رني ڪوٽ خدابخش جويو رني ڪوٽ، سنڌ جو شاهڪار تاريخي ڪوٽ ’55‘ ’27‘ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ ’15‘ ’26‘ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي سن شهر کان 18 ميل اولهه طرف جابلو سلسلي کير ٿر ۾ واقع آهي. هي دنيا جو هڪ وڏو ڪوٽ آهي. سنڌ جي هن قديم ڪوٽ لاءِ ڪيترائي طلسماتي پر اسرار ۽ رومانيت سان لبريز داستان موجود آهن. ڪوٽ جي عمر ۽ پکيڙ کان وٺي اڏاوت تائين ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون. ايراضيءَ جي لحاظ کان جيترو وڏو هي ڪوٽ آهي، اوترو ئي ان جي ساخت ۽ قدامت لاءِ محققن جا رايا مختلف آهن. ويجهي دور جي محققن جي راءِ آهي ته رني ڪوٽ ٽالپرن جي دور ۾ ٺهي راس ٿيو. ڪي هن جي تعمير کي عربن، ساسانين ۽ يوناني باخترن جي دورن تائين کڻي وڃن ٿا. ڪن محققن جو اهو خيال آهي ته رني ڪوٽ حضرت عيسيٰ کان به ٻه هزار سال پراڻو آهي. ڪجهه ليکڪن رني ڪوٽ کي چين جي ديوار سان وڃي ملايو آهي ۽ لکيو آهي ته ڪوٽ ڀرسان لنگهندڙ رستي ذريعي ڪوٽ وارن جا ناتا چين ولايت کان وٺي روم ۽ يونان سان هئا. رني ڪوٽ سنڌجي لڪي جبل وارين قطارن تي اڏيل آهي. سنڌو درياءَ جي اولهه ۾ اتر کان ڏکڻ طرف هڪ جابلو سلسلو کيرٿر جبل جو آهي. هن جابلو سلسلي جي ڊيگهه اٽڪل 150 ڪلو ميٽر کن آهي. سن شهر واري جابلو سلسلي کي لڪيءَ سلسلي جو نالو ڏنو ويو آهي. لڪي جبل جون وري ٽي قطارون آهن. جيڪي ڀڳي ٽوڙي تائين اچن ٿيون. لڪي جبل جي پهرين اوڀر واري قطار کي ’لنڊي‘ سڏجي ٿو. وچين قطار کي ’ڏاڦڙو‘ ۽ اولهائين قطار کي ’ڪارو‘ ڪوٺجي ٿو. رني ڪوٽ لڪي جبل جي ٽنهي قطارن تي نروار بيٺل آهي ۽ لڪي جبل جي ٽنهي قطارن جون ماٿريون هن ڪوٽ اندر اچي وڃن ٿيون. رني ڪوٽ جي وچ مان هڪڙي جابلو نئين وهي ٿي. جنهن کي نئين رني سڏيو ويندو آهي. جنهن ڪري ئي ڪوٽ جو نالو ’رني ڪوٽ‘ مشهور ٿيو. ٻوليءَ جا ماهر رنيءَ جي معنيٰ پاڻي جو قدرتي وهڪرو ڪڍن ٿا. جڏهن ته ٻين لفظن مان به رني جي معنيٰ نڪري ٿي. جهڙوڪ: ’روڻي يا روڻاءِ‘ جنهن جو مطلب آهي، پاڻيءَ جو عارضي مقدار، ننڍو وهڪرو ۽ ’راڻ‘ يا ’ران‘ لفظ به پاڻيءَ جي وڏي وهڪري کي ظاهر ڪن ٿا ۽ رنيءَ جي معنيٰ پاڻي جو وڏو وهڪرو ظاهر ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت رني ڪوٽ جي معنيٰ ’جابلو نئين وارو قلعو‘ ٿئي ٿي. ڪن محققن جو اهو به رايو آهي ته نيرون ڪوٽ حيدرآباد نه پر نئين رني ڪوٽ آهي. رني ڪوٽ جو گهيرو 24 ميل آهي. جنهن ۾ انساني هٿن جي ٺهيل پٿريلي ديوار 5 ميلن تائين ٺهيل آهي. باقي سمورو حصو قدرتي طور جبل سان والارجي وڃي ٿو. ان دور جي ماهرن ۽ قلعي ٺاهيندڙ ڪاريگرن جتي ضرورت محسوس ڪئي ته، اتي هٿرادو ديوار کنيائون. باقي حصي کي قدرتي طور اڀڪپرين ٽڪرين ۽ جبل جي آڌار ڇڏي ڏنائون. قدرتي طور آڏو آيل جبل يا ٽڪريون ايڏيون ته اڀيون، مٿي ۽ لسيون آهن جو انهن کي، ڪو به سولائيءَ سان پار ڪري نه ٿو سگهي. اهي اڀڪپريون ٽڪريون يا جبل اٽڪل ٻه هزار ڦوٽن تائين بلند آهن رني ڪوٽ جون ديوارون هيڊي رنگ جي چورس ريتيلي پٿر ۽ سخت چن جي پٿر جون ٺهيل آهن. اهو پٿر ساڳي جبل مان حاصل ڪيو ويو آهي. ڪوٽ جون ديوارون بيهارڻ ۾ جيڪو گارو استعمال ڪيو ويو آهي، ان ۾ چن، چيرولي ۽ چيڪي مٽي شامل آهن. رني ڪوٽ ۾ موجود ديوارن ۾ ڪٿي، ڪٿي استعمال ڪيل گارو موجوده سيمينٽ جهڙو آهي. رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مکيه چار دروازا آهن. جن ۾ هڪڙو اوڀر پاسي وارو مکيه ’سن‘ دروازو سڏجي ٿو ۽ ٻيو اولهه پاسي وارو ’موهن دروازو‘ سڏجي ٿو. ڏکڻ ۾ محرابي دروازي وارو (Arcade) شاه پر دروازو ۽ اتر ۾ ٻڌيه موري محرابي گذر گاهه Arcade)) وارو آمري دروازو. سن دروازو: اڄڪلهه قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سن دروازو ڪتب اچي ٿو. سن دروازي تي اهو نالو ان ڪري پيو آهي، جو ’نئين رني کي نئين سن‘ ۽ ’موهن نئين‘ به چوندا آهن. اوڀر واري دروازي کان ٻاهر ’رني نئين‘ کي ’نئين سن‘ چون ٿا. هن نئين تي هڪڙي پل به ٻڌي وئي هئي، سن نئين دروازي جي ساڃي ڪنڌيءَ تي هڪڙو 34 ڦوٽ بلند گول برج به ٺهيل آهي، جنهن ۾ چار مارا آهن. برج حقيقت ۾ دروازي جي چوڪيداري لاءِ ٺاهيو ويو هو. جتي آتشڪدي جي موجودگي هن جو دور زردشتي، يا ساساني دور ثابت ڪري ٿو. برج جي ڏکڻ طرف کان 125 ڦوٽ ڊگهي ديوار مينهن جي سنڱ وانگي ور وڪڙ ٺاهي ٿي ۽ اتي ئي ڪوٽ جو مکيه دروازو آهي. جنگي چال جي لحاظ کان اڻ سونهين ماڻهوءَ لاءِ هي در دوکي مثل آهي. سن دروازي ۾ ڪاٺ جي درن جا اهڃاڻ ملن ٿا. موهن دروازو: ’نئين رني‘ جتان ڪوٽ ۾ داخل ٿئي ٿي ان اولهه دروازي ۽ ان جي اڳئين حصي کي ’موهن نئين‘ سڏيو وڃي ٿو. هيءَ نئين جڏهن ڪوٽ اندر داخل ٿي وڃي ٿي ته ان جو نالو ’رني نئين‘ ٿيو وڃي. موهن دروازي وٽ سن دروازي وانگر وڪڙن تي ڏهه فوٽ ويڪري ديوار ۾ ڳجهو لنگهه ڏنو ويو آهي. اوڀر واري دروازي کي به سن دروازي وانگر هن دروازي کي ٻاهران به نئين مٿان پل ٻڌي وئي هئي. هن دروازي وٽ نئين جو پيٽ سوڙهو آهي. جيڪو اٽڪل 80 فوٽ ٿيندو ۽ مٿان ٻڌل پل کي ڪو به ٺلهه وغيره نه آهي. هيءَ پل صرف ٻن مضبوط ٺلهن، ڳاڙهن پٿرن جي چوکٽن تي بيٺل آهي. موهن در وٽ به باقاعدي سن دروازي وانگر ور وڪڙن تي ڏهه فوٽ ويڪري ديوار ۾ لنگهه ڏنو ويو آهي. هي در ڪوٽ اندر ايندڙ نئين جي کاٻي ڪنڌيءَ تي وچولو در آهي. ديوار جي وچ ۾ پنڌ اچڻ وڃڻ جو رستو ڇڏيو ويو آهي. اتر پاسي ديوار تي 52 فوٽن جو برج آهي، جڏهن ته ٿورو اڳتي، وري هڪ ٻيوبرج چئن مارن وارو بيٺل آهي. هي مورچو گول آهي. آخر ۾ اها ديوار هڪ وڏي برج وٽ ختم ٿئي ٿي. رني ڪوٽ ۾ جيڪي به گول طرز جا مورچا يا برج جوڙيا ويا آهن تن ۾ هي برج يا مورچو سڀ کان ويڪرو ۽ سهنو آهي ۽ اهو پڻ ڄڻ ننڍڙو ڪوٽ لڳي ٿو. جي ايم سيد جي تحقيق موجب هنن سمورن برجن جا نالارکيل آهن. جهڙوڪ: ڪانپير، شاهپر وغيره. آمري دروازو: (ٻڌيه موري) محققن ’ٻڌيه موري‘ کي آمري دروازي جو نالو ڏنو آهي. ڪرنل رشيد کان سواءِ ٻن محققن پڻ ٻڌيه موري کي آمري دروازو چيوآهي. هيءَ موري ڪاري جبل ۽ لنڊي جي ڪنڊ تي ڪوٽ جي اتر، اوڀر ڪنڊ ٺهي ٿي. موري ڪوٽ کان ٻاهر ويندڙ تومنگ ڍوري تي ٻڌل آهي. هيءَ ڍوري ڏهه ميل سفر ڪري نئين سن ۾ پوي ٿي. ٻڌيه موري کان ڪوٽ جي اوڀر پاسي واري قدرتي ديوار ڏکڻ طرف سن واري دروازي ڏانهن هلڻ شروع ڪري ٿي. هي پاسو لنڊي جبل جي چوڪيداري ۾ ڏنو ويو آهي. ان سان گڏ اولهه طرف کان ڪاري جبل جي قدرتي ديوار به ڪوٽ وانگر هلي ٿي. هتي ڪنهن به ديوار کي ان لاءِ نه جوڙيو ويو آهي جو لنڊيءَ واري قدرتي ديوار اهڙي آهي جتان ڪنهن جو به لنگهه ناممڪن آهي. ٻڌيه موري کان 20475 فوٽن تي هٿرادو ديوار جوڙي وئي آهي. ڇو جو اتان ڪوٽ جي ٻاهران ڪافي وسيع پوٺا شروعٿي وڃن ٿا. هن کي ٻڌيه موري مهاتما ٻڌ جي حوالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڇو ته آمري کان سر اتر اوڀر نوابشاهه (هاڻي نوشهري ضلعي) جو ٻوڏي علائقو شروع ٿئي ٿو. جنهن جا مثال سن ساوڙي ٻڌڪ شاخ وغيره آهي. شاهه پير يا شاهپردروازو: ڏکڻ واري ديوار برج 16 کان گوني ڪنڊ ٺاهي، هيٺ ٽوري ڊوري ۾ لهي ٿي. ٽوري ڊورو رني ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ جنهن جاءِ تان رني ڪوٽ ۾ داخل ٿئي ٿو، انهيءَ جاءِ تي ڊوري جي ٻنهي ڪنڌين تي چوڪور برج آهن. رني ڪوٽ جي ديوار هنن چوڪور برجن تان ’نانگ وڪڙ‘ کائي لهندي چڙهندي شاهه پير دروازي تائين پهچي ٿي. شاهه پير هڪ سم تي قائم آهي. برسات جو پاڻي اتر يا ڏکڻ طرف ڇڄي وڃي ٿو. سم هجڻ باوجود هي حصو ڏاکڻي قلعي بندي ۾ سڀ کان هيٺاهون آهي. هي ڪو وڏو دروازو ڪونهي، پر ايترو آهي، جو گهوڙي سوار هتان لنگهي سگهي ٿو. هي لنگهه محراب دار هو. جنهن ۾ باقاعده ڪاٺ جو دروازو پيل هوندو. جي ايم سيد جو چوڻ آهي ته هي ’شاپر‘ دروازو آهي. جنهن جي فارسيءَ ۾ معنيٰ ’وسيع ميدان‘ ٿيندي. ڇو ته هن دروازي کان ڏکڻ طرف سڌو ميدان آهي. پکيڙ: تازي رپورٽ موجب رني ڪوٽ جوگهيرو 108174 فوٽ يعني 20 ميل 25736 فوٽ ماپيو ويو . انهن سوا ويهن ميلن جي گهيري ۾ 26537.6 يعني 5 ميل 137.6 فوٽ هٿرادو پٿرن جي ديوار جوڙي وئي باقي ڪوٽ جي بنا ديوار وارو حصو 81636.6 فوٽ يعني 15 ميل 2436 فوٽ آهي. ان لاءِ ايئن چئي سگهجي ٿو ته ڪوٽ جي هڪ حصي کي هٿرادو ديوار، باقي ٽي حصا قدرتي ديوار جا آهن. رني ڪوٽ جي اندر ٻيا به ڪجهه ڪوٽ ٺهيل آهن. جن مان ڪن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو: ميري ڪوٽ: ميري ڪوٽ، رني ڪوٽ جي مرڪز ۾ قائم آهي. ’ميري‘ لفظ ’مير‘ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ ’جبل جي چوٽي‘ آهي. ميري ڪوٽ هڪڙي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ٺهيل آهي. انهيءَ ٽڪريءَ تي ٽن طرفن کان چڙهڻ بنهه ڏکيو آهي. جنهن ڪري فوجي ۽ جنگي حڪمت عملي جي لحاظ کان ميري ڪوٽ تائين رسڻ ڏکيو آهي. ميري ڪوٽ جي چوڌاري ڏنل ديوار جي ڊيگهه 1434 فوٽ آهي. هن ننڍڙي ڪوٽ کي پنج برج آهن. مکيه دروازي جي ٻاهران هڪ وڏو برج آهي. هي برج ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ اڳ ۾ مستطيل منارو هو. جنهن کي پوءِ بدلايو ويو. ميري ڪوٽ ڏسڻ کانپوءِ محسوس ٿئي ٿو ته هي مک ڪوٽ جي ڀيٽ ۾ پوءِ جي دور ۾ ٺاهيو ويو ۽ ٺهڻ مهل منجهس تبديلي آندي وئي. ميري ڪوٽ جون ڀتيون هيٺان 11 فوٽ ۽ مٿان 5 فوٽ موڪريون آهن. جنهن تي صرف ٻاهرئين طرف کان ڪنگرا آهن. اندرئين طرف ڀتين کي پلويڙا ڏنل آهن. در وٽ بيٺل برج ڪنهن به جنگي سبب نه پر ڏيکاءَ لاءِ رکيا ويا آهن. ميري ڪوٽ ۽ رني ڪوٽ ۾ ڪافي شيون هڪجهڙيون آهن. انهن ڪوٽن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ور وڪڙ وارا دروازا آهن. ساڳي طرح اهي ٻئي، ڪوٽ اڀين ٽڪرين تي جڙيل آهن. جن تي ٽن پاسن کان چڙهڻ ڏکيو آهي. صرف دروازي وارو پاسو ئي سولو آهي. ديوارن ۾ ساڳيو پٿر استعمال ٿيل آهي. مارن ۽ نالين جي ڊزائين پڻ ساڳي آهي. ميري ڪوٽ حقيقت ۾ ڪنهن امير يا سپهه سالار جي رهڻ جي جاءِ طور ٺاهيل ٿو ڏسجي. پر هن ۾ رهائشي سهوليتن سان گڏو گڏ انتظامي ۽ دفاعي سهوليتون به موجود آهن. ميري ڪوٽ ۾ لانڍين جيان ڪي ڪوٺيون ٺهيل هيون. جن جون ڇتيون ڊٺل آهن. شايد طوفان ۽ هوا سبب اهي اڏامي چڪيون آهن. ميري ڪوٽ ۾ در کان ٿوري مفاصلي تي اندر هڪ وڏو کوهه آهي. موجوده وقت ۾ مرمت سبب ان جي اصليت کي ڪافي نقصان پهتو آهي. ڇو ته ان جي مرمت سيمينٽ سان ڪئي وئي آهي. شيرڳڙهه: شير ڳڙهه رني ڪوٽ جي اتر اولهه واري ڊگهي جابلو قدرتي ديوار تي ٺاهيل آهي. شير ڳڙهه تي چڙهڻ لاءِ صرف اولهه کان رستو آهي. جيڪو ڪافي اڙانگو آهي. شير ڳڙهه سمنڊ جي سطح کان 1480 فوٽ بلند آهي. شيرڳڙهه رني ڪوٽ ۾ سڀ کان بلند مقام آهي. انهيءَ ڪوٽ جي اڏاوت ۾ اڇي رنگ جو پٿر استعمال ٿيل آهي. شيرڳڙهه مستطيل شڪل ۾ ٺهيل آهي. شيرڳڙه جي چوٽ تائين پهچڻ لاءِ ساڳئي نموني سن دروازي ۽ ميري ڪوٽ وانگر ور وڪڙ پار ڪرڻا پون ٿا. اهي ور وڪڙ ويڪر ۾ 12 فوٽ آهن. دروازي جي حفاظت لاءِ ٻه برج آهن. جن جي زمين کان اوچائي 35 فوٽ آهي. اهي برج هيٺان ويڪرا ۽ مٿي سوڙها ٿي وڃن ٿا. شير ڳڙهه ۾ ڪابه عمارت يا ڪوٺي وغيره ڪانهي. رڳو وچ تي پاڻيءَ لاءِ هڪڙو حوض ٺهيل آهي. اندر مصالحي ٺاهڻ لاءِ ڪجهه بٺيون ۽ ڪجهه پٿر رکيل آهن. حوض کي ڀرڻ لاءِ ڪو به پاڻيءَ جو ذريعو وغيره نظر نٿو اچي. شير ڳڙهه جي مڪمل ديوار 1255 فوٽ آهي ۽ هي ڪوٽ ميري ڪوٽ کان ڪجهه ننڍو آهي. شير ڳڙهه ۾ پنج برج آهن برجن ۽ ديوارن ۾ نيسارن وانگي مارا ٺهيل آهن. جن جي ٻاهرين ڊيگهه 6 فوٽ آهي. رني ڪوٽ ۾ گهڻين جاين تي اوائلي وستيون ۽ ڪيتريون ويران ۽ اڻ پوريون اڏاوتون ملن ٿيون. اهڙي هڪ وسنديءَ جا آثار ’شاهه پر‘ دروازي وٽ آهن. مقامي ماڻهن جو خيال آهي ته اهي اڏاوتون قلعي کي جوڙيندڙ (ٺاهيندڙ) پورهيتن ۽ مزدورن جون آهن. اهي اڏاوتون ايئن آهن جيئن بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ خانه بدوش ماڻهو پٿرن جا گهر ٺاهي ويهندا آهن. جن جون ڇتيون ڪکائيون هونديون آهن. انهن آثارن ڀرسان مٿاهين ٽڪريءَ تي ڪجهه وڏن ۽ ڪشادن گهرن جا آثار ملن ٿا. انهن گهرن مان هڪڙو گهر ته ڪافي وڏو ۽ گهڻن ڪمرن وارو آهي. انهيءَ وسنديءَ ڀرسان هڪڙو رستو گذري ٿو، جيڪو سن دروازي کان اچي ٿو. هڪ ٻي وسندي جا آثار ميري ڪوٽ کان شير ڳڙهه ويندي ٿوري پنڌتي هڪڙي پوٺي تي ملن ٿا. انهيءَ رستي ۾ هڪ ڪشادي ٽڪريءَ کي پٿرن جو لوڙهو ڏئي، مسجد ۾ تبديل ڪيو ويوآهي. ان کان سواءِ واڳونءَ جي تربت کان ڪجهه فرلانگ اتر طرف، هڪ ڪمري يا هال جون ڀڳل ڀتيون به موجود آهن. رني ڪوٽ ۾ هڪڙي 11746 فوٽ ڊگهي نامڪمل ديوار به موجود آهي. جيڪا اصحابين جي قبرن وٽ لنڊي جبل جي ويجهو ختم ٿئي ٿي. اها ديوار اصل ديوار کان ٻه ميل اندر طرف کنيل آهي. لڳي ايئن ٿو ته اها ديوار ٻي دفاعي ديوار طور کنئي وئي هئي. جيڪا پوءِ اڌ ۾ ڇڏي وئي آهي. يا وري ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ميري ڪوٽ ۽ شير ڳڙهه وانگي ڪنهن ٻئي قلعي جي منصوبي طور کنئي وئي هجي. رني ڪوٽ ۾ ٽي قبرستان آهن. جن مان سڀ کان وڏو قبرستان ڳوٺ جي ڀرسان آهي. هن قبرستان ۾ ٽي چار سئو کن قبرون آهن. جن مان ڪافي قبرون رڳو پٿرن جا ڍير آهن. انهن قبرن مان ڪن قبرن جي پٿرن مٿان پلستر ٿيل آهي، ته ڪجهه وري چوکنڊي طرز جون ٺهيل آهن. جن مان ڪن تي سورج مکيءَ جو گل اڪريل آهي. هڪ قبر تي ٻن مورن جي وچ ۾ گل رکيل آهي. هڪ قبر ڳاڙهي پٿر جي آهي. ان تي خوبصورت ڳئون اڪريل آهي. رني ڪوٽ ۾ ٻيو قبرستان اصحابين يا عربن جي نالي سان مشهور آهي. جتي به ڪجهه قبرون آهن. هڪڙو قبرستان وري سن دروازي کان هڪ ميل اوڀر طرف سن نئين جي ساڃي ڪناري تي سن ويندڙ رستي تي آهي. مقامي ماڻهو ان قبرستان کي ’رومين جو قبرستان‘ ڪوٺين ٿا. هن وقت ان قبرستان ۾ صرف ٽي قبرون موجود آهن. ڪنهن زماني ۾ ان قبرستان ۾ پندرهن، سورهن قبرون موجود هيون. باقي وهندڙ نئين جي ڪري ختم ٿي ويون آهن. رني ڪوٽ جي سن دروازي وٽ هڪ ڊٺل پل جا آثار به ملن ٿا. هي پل لنڊي جبل تي ٻن مورچن جي وچ ۾ ٺهيل آهي. پل اهڙي نموني ٺهيل آهي، جو نئين ۾ ڪيترو به پاڻي جو ريلو ۽ وهڪرو اچي، قلعي جي ڀتين ۽ برجن کي ڪو نقصان رسائي نٿو سگهي. هيءَ پل اهڙو ڏيک ڏئي ٿي، جو لڳي ٿو ته ان پل کان ڊيم جو ڪم ورتو ويندو هو. قلعي جي ٻاهران هڪڙي اونهي کاهي آهي، جتان مٿي ٽڪريءَ تي چڙهڻ يا قلعي ۾ داخل ٿيڻ ناممڪن آهي. تنهن ڪري اتان لنڊي جبل تي هٿرادو ديوار ٺاهڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. تنهن ڪري لنڊي جبل وارو سمورو حصو قلعي لاءِ قدرتي ديوار بڻيل آهي. ٽڪريءَ جي ساڄي طرف جيڪا گهري کاهي آهي، ان کي ’ٽوري ڊوري‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. مسجد کان 800 فوٽن تي هڪڙو مورچو اڏيل آهي. جيڪو سموري قلعي ۾ هر طرف کان نروار نظر اچي ٿو ۽ هن مورچي جي بيهڪ اهڙي آهي جو اتان سموري قلعي جي نظرداري ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ مورچي کانپوءِ جابلو چوٽين جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو ۽ وچ ۾ ڪٿي ڪٿي وڏا ڦاٽ آهن. جن کي ا ورانگهڻ ڏکيو آهي. ڏکڻ پاسي واري ديوار لنڊي جبل جي چيلهه کان وري، ڏکڻ طرف شروع ٿئي ٿي. ان جي سامهون هڪڙو وسيع پوٺو آهي. جتان ڪوٽ ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. تنهنجي ڪري حفاظت ۽ دفاع جي لاءِ هتان کان هٿرادو ديوار ٺاهي وئي آهي. هيءَ ديوار اٽڪل 12 فوٽ اوچي آهي. هيءَ ديوار 300 فوٽ اڳتي هلي ور وڪڙ کائي ٿي ۽ ديوار جو اهو وڪڙ هڪڙي سٺي مورچي جو ڪم ڏئي ٿو. انهيءَ مورچي کان پوءِ ديوار هيٺ لهڻ شروع ڪري ٿي. اڳيان وري هڪ ٻي کاهي اچي ٿي. جتان کان پوءِ ديوار 13 فوٽ ويڪري آهي. جيڪا 2700 فوٽن تائين هلي هڪڙي ڍوريءَ تائين پهچي ٿي. جتي ڍوريءَ مٿان هڪڙي پل اڏيل آهي. هن پل کي ڏکڻ واري پل سڏجي ٿو. هنج چوٽي ڏکڻ واري: پل کانپوءِ ديوار پنهنجو سفر جاري رکي ٿي رني ڪوٽ جي ديوار جنهن اوچي چوٽيءَ تي اچي دنگ ڪري ٿي ان چوٽيءَ کي ’هنج‘ چوٽي چيو وڃي ٿو. هنج چوٽي هڪ وڏي سفيد پٿر جي شڪل ۾ آهي. هيءَ چوٽي اٽڪل ٻه هزار فوٽ اوچي آهي. هنج چوٽيءَ تان اولهه پاسي سئو فوٽ ڊرڪڻن پٿرن تان لهڻ کان پوءِ سنئون پٽ اچي ٿو. ۽ هڪ ٽڪريءَ تان اولهه پاسي ديوار لهڻ شروع ڪري ٿي. ديوار ۾ 88 فوٽن جي پاڻي جي گذر لاءِ هڪڙو لنگهه ٺهيل آهي. انهيءَ لنگهه جي اولهه واري ديوار 312 ڦوٽن تي مٿي هڪڙو گول برج ٺاهي وڪڙ کائي، ڏکڻ اولهه ڪنڊ ٺاهي ٿي. ڪاري جبل جو هڪڙو ٽونڪ اهڙي نموني ٺهيل آهي، جو ان جي وچ ۾ هڪڙي باقاعدي سرنگهه آهي. سرنگهه ۾ ڏکڻ پاسي کان ڪو به ماڻهو اندر داخل ٿي سگهي ٿو. ۽ اندر وري سرنگهه 50 کن فوٽن تي کلي پوي ٿي. انهيءَ سرنگهه ۾ ويهي ڪوبه ماڻهو چوءَڦير نظر گهمائي سگهي ٿو ۽ انهيءَ قدرتي مورچي کي ٿوري ردو بدل سان ڪارگر بنائي سگهجي ٿو. اولهه واري ديوار: هيءَ قدرتي مورچي کان 3825 فوٽن تي خالي ڇڏي وئي آهي. ڇوته ڪاري جبل ۾ اهڙا ٻه ڦاٽ آهن. جن تان ڪنهن به لشڪر جي صورت ۾ گذرڻ ڏکيو آهي. ان ڪري اها هڪ قدرتي رڪاوٽ طور ڪتب اچي سگهي ٿي. ٿوري هيٺاهينءَ تي اولهه طرف ٻه برج ديوار سان گڏ جڙيل آهن. اهي برج ۽ ديوار ڪاري جبل تي چڙهڻ لاءِ رڪاوٽ طور ٺاهيل آهن. موهن ڪوٽ: موهن در کان ڏيڍ هزار فوٽن جي فاصلي تي هڪ اڀڪپريءَ تي ٺهيل هڪ مستطيل ڪوٽ آهي. جنهن کي ’موهن ڪوٽ‘ سڏيو وڃي ٿو. جنهن کي ٽن پاسن کان کاهيون آهن. هي ڪوٽ بنا ڇت جي آهي. جنهن ۾ نون توپن يا ڳرن پٿرن اڇلائڻ لاءِ مارا ٺهيل آهن. موهن ڪوٽ تائين رسڻ لاءِ موهن در کان ڏاڪڻ به آهي. ته وري ڪاري جبل وارو پوٺو به ڪارگر آهي. موهن ڪوٽ کي چوءَياري به چيو ويندو آهي. هن ڪوٽ م هڪ ئي وقت ويهه پنجويهه پهريدار ويهي سگهن ٿا. اهڙي قسم جو هڪ مورچو سن دروازي وٽ به آهي. جنهن کي بعد م مسجد جي شڪل ڏني وئي آهي. جبل ۾ ٺهيل قلعو ڪهڙي دور جو آهي، ان بابت اڃا فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. قدرتي چشما: موهن در واري وٽ اندر ڪوٽ ۾ زمين مان قدرتي طور پاڻي پيو نڪرندو آهي جيڪو اڳتي وهي، پتريلي اوچائي تان هيٺ ڪِري ٿو. جنهن کي آبشار چيو ويندو آهي. اهو پاڻي هڪ اونهي کاهيءَ ۾ جمع ٿئي ٿو جنهن ۾ مڇيون پڻ هونديون آهن. ان کاهيءَ مان پاڻيءَ کي ڳوٺاڻن واهي ٺاهي پنهنجي زمينن لاءِ پاڻي استعمال ڪندا آهن. اهو پاڻي صاف شفاف هوندو آهي. رني ڪوٽ ڊيم: انٽرنيشنل لا مطابق جيڪي به درياءَ آهن، انهن تي پهريون حق ٽيل وارن جو آهي. پر هتي سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ لاءِ وڏي صوبي طرفان اهو چيو ويندو آهي ته اهو سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿئي ٿو ۽ ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ گهرجي. جڏهن ته سنڌ جو موقف اهو آهي ته سنڌو درياءَ تي ٽيل وارن جو حق آهي، اهو هڪ وڏو بحث طلب مسئلو آهي. هتي اسان صرف اها ڳالهه درج ڪريون ٿا ته مشرف تي وڏو پريشر هو ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهي. ان ڪري سنڌ جي ماڻهن جي پريشر کي ماٺو ڪرڻ لاءِ هن جبل مان ايندڙ نئين جي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاءِ ٿر ۽ ڪوهستان ۾ سمال ڊيم اسڪيم جاري ڪرائي، جنهن ۾ رني ڪوٽ ڊيم به شامل هو. اهو ڊيم سن کان رني ڪوٽ ويندڙ رستي، نئين سن تي ٺاهيو ويو جيڪو سن کان 14 ڪلوميٽرن تي آهي. هن وقت ان ۾ اسٽور ٿيل پاڻيءَ مان ماڻهن جي پيئڻ ۽ مال جي پيئڻ ۽ زمينن جي آباديءَ لاءِ ڪتب اچي ٿو. اهو ڊيم پوريءَ طرح آپريٽ نه ٿيو آهي. نئين سن: نئين سن کي نئين رني، موهن نئين به چوندا آهن. برساتن پوڻ کان پوءِ لڪيءَ جي جبلن تان هڪڙو وڏو پاڻي وهي، رني ڪوٽ جي اولهه واري دروزاي کان ڪوٽ جي اندر داخل ٿيندو آهي. اها نئين جڏهن رني ڪوٽ جي اوڀر واري دروازي کان ٻاهر هوندي آهي ته ’نئين موهن‘ جي نالي سان سڏبي آهي. جڏهن ڪوٽ جي اندر داخل ٿيندي آهي ته کيس ’رني نئين‘ چيو ويندو آهي. ڪوٽ جي اندر ان ساڳي نئين ۾ ڏکڻ واري ديوار وٽان شاهه پير دروازي ڀرسان ديوار جي هيٺان موريءَ جي رستي هڪ پاڻيءَ جو ڍورو داخل ٿي، شامل ٿيندو آهي. نئين جي پاڻيءَ جو وڏو مقدار سن دروازي مان خارج ٿي، اوڀر ۾ واقع سن ڀرسان سنڌو درياءَ ڏانهن روانو ٿيندو آهي. جڏهن ته ڪوٽ جي اندر ان نئين جي پاڻيءَ جو ڪجهه مقدار ٻڌيه موري يعني آمري دروازي مان خارج ٿيندو آهي. جنهن کي ’تومنگ ڊورو‘ چون ٿا. اهو اتر واري پاسي کان ڏهه ڪلوميٽر سفر ڪرڻ بعد وري ڪوٽ کان ٻاهر ساڳي نئين ۾ پوندو آهي. ڪنهن زماني کان وٺي سن ريلوي اسٽيشن سن کان اولهه طرف، چوڏهن ميلن جي فاصلي تي سن نئين مان هڪ ڍورو نڪري، اسٽيشن کان مٿي وارين زمينن کي سيراب ڪندو رهيو آهي. جيڪو مُئي ڍورو جي نالي سان مشهور آهي. سن نئين تي 2008ع ۾ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ، سمال ڊيم اسڪيم جي ذريعي ’رني ڪوٽ ڊيم‘ تعمير ڪرايو، جيڪو سن کان 14 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اهو ٺهي راس ته ٿي ويو پر مڪمل طرح آپريٽ نه ٿيو آهي. ’سن نئين‘ ريلوي اسٽيشن لڳ اتر ۾ ويهه دري پل هيٺان ٿيندي، انڊس هاءِ وي جي پل هيٺان وهندي، اچي سن شهر لڳ سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. چچ نامي ۾ ذڪر آهي ته ”ديبل کان سيوهڻ ويندي هڪ وهندڙ ندي آئي. ان ڪري ڪجهه عرصو عربن جو لشڪر اتي ترسيو. اها دراصل نئين سن هئي. نئين سن جي ذريعي 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڊسچارج ٿيندو آهي.