آپا افروز صديقي

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    آپا افروز صديقي:
    خدابخش جويو
    اهو 1945 ع جو دور هو، جڏهن سن ۾ نياڻين جي تعليم جي جاڳرتا لاءِ ڪو به اسڪول نه هو. آپا افروز سن ۾ اچي نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏياري ۽ سندن مائٽن ۾ تعليم لاءِ شعور جاڳايو. تنهن وقت سن ۾ نالي ماتر شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون هنيون، جن کي استاد دادا ڪريم بخش ميمڻ تعليم ڏيندو هو. آپا افروز صديقي جي اچڻ سان سن ۾ نياڻين کي پرائمري تعليم جو عروج مليو.

    آپا افروز صديقي جا وڏا اصل سيوهڻ ۾ ويٺل هئا. سندس چوڻ مطابق سندن وڏن جو رشتو حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سان پڻ هو. پاڻ پڙهيل لکيل گهراڻي سان تعلق رکنديون هنيون ۽ صوم صلوات جون پابند هنيون. درسي تعليم کان پهريائين ديني تعليم پڻ نياڻين کي ڏينديون هنيون، سندن اها ڪوشش هوندي هئي ته نياڻين ۾ تعليم جو شعور هئڻ لازمي آهي. سندس محنتن سان سن جي ڪيترين ئي نياڻين تعليم حاصل ڪئي. 1965ع ۾ جڏهن سن ۾ مڊل اسڪول کوليو ويو هو ته ان ۾ آپا افروز صديقي جي جستجو ۽ خدمتون شامل هنيون. سندس پاران ڏنل نياڻين جي تعليم جي شعور جي ڪري سن جي ڪيترين نياڻين تعليم حاصل ڪئي. جن مان ڪجهه استاد پيشي سان لاڳاپيل آهن. سندس محنتن جي ڪري اڄ سن ۾ گرلس هاءِ اسڪول پڻ آهي. پاڻ ۽ سندس ڀاڻج آپا اختر مڊل اسڪول سن ۾ ڇوڪرين کي پڙهائينديون هنيون. سندس ڀاڻج آپا اختر سندس حياتي ۾ وفات ڪري وئي. جنهن کان پوءِ پاڻ پنهنجي پينشن ۽ زيور جن جي ڪل رقم 250،000 اڍائي لک ٿي هئي سا امداد محمد شاهه کي ڏنائين ۽ سندس خواهش موجب سندس حياتيءَ ۾ مسجد تعمير ڪرائي وئي. وڌيڪ خرچ آيل رقم سيد امداد محمد شاهه ۽ غلام حسين ميمڻ وجهي مسجد کي مڪمل ڪرايو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو