جسٽس رٽائرڊ ڀڳوان داس جو وڇوڙو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سپريم ڪورٽ ۾ ڊگهي عرصي تائين خدمتون ڏيندڙ سينيئر جج رٽائرڊ جسٽس ڀڳوان داس اڄ ڪراچي ۾ ديهانت ڪري ويو آهي. جسٽس ڀڳوان داس سپريم ڪورٽ جو قائم مقام چيف جسٽس رهڻ سان گڏ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين به رهيو. ڪجهه وقت اڳ جڏهن سڀني پارٽين کيس اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته پاڻ ان کان انڪار ڪيائون. ڀڳوان داس ايمناداري ۽ ميرٽ سبب مشهوري ماڻي.
    هو 20 ڊسمبر 1942ع ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي شهر نصير آباد ۾ پيدا ٿيو. ڀڳوان داس قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ سان گڏ اسلامڪ اسٽيڊيز ۾ ماسٽرس ڪئي. 1965ع ۾ بار ڪائونسل ۾ شامل ٿيو، 1967ع ۾ عدليه ۾ شامل ٿيو ۽ ڪيئي سال سيشن جج طور فرض ادا ڪندو رهيو. 1994ع ۾ سنڌ هاء ڪورٽ جو جج ۽ 2000ع ۾ سپريم ڪورٽ جو جج ٿيو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏23 فيبروري 2015
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سنڌي شخصيتن مان هڪ املھ ماڻهون جي کوٽ ٿي پئي ، ڌڻي مرحوم جي وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي ، اسان سندن ڏک ۾ شريڪ آهيون
     
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    قالو انا لله وَ انا اليه راجعون.
    آنجهاني جي وارثن کي الله سائين صبر عطا ڪري ۽کيس عقيدي جي مطابق چڱي ڪري.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عوامي آواز جي رپورٽنگ

    ڪراچي(رپورٽر) سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو وقتي چيف جسٽس ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو اڳوڻو چيئرمين راڻو ڀڳوان داس دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. اگني سنسڪار واري رسم ۾ مختلف شخصيتن جي شرڪت،پاڪستان هندو ڪائونسل پاران ٽي ڏينهن سوڳ، تفصيل موجب رٽائرڊ جسٽس راڻا ڀڳوان داس دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل هو، جتي هن ڪالهه 73 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏنو. راڻي ڀڳوانداس جو اگني سنسڪار پراڻي گوليمار جي مساڻ ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست ڊاڪٽر رميش ڪمار،ماجد ڀرڳڙي، عوامي آواز جي ايڊيٽر ڊاڪٽر ايوب شيخ، صحافي ذوالفقار واهوچي، پاڪستان هندو ڪائونسل جي صدر چيلا رام سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. . هوڏانهن جسٽس راڻي ڀڳوان داس جي لاڏاڻي تي پاڪستان هندو ڪائونسل پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.جڏهن ته جسٽس راڻا ڀڳوان داس جي لاڏاڻي تي صدر ممنون حسين، وزير اعظم نواز شريف، چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان، عمران خان، شهباز شريف، پرويز خٽڪ ۽ ٻين اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو آهي. راڻا ڀڳوان داس قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي جي شهر نصير آباد سان تعلق رکندڙ راڻو ڀڳوان داس 20 ڊسمبر 1942 تي نصير آباد ۾ پيدا ٿيو ۽ هن 1967 ۾ لاڙڪاڻي مان وڪالت جي شروعات ڪئي. هو 1994 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ 2000 ۾ سپريم ڪورٽ جو جج بڻيو. راڻو ڀڳوان داس سپريم ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس، اليڪشن ڪميشن جو وقتي سربراهه ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين به رهيو. فخرالدين جي ابراهيم جي استعيفيٰ بعد خالي ٿيل چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي لاءِ وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر راڻي ڀڳوانداس جي نالي تي اتفاق ڪيو پر هن عهدو سنڀالڻ کان انڪار ڪيو هو. چيف جسٽس افتخار چوڌري کي هٽائڻ وقت هو هندستان ۾ هو. واپسي تي وقتي چيف جسٽس ٿيو. شفاف ٽرائل بعد جسٽس افتخار کي بحال ڪيو ويو. هُن مشرف دور ۾ پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو هو ، پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪرڻ تي ٻين ججن سان گڏ راڻا ڀڳوان داس کي به گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو. راڻي ڀڳوان داس کي ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي، سندس ٻئي پٽ آمريڪا ۾ رهائش پذير آهن پر اهي پي ءِ جي بيماري سبب ڪراچي آيا هئا.

    راڻو ڀڳوان داس 1942ع ۾ نصير آباد ۾ ڄائو، استاد ۽ صحافي به رهيو

    نصير آباد : راڻو ڀڳوانداس 1942ع ۾ نصير آباد جي هندو خاندان زميندار جيتو مل ٿياڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. راڻو ڀڳوانداس وارا پاڻ ۾ چار ڀائر هيا. راڻو ڀڳوانداس سڀني ڀائرن ۾ وڏو هيو. راڻو ڀڳوان داس هن کي هڪ نياڻي ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي راڻو ڀڳوان دس جا ٻئي پٽ آمريڪا جي هڪ نجي ڪمپني ۾ملازمت ڪندا آهن. راڻي ڀڳوانداس بنيادي تعليم نصير آباد ۾ هڪ استاد قادن وٽ حاصل ڪئي. ميٽرڪ جو امتحان نصير آباد هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ کانپوءِ انٽر لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج مان ڪيائين. جنهن بعد ايل ايل بي اسلامڪ لا ڪاليج مان پاس ڪيائين. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ راڻو ڀڳوان داس صحافتي شعبي سان پڻ سلهاڙيل رهيو. راڻو ڀڳوانداس 1960ع کان 1965ع تائين نصير آباد جي اقراءَ اردو اسڪول ۾ هيڊ ماستري جا فرائض پڻ ڏيندو رهيو. مشهور قانوندان عبدالغفور ڀرڳڙي وٽ وڪالت جي سکيا ورتي ۽ ڪيترو ئي وقت وڪالت ڪرڻ بعد سول جج ماتلي مقرر ٿيو. جنهن بعد سيشن جج لاڙڪاڻي جي عهدي تي مقرر ٿيو. جنهن بعد کيس هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج طور مقرر ڪيوويو. راڻو ڀڳوان داس جي محنت ۽ ايمانداري جي ڪري سپريم ڪورٽ جو سينيئر جج مقرر ٿيو. جنهن بعد رٽائرمينٽ بعد کيس پبلڪ سروس ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو ويو.

    راڻي نبي ڪريم صه جي ساراهه ۾ شاعري ڪئي: سفر نامو به لکيو

    نصير آباد : راڻي ڀڳوانداس شاعري کي پسندڪندو هيو. هن شاعري پڻ ڪئي هئي. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ پڻ شاعري ڪئي. راڻي ڀڳوانداس سفر نامو پڻ لکيو هيو.

    چيف جسٽس ٿيڻ باوجود راڻو بنا پروٽوڪول اباڻي علائقي ۾ ايندو هو، لاڏاڻي تي نصيرآباد ۾ سوڳ

    نصير آباد (ن ع آ) پرائمري ماستر کان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي تي رهندڙ راڻي ڀڳوانداس جي وڇوڙي واري خبر راڻي ڀڳوانداس جي اباڻي شهر نصير آباد کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو. هندن جا مکيه ڪاروباري مرڪز سوڳ ۾ بند رهيا. راڻي ڀڳواندس جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ڪيترائي هندو توڙي سندس ڪلاس فيلو ڪراچي روانا ٿي ويا. مختلف اهم عهدن تي رهڻ باوجود راڻو ڀڳواندس پنهنجي جنم ڀومي کي ۽ پنهنجن دوستن کي نه وساريو. نصير آباد جي دوري دوران پنهنجي زرعي زمين تي بغير ڪنهن سيڪيورٽي جي ويندو رهندو هو ۽ هارين سان ملي ڪري انهن جا ڏک سور ٻڌي حل ڪندو هيو. راڻي جي دوست صالح محمد سومري چيو ته راڻو انتهائي هوشيار ۽ ايماندار هو. وڏي عهدي تي رهڻ باوجود دوستن سان ملندو هو.
     
  5. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    ٻُڌي افسوس ٿيو!
    الله تعالي گهر وارن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. آمين...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو