۾ آر بجاءِ ايس سان محفوظ ٿيندو...
بظاهر ان مسئلي جو حل صرف اهو ئي نظر اچي ٿو ته اهڙن نمبرن کي ٻيهر اپڊيٽ ڪندي پنهنجي مرضي مطابق محفوظ ڪجي... :)
 
مهرباني، سائين
 
Back
Top