سنڌ جي وسندي: سن شهرجو ماضي قريب ۽ حال

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    سن شهرجو ماضي قريب ۽ حال
    تحرير: خدابخش جويو

    سن، سنڌ جي وچولي حصي ۾واقع آهي.هن وقت سن کي ٽائون جي حيثت مليل آهي. سيد سن کي ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو سيد امداد محمد شاهه جي ڪوششن سان 1982ع ۾ مليو. ”پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سن شهر ضلعي دادوءَ ۾ تعلقي هيڊڪوارٽر هو. سن ۾ اهي سڀ گهربل سهوليتون هيون. جيڪي هڪ تعلقي هيڊڪوارٽر لاءِ ضروري هونديون آهن. مختيارڪار جي آفيس هئي، جيل جون جايون هيون، پوليس جو ٿاڻو هو ۽ ٻيون سرڪاري آفيسون هيون.“ پر پوءِ جيئن ون يونٽ ٺهيو ته سائين جي ايم سيد کي جيل ۾ واڙيو ويو ۽ سن تعلقي کي ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو.

    (جن پڙهايو پاڻ: خاڪي جويو،

    مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ، حيدرآباد سنڌ 2010ع، صفحو 59)

    چيو وڃي ٿو ته ون يونٽ جي مخالفت سبب سن مان تعلقي هيڊڪوارٽر کي ڪوٽڙيءَ ۾ تبديل ڪيو ويو. هڪ دفعو ٻيهر 2004ع ۾ سن کي تعلقي جو درجو مليو پر اها ساڳي سوچ جيڪا ون يونٽ جي حمايت يافته هئي، ان وري سياسي طور سن تعلقي هيڊڪوارٽر جي مخالفت ڪئي ۽ سرڪار تعلقي هيڊڪوارٽر تبديل ڪري مانجهند ۾ آندو.

    ان جي اوڀر ۾ سنڌو درياءُ وهي ٿو. زمين واريا سي ۽ لٽ واري آهي. درياءَ جي اٿل سبب پاڻي شهر سان لڳندو آهي. درياءَ جي هن ڀر محراب پور، سڪرنڊ، مجيد ڪيريو ۽ نواب شاهه شهر اٿس. انهن شهرن سان پتڻ جي ذريعي وڻج واپار ٿيندو آهي. سن کان اولهه تائين وارو حصو پڪو سڏجي ٿو. جيڪو لڪيءَ وارن جبلن تائين پکڙيل آهي. آبادي شاه اويس ڪئنال، پمپنگ اسڪيم ۽ ڇڇر پمپنگ ذريعي ٿئي ٿي. جنهن مان ڪروڙن جي اپت ٿئي ٿي. سن جي اولهه واري حصي کي طبعي طور جابلوعلائقو چون ٿا. جيڪو ڀڳو ٽوڙهو کان شروع ٿئي ٿو ۽ کيرٿر جبل ۽ سليمان جبل جي قطار سان ملي ٿو. ان جبل مان ڪيتريون ئي معدنيات نڪرن ٿيون. جهڙوڪ: ڪوئلو، ريتي، چن جو پٿر، چرولي، وغيره کير ٿر جبل مان نئين سن اچي ٿي جيڪا سن وٽ سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سن کان 18 ڪلوميٽرن تي اولهه ۾ لڪيءَ وارن جبل ۾ ايشيا جووڏي۾ وڏو ”رني ڪوٽ“ نالي قلعو آهي. ۽ کير ٿر جبل جي هن پار بلوچستان، ٿاڻو بولاخان، ٿاڻو عارب خان، مول سري ۽ ڪراچي جو ڪجهه علائقو آهي. جتي آبادي مينهن جي پاڻي، چشمن، ۽ کوهن تي آهي نيشنل کيرٿر پارڪ هن جابلو علائقي ۾ آهي. منجهس ڪيترائي جانور موجود آهن. جهڙوڪ سرهه، (Ibex) گڊ، هرڻ، ڦاڙها، رڍون، ٻڪريون، ڳئون، مينهون، بگهڙ شينهن، گدڙ، واڳون، تتر، ڳيرا، نانگ، بلائون وغيره. ڏکڻ اولهه ۾ تاريخي شهر آمري ، لڪي ۽ سيوهڻ اٿس.

    سن ۽ آس پاس جي آبهوا سياري ۾ سرد ۽ اونهاري ۾ نهايت گرم آهي.

    ميرن جي وقت ۾ سن شهر ۾ هڪ بزرگ مخدوم عارف سنائي، ولد محمد افضل جو هڪ عاليشان مدرسو هوندو هو. جنهن ۾ آس پاس جا شاگرد سندس رهنمائي ۾ عربي، پارسي، فقه، حديث، قرآن ۽ اخلاقي تعليم حاصل ڪندا هئا. پاڻ جيستائين حيات هو ته اهو درس ۽ تدريس جو ڪم جاري رکيائين. ڪيترا طالب سندس علم مان سيراب ۽ فيضياب ٿيا. سيوهڻ جو مشهور عالم فقه ۽ حافظ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي سندس همعصر هو. مخدوم عارف سنائي، لاءِ ڪتابن ۾ تحرير ٿيل آهي ته پاڻ سنڌ ۾ وڏو عالم فقه جو ڄاڻو هو. تحريرن جو ماهر هو. جيڪو خود سخي، شاعر، سخن شناس ۽ عالمن جي وڏي عزت ڪندڙ هو. مخدوم عارف جي وفات جي پوري خبر نٿي ملي، پر ڪتاب ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ۾ لکيل آهي ته 1222هجري کان پوءِ سندس وفات ٿي آهي.

    1839ع ۾ ڪئپٽن ايسٽوِڪ سنڌو درياءَ جوسفر ڪيو. هن ان سفر دوران پنهنجي ڊائري لکي ۽ ”نئين مصر جا پراڻا ورق“ جي نالي سان ڪتاب ڇپيو. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيو ويو، ان ۾ هن سن متعلق جيڪو ذڪر ڪيو سو هن ريت آهي ”فيبروري جي 24 تاريخ تي اسين وڃي سن پهتاسين جو چڱو شهر آهي، سندس چمڪندڙ اڇي مسجد پري کان چڱو ڏيکاءُ پئي ڏنو. سن ۾ اسان جو پهچڻ هڪ وڏيءَ لهر جي اثر هيٺ ٿيو هو، اسان جي ٻيڙي جو رسو ٽٽي پيو، ان ڪري البته ڪجهه دير ٿي وئي. خلاصين جي جماعت ۾ مون کي وهم ڏسڻ ۾ آيو جو هو ڪانگ کي ٻيڙيءَ تي ويهڻ ڪونه ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهو سندن خيال موجب هڪ بد سوڻ آهي. هتان سيوستان جا جبل پهريون دفعو ڏسبا آهن. جيئن ته انهيءَ جي آڏو جيڪو ميدان آهي سو جبل جي پاڙ تائين آهي. ان ڪري اهي وڌيڪ اڀا ڏسڻ ۾ ايندا آهن پر سندن اوچائي ٻارهن سئو فوٽن کان ورلي وڌيڪ هوندي.“

    اسٽوِڪ جيڪو 1839ع ۾ سنڌوءَ جي ذريعي سفر ڪيو هو ۽ هن جنهن اڇي مسجد جو ذڪر ڪيو اها اڇي مسجد سن وٽ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي درگاه شاه حيدر سان گڏ موجود هئي. ان مسجد مٿان اڇو گنبذ هو. جيڪا 1964ع ڌاري درياءَ جي پائيندڙ جي ڪري، درياءَ خورد ٿي وئي.

    محترم بدر ابڙي ”سنڌوءَ جو سفر“ ۾ پنهنجا مشاهدا قلمبند ڪيا آهن. جنهن موجب: ”سن پتڻ جي اهميت سندس نالي مان ظاهر آهي. سن معنيٰ پراڻو، سن شهر جي اڄوڪي سڃاڻپ سائين جي ايم سيد آهي. جنهن جي قومپرست سياست سنڌ جي نوجوان طبقي لاءِ وڏي ڇڪ رکي ٿي. سيد جي عمر هن وقت 88 سال آهي پر سندس سياست نوجوانن ۾ ڪافي مقبول آهي. ملڪ جي سياسي ڇڪتاڻ ۽رياستي جبر، نوجوانن کي سخت رويي واري سياست ڏانهن لاڙيو. جيتوڻيڪ جي ايم سيد اهنسا جي ڳالهه ڪئي پر جڏهن به قوم پرست سياست جو لفظ پڙهجي ٿو، رت ۽ بارود جي بوءِ اچي ٿي. اها فقط سنڌ جي ڳالهه ناهي. فلسطين کان ڪيوبا، ڪشمير کان بنگال ۽ جرمني کان آئرلينڊ تائين هر هنڌ ساڳي صورتحال آڏو ايندي رهي آهي.

    بهرحال، سن اهو ماڳ ٿي سگهي ٿو جتان قبل مسيح ۾ يوناني فوجون سڪندر جي اڳواڻيءَ ۾ پٽاله کان درياءَ ٽپي، اولهه طرف آيون. منهنجو خيال آهي ته سڪندر جون فوجون مانجهند وٽان درياءَ نه اڪريون هونديون ڇو ته اهو پٽاله جي امڪاني ماڳ کان گهڻو هيٺ آهي. فوجون سن وٽان دريا ءَ ٽپي 18 ميل پري ڏکڻ اولهه واري محفوظ ماٿري (رني ڪوٽ) ۾ منزل هئڻ لاءِ اڳتي وڌيون هونديون. منهنجو خيال آهي ته رني ڪوٽ ئي اهو قديم نيرون ڪوٽ آهي، جنهنجو ذڪر چچ نامي ۾ آهي. نيرون ڪوٽ مان حجاج بن يوسف ڏانهن لکيل هڪ خط ۾ محمد بن قاسم ”سدِ سڪندريءَ“ جو حوالو ڏنو آهي. محمد بن قاسم، نيرون ڪوٽ لاءِ اهو تعريفي حوالو لکيو هو. هن سڪندر کي رومي لکيو آهي. جڏهن ته رني ڪوٽ جي اڀرندي دروازي کان فقط هڪ ميل اوڀر ۾ نئين جي ڪنڌيءَ تي ”رومين جون قبرون“ آهن. جيڪي مسلمانن جون ناهن. انهن قبرن ۾ مڙدا اولهه _ اوڀر رخ ۾ پوريل آهن. جيتوڻيڪ ڪوهستان ۾ مسلمانن جي ڪن قديم قبرستانن جا نالا ”روميون“ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا پر اهو به ٿي سگهي ٿو ته رمينِ جون قبرون جيڪي پٿر جون هيون، سان هڪ جهڙائي سبب پٿر جي ٻين قبرن کي به ڪٿي ڪٿي روميون سڏيو ويو . مختصر اهو ته، سڪندر اعظم جي واٽ ۾ رني ڪوٽ وٽ ”رومين جون قبرون“ اچن ٿيون. سڪندر اعظم رني ڪوٽ کان پوءِ ڏکڻ طرف ٿاڻي بولا خان ٿيندو اڳتي وڌيو هو.

    خير محمد ٻرڙي پنهنجي تحقيق ۽ تصنيف ”سيوهڻ صدين کان“ ۾ سترهين صديءَ ۾ ساڄي ڪپ وارن ڇهن پرڳڙڻن جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن مطابق ”سن پرڳڻي ۾ سن،آمري، ٺٽ ولي محمد، ارد بيلا، جيسر، شال مشهور ڳوٺ هئا. منجهس سيد، لاکا، مانجهند، کماڻ، ڇڇر، گائينچا، ٻرڙا، ڪوريجا، رهندا هئا. هن علائقي جي ماڻهن شاهه حسن جي خلاف همايون جي مدد ڪئي هئي.

    نومڙين ۽ سميجن سن، آمري، ۽ ٺٽ ولي محمد کي ڦري لٽي ويران ڪري ڇڏيو، نومڙيا ان حڪومت ۾ وڏي طاقت رکندا هئا.وٽن 300 سئو سوار ۽ ست هزار جوان هوندا هئا. جيڪي مغلن ۽ رعيت کي تنگ ڪندا رهندا هئا. آمريءَ ۾ احمد بيگ هڪ قلعو اڏايو هو، يوسف ميرڪ جڏهن هتي پهتو ته قلعو ويران هو.

    سن شهر 15 صدي کان آباد آهي. درياءَ جي ڪپ تي هئڻ ڪري کيس پاوت ٿيندي رهندي هئي. احمد بيگ سن جي چوڌاري قلعو ٺهرايو هو. هن شهر به ڪيئين دور ڏٺا آهن. هن وقت هي شهر سائين جي ايم سيد جي ڪري مشهور آهي“.

    ”شاهه حسن ارغون جي وقت ۾ همايون سنڌ ۾ آيل هو، جنهن جي ڊپ کان ارغونن سن، آمري، لڪي، سيوهڻ جي آس پاس فصل ۽ وڻ ٽڻ ساڙائي ختم ڪري ڇڏيا هئا ته جيئن همايون ۽ ان جو لشڪر ۽ جانور بکن وگهي مري وڃن ۽ واپس موٽي وڃي.خاص طور اتي رهندڙ لڪياري سادات تڪليف ۾ آيا. مير ابوالقاسم نمڪين سندن تڪليف کي دور ڪيو. جاگيرون ڏنيون، سندن ڍلون معاف ڪيون ۽ کين گهر ٺهرائي ڏنا. سميجن ۽ نومڙين کين ڦريو هو ۽ سندن ڪافي ماڻهو ماريا هئا. جن ۾ سيد به هئا. مير نمڪين سرڪاري پيدائش مان هڪ حصو سيد ابوبڪر جي اولاد کي هڪ حصو باقي ساداتن ۾ ۽ ٻه حصا رعيت ۾ تقسيم ڪيا.“ (سيوهڻ صدين کان.صفحو 240)

    ماضي قريب ۾ سن شهر جي رهواسين جو گهڻو ڪري گذر معاش جو ذريعو سنڌو درياءَ رهيو آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن جو زراعت جي پيشي سان وابستگي رهي آهي. سن جو شهر سنڌوءَ جي ڪپ تي آهي. وڏڙن جي چواڻي موجب سن شروع کان وٺي سنڌوءَ جي ڪپ تي هئڻ سبب، درياءَ جي اٿل پٿل ۽ پاوت سبب ٻه دفعا شفٽ ٿي چڪو آهي. نير۽ سڻي جي اپت جي ڪري سن جو علائقو مشهور هو.

    انگريزن جي دور ۾ هن علائقي ۾ غلام حسين واڍي نالي هڪ ڌاڙيل هوندو هو جيڪو ڳوٺن تي حملا ڪندو هو. ان جي حملن جي بچاءَ خاطر سيد محمد شاهه (جي ايم سيد جو والد) سن شهر جي چئني ڪنڊن کان مورچا ٺهرايا هئا ۽ باقاعدگيءَ سان شهر جي چوڪيداري پڻ ٿيندي هئي. اهوئي سبب هو جو غلام حسين ڌاڙيل ڪڏهن به سن شهر تي حملو نه ڪيو. اهي 4 مورچا ڪافي وقت تائين سن جي چئني ڪنڊن کان موجود هئا اهڙي قسم جا مورچا هڪ دفعو ٻيهر 1962ع ۾ ڌاڙيل ٽوهه چانڊئي جي مارجڻ کان پوءِ سن شهر جي مختلف گهٽين جي مهڙ ۾ ٺاهيا ويا هئا. موجوده سن کي برقرار رکڻ لاءِ آخري ڀيرو سن شهر کي 1964ع ڌاري درياءَ جي پائيندڙ جي ڪري، پاڻي پائڻ شروع ڪيو هو ته شهرين ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ايريگيشن جي سهڪار سان رضاڪارانه طور جوش ۽ جذبي سان بند ٻڌڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو. سنڌو درياءَ جي پائيندڙ کي روڪڻ لاءِ هڪ پٿرن جو پيچنگ هڻڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري شهر کي بچائي ورتو هو. سنڌو درياءَ پنهنجي موجن ۾ هوندو هو. شهر ۾ ملاحن سميت ٻين ذاتين جا ماڻهو به مڇي ۽ پلي مارڻ ۾ مهارت رکندا هئا ۽ وافر مقدار ۾ مڇي ۽ پلي جو شڪار ٿيندو هو. جڏهن ته پيش مان ٺهندڙ شين، مثلن: ڇٻا، دٻڪيون، صند، ٻهارا، تڏا جوڙڻ جا ماهر هوندا هئا. ۽ سن شهر ۾ پيش مان ٺهندر سامان خريد ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن جا واپاري ايندا هئا.

    انهيءَ دور ۾ سن ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جا آڏاڻا (ڪارخانا) هوندا هئا. جن ۾ الهورائي ميمڻ جو مشهور ڪارخانو هوندو هو. جنهن ۾ غربي، کاڌي، هٿ منهن اگهڻ جا ٽوال، بسترن جون چادرون، کاڌي ۽ اوچي قسم جو ڪپڙو ۽ ٻيڙين جي سڙهه وارو ڪپڙو به تيار ٿيندو هو. جيڪو حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن وڪري لاءِ موڪليو ويندو هو. ان کان علاوه گهرو هنرن ۾ ڇٻن، دٻڪين، ٻهارن، واڻ ۽ پيش جي تڏن مان شهرين جي آمدني ٿيندي هئي. جيڪي ”سن جي سوکڙي“ طور مشهور هنيون. ان جون ڪاريگر عورتون هونديون هنيون. ان هنرن ۾ ملاح، خاصخيلي، جويا، کماڻ ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو شامل هوندا هئا.

    1925ع ڌاري سن جي ٻاهران سائين جي ايم سيد ”باب قليچ“ ٺهرايو هو، جيڪو وقت گذرڻ سان ختم ٿي ويو.

    سن شهر اجرڪن ٺاهڻ جي ڪري به مشهور آهي. اعليٰ قسم جون اجرڪن، ٺاهڻ جا ڪارخانا هوندا هئا. جن ۾ خاص طور تي برادي سومرو ۽ محمد صديق سومرو جا ڪارخانا مشهور هئا. هن وقت به انهن جو اولاد اجرڪن ٺاهڻ جو ڪم جاري رکيو اچن. جنهن ۾ خاص طور تي لکاني سومرو ۽ ٻيا سندس ساٿي ان ڪم کي جاري رکيو اچن.

    سن شهر ۾ تيل جا گهاڻا هوندا هئا، جنهن ۾ سرهن، ڄانڀي، جو مشهور تيل تيار ڪري ڏيساور موڪليو ويندو هو. انهن گهاڻن ۾ خاص طور تي عاقل ميمڻ جو گهاڻو، پانڌي ميمڻ جو گهاڻو، ورو ميمڻ جو گهاڻو، ابل پليجي جو گهاڻو مشهور هوندا هئا. اڪثر گهاڻن جي احاطي ۾ پاڻي ءَ جا کوهه به هوندا هئا. سن شهر جيتوڻيڪ درياءَ جي ڪپ تي آهي پر ان جي باوجود زمين مان کوهن رستي نڪرندڙ پاڻي ٻاڙو نڪرندو آهي، اڪثر گهاڻن وارا هار وير لاءِ کوهن جو پاڻي استعمال ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته پيئڻ جو پاڻي درياءَ تان پکالن جي ذريعي آندو ويندو هو. جيڪو ڍڳن تي پکال رکي درياءَ تان ڀري شهر ۾ ماڻهو پنهنجي گهرن جي استعمال لاءِ آڻيندا هئا. پکال چمڙي جي ٺهيل هوندي هئي. جيڪا ڍڳي تي رکي، درياءَ تان ڀري، پوءِ شهر ۾ گهرن، دوڪانن، مسجدن ۽ ٻين هندن تي آڻي سندارن جي ذريعي خالي ڪري مٽ، دلا ۽ ناديون ڀريون وينديون هنيون. هي گهاڻا 1970ع تائين هليا، هن وقت صرف هڪ گهاڻو حاجي پليجي جو موجود آهي. جنهن ۾ کڙ، تيل، وغيره تيار ٿيندو آهي.

    انگريزن جي دور ۾ سن شهر کي وڏي اهميت حاصلهئيڇو ته هندو هن شهر ۾ گهڻا رهندا هئا ۽ پوري شهر تي سندن سياسي، تعليمي ۽ واپاري اثر هو. برصغير جي وڏي سياسي شخصيت سائين جي ايم سيد جو سياست ۾ هجڻ جي ڪري هن شهر ۾ تمام وڏيون، وڏيون سياسي گڏجاڻيون، ۽ ميٽنگون ٿيون. سن شهر کي اها سعادت حاصل آهي ته اڪثر ڪري برصغير جا وڏا ليڊر هن شهر ۾ پنهنجا پير گهمائي ويا آهن.

