1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

ڊاڪٽر سيد درشهوار(اديب، محقق، استاد):

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    302
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    ڊاڪٽر سيد درشهوار(اديب، محقق، استاد):

    ڊاڪٽر درشهوار سيد 21 مارچ 1942ع تي سائين جي ايم سيد جي گهر سن ۾ پيدا ٿي. 1953ع ۾ جڏهن هوءَ پڙهڻ واري عمر کي پهتي ته سندس پڙهائي مسئلو بنجي وئي. ڇاڪاڻ ته 1947ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي ٿيڻ ڪري، ڳوٺ جي گرلس اسڪول ۾ پڙهائيندڙ هندو ماسترياڻيون ملڪ ڇڏي هليون ويون. ڪابه ماسترياڻي نه هئڻ ڪري سن ۾ گرلس اسڪول بند ٿي چڪو هو. اهڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽر درشهوار جو پڙهڻ هڪ سواليه نشان بنجي ويو. سندس والد صاحب جي بي انداز دلچسپيءَ سبب، گهر ڀاتين جي وچ ۾ هيٺين ٻن ڳالهين تي ويچار ڪيو ويو ته کيس ڪنهن هاسٽل ۾ رهائي پڙهايو وڃي يا کيس ڪراچيءَ واري جاءِ، حيدر منزل تي ڀائرن سان گڏ رهائي پڙهايو وڃي. سائين جي ايم سيد سياسي معاملن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيو هو. ان ڪري اهڙن معاملن ۾ پاڻ گهر وارن جي راءِ کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هو.

    آخرڪار ڊاڪٽر درشهوار سيد جي پڙهائي واري حوالي سان سندس ماءُ جي ان ڳالهه کي اهميت ڏني وئي ته کيس هاسٽل بجاءِ گهر ۾ رهايو وڃي. اهڙيءَ طرح سندس شروعاتي تعليم ڪراچيءَ جهڙي شهر کان شروع ٿي. کيس سينٽ جوزف ڪانوينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. اتي ميٽرڪ تائين تعليم پرائڻ کان پوءِ کيس ساڳئي ڪاليج ۾ داخلا ملي وئي. جتان 1967ع ۾ بي اي پاس ڪرڻ کان پوءِ پاڻ پوسٽ گريجوئيٽ ڪرڻ لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جو رخ ڪيائين. جتان 1969ع ۾ ايم اي فلاسافي جي ڊگري حاصل ڪيائين. پاڻ اڃا ايم اي جي ڊگري ئي نه ورتي هئائين ته سندس والد سائين جي ايم سيد کيس اڳواٽ ان ڳالهه لاءِ آماده ڪرڻ شروع ڪيو ته کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻي آهي.

    سائين جي ايم سيد جيڪو پاڻ وڏو عالم هو ۽ سندس سموري فڪر جو محور سنڌ جي صوفياڻي روايت ۽ سنڌي ڪلچر پئي رهيو هو. جنهن جي روشنيءَ ۾ پاڻ پنهنجي نظرين ۾ سنڌ جي ”خاص پيغام“ جو ورجاءُ پڻ ڪندو رهندو هو. ۽ پنهنجو پاڻ کي ان جو شارح ۽ سفير طور ظاهر ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. ان ئي پس منظر واري حوالي سان سائين جي ايم سيد پنهنجي نياڻيءَ کي اڪثر چوندو رهندو هو ته توکي پي ايڇ ڊي ضرور ڪرڻي آهي. پوءِ اهو تنهنجي مرضي ۽ شوق تي ڇڏيل آهي ته سنڌي صوفين جي فڪر بابت يا سنڌي ڪلچر جي باري ۾ پي ايڇ ڊي ڪرين. پاڻ جيئن ئي ايم اي پاس ڪيائين، تيئن ئي سائين جي ايم سيد کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻ واري خيال سان پير حسام الدين جي رهنمائي ۾ ڏنو. جنهن جي مشوري سان صوفياڻي فڪر کي صحيح طرح سمجهڻ لاءِ 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فارسي ۾ سرٽيفڪيٽ ڪورس پڻ ڪيائين. ان دوران پي ايڇ ڊي لاءِ تياري ڪندي کيس محسوس ٿيو ته جنهن مضمون ۾ پاڻ پي ايڇ ڊي ڪرڻ پئي گهريائين، ان جي معيار جو سنڌ يونيورسٽي وٽ ڪو رهنمائي ڪرڻ لاءِ عالم ئي ڪو نه هو. ان ڳالهه جي ان وقت جي وائيس چانسلر پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي پڻ پاڻ خط لکي شڪايت ڪئي هئائين. پر ان سلسلي ۾ شاهه صاحب ڪجهه نه ڪري سگهيو. ان ڪري کيس اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يورپ جو رخ اختيار ڪرڻو پيو.

    سندس پي ايڇ ڊي جو عنوان تصوف واري حوالي سان جيئن ته مذهب سان لاڳاپو رکي پيو، ان ڪري اتي کيس مذهبن جي تاريخ ۽ تقابلي مطالعي واري حوالي سان ٻيهر ايم اي ڪرڻ لاءِ چيو ويو. اهڙيءَ طرح انگلنڊ جي سسڪس يونيورسٽي(Sussex university) جي سائوٿ ايشين اسٽڊيز مان (History and comparative Religion) عنوان تي 1978ع ۾ ٻيهر ايم اي ڪيائين. ان کان پوءِ ايڊمبرا يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي جيتياري ڪيائين،جنهن ۾ سندس تحقيقي مقالي جو عنوان (The Poetry of Shah Abdul Latif) هو. اتي پڙهائي دوران مانٽوگومري واٽ ((Prof. Montgomry watt ۽ ايل ول سلٽن (prf. Elwel Sulton) جهڙا عالم سندس استاد هئا. جڏهن ته ڊاڪٽر ڪرول هلين برانڊ (Dr. carole Hilenbrand) ۽ ڪرسٽوفر شڪل (cristopher Shakle) سندس سهڪاري رهيا ۽ مشهور عالم ڊاڪٽر اينمري شمل کانئس واءِ وائيس ورتي. کيس پي ايڇ ڊي جي ڊگري 1884ع ۾ ملي. هن فلسفي ۽ مذهبن جي تقابلي مطالعي وارين ايم اي جي ڊگرين منجهان فائدو وٺندي شاهