Sindhi Media
سينيئر رڪن
ون لائين اسٽوري
ضرورت ، درد يا موت ڪڏنهن به اميري فقيري يا پيري مُريدي نه ڏسندو آهي رضا الاهيءَ سان جڏنهن ضرورت پوندي آهي يا ڪو شخص درد ۾ وچڙجڻ وارو هوندو آهي ته اُن کي ڀوڳڻو پوندو آهي. اسانجي هن ڊرامي ۾ به درد هڪ اهڙي ضرورتمند عورت بنام (بيبي صاحبه! آپا خير) جي درد ڪٿا آهي جنهنکي جڏنهن درد وچڙجي ويو ته هوءَ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ در در واجهائيندي رهي. اها بيبي جيڪا پاڻ عقيتدمندن جي ضرورت ۽ درد جي دُعا ۽ دوا ڏئي آجو ڪرائيندي هُئي پر سندس جان آجي ڪرائڻ وارو ڪو نه هو ! ڊفينس جي بنگلي ۾ رهندڙ آپا خير ڪا عالمه يا عامله نه هُئي نه ئي هوءَ گهڻي تعليم يافته يا حافظ قرآن يا حديثن ۽ دُعائن جي ايترو ڄاڻو به نه هُئي، سواءِ پرهيزگاري ۽ نيڪ نمازڻ هُئڻ جي ڪري . گڏو گڏ هوءَ هڪ جوان ۽ ڪنواري ڌيءَ رضوانه ۽ جوان پُٽ نبيل جي بيواهه ماءُ هُئي. کيس ڌيءَ ۽ پُٽ جا هٿ به پيلا ڪرڻا هُئا پر سندس گهڻو وقت گهر جو خرچ هلائڻ لاءِ اتفاقي طور تي مليل ڏات جيڪا جن کيس سماج جي عقيدتمندن ۽ ضرورتمنن لاءِ بيبي صاحبه بڻائي ڇڏيو ۽ ڏسندي ڏسندي هن جي مُريدياڻين جو تعداد ته وڌندو ويو. بلآخر هُن جي پٽ عدم توجهه جي ڪري ڪورٽ ميريج ڪري ورتي ۽ ڌيءَ عمر جي حد ڪراس ڪرڻ لڳي پر هوءَ قدرت جي راند کي روڪي نه سگهي. بيبيَ ايڏي لالچڻ به نه هُئي تنهنڪري سماع جي محفل رُڳو جمعي جي رات پنهنجي ئي گهر جي هڪ ڪمري ۾ ڪرڻ لڳي. آخر هوءَ به هن سماج جو حصو هُئي ۽ انهيءَ سماج جي هڪ ماءُ به ۽ سس به، دُنيا جي درد جي دوا ڪندي ڪندي پنهنجو درد لڪائي نه سگهي اچو ته سندس ڪٿا پڙهون ته امير غريب يا پير فقير ڪيئن ۽ ڪهڙين درد ڪٿائن ۾ وچڙجي رهيو آهي.