    عبدالحئي پليجو، پنهنجي آتم ڪٿا ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ جي صفحي 102 تي سن متعلق پنهنجي ساروڻين ۾ لکي ٿو ته: ”سن شهر جو نقشو جيڪو اڄ آهي سو 1958ع ۾ بلڪل نه هو. سن بلڪل هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ چند دڪان ٻه ٽي سرڪاري جڳهيون، سيدن ۽ ميمڻن جا چند پڪا گهر، جڏهن ته ٻيو سڄو شهر ڪچن گهرن تي قائم هو. پر تڏهن به جي ايم سيد جو ڳوٺ هجڻ ڪري، سندس اهميت ان وقت به هئي۽ اڄ به آهي.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته: ”جنرل ايوب جي مارشل لا ۾ سائين جي ايم سيد تي سخت پهرو هو ۽ گهر ڀاتين کان سواءِ ساڻس ڪنهن کي به ملڻ نه ڏيندا هئا. پر بابا ان دور ۾ به ڪنهن نه ڪنهن بهاني، سان ساڻس ملي وٺندا هئا. هڪ دفعي مون کي ياد آهي ته اسان سن وياسين ته سائين جي ايم سيد جي جڳهه تي مزدورن ڪم پئي ڪيو ۽ بابا هڪڙي مزور جا ڪپڙا پائي، مٿي تي تغاري رکي، اندر وڃي سائينءَ سان ملي آيو ۽ ڪنهن به ڊيوٽي عملدار کي خبر ڪانه پئي. اها هئي سيد سان محبت جي انتها، نه ته ارباب نور محمد جي به سنڌ هڪ سڃاڻپ ۽ عزت هئي“ وڌيڪ صفحي 64 تي لکي ٿو ته اسان ٻيو ڏينهن به سائين جي ايم سيد وٽ رهي پياسين ۽ بابا مون کي اتي پليجن سان ملايو، جيڪي سن شهر ۾ رهندا هئا. ٻنون ۽ سن ٻئي ڳوٺ درياءَ جي ڪپن تي ۽ ٻيلن جي ٻنڌين تي قائم آهن. ٻئي بلڪل ٻهراڙي جا لڳندا آهن ۽ ٻهراڙي نيچر جي وڌيڪ ويجهو لڳندي آهي. شهرن ۾ ڪافي مصنوعيت هوندي آهي. هٿرادو پارڪ ۽ وڻ هڪ ٻئي سان ملڻ به مصنوعيت، چپن تي ڪوڙي ۽ هٿرادو مرڪ، هڪ ٻئي جي هرون ڀرون تعريف ۽ هر ڳالهه ۾ مطلب ۽ مفاد، پر اندر ڪير نه ڪنهن جو.

    هن شهر کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ،خوبصورت بنائڻ ۽ وڌيڪ مثالي شهر بنائڻ ۾ سائين جي ايم سيد جي ننڍي فرزند سائين امداد محمد شاهه جو وڏو هٿ آهي، جنهن جي ڪوششن سان مڊل اسڪول، گرلس اسڪول، واٽرسپلاءِ اسڪيم ۽ سن کي ٽائون ڪميٽي جو درجو مليو. جڏهن پاڻ 1985ع ۾ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر ٿيا ته سن ۾ 1989ع ۾ نئون هيلٿ سينٽر قائم ڪرايائين.

    سيد امداد محمد شاهه 1981ع ۾ پرائمري اسڪول جي سامهون هڪ وسيع پارڪ جوڙايو، جيڪو شيخ عبدالمجيد سنڌي جي نال منصوب ڪيو ويو. جنهن جو افتتاح سائين جي ايم سيد ڪيو.

    هن وقت سن ۾ ٻه بينڪون مسلم ڪمرشل بينڪ ۽ نيشنل بينڪ موجود آهن. سن، سنڌ جو مشهور پتڻ آهي. جيڪو ڪنهن به دور ۾ بند نه ٿيو آهي. 1983 ۾ ڌاڙيلن جي دور ۾ ڪجهه وقت لاءِ بند ٿيو هو. جتان هن علائقي جا ماڻهو درياءَ جي هن ڀر محرابپور، مجيد ڪيريو، سڪرنڊ، نوابشاهه سان وڻج واپار ۽ ٻين ڪمن ڪارين لاءِ اچ وڃ جاري رهندي آهي.

    سن ۾ 1987ع کان مقامي فنڪارن جو هڪ سنگ جڙيو، جنهن ۾ الهورايو شاهه، جاني چانڊيو، استاد ابراهيم شاهاڻي، علي شير ڇڇر، غلام رسول کماڻ، نبي بخش ملاح۽ ماستر حاڪم ڇڇرشامل آهن. هي فنڪار هر مهيني جي پهرين سومر تي رات جو درگاهه حيدر شاهه تي محفل ڪندا آهن. ان محفل جا سمورا انتظام ڪيلو فقير پليجو ڪندو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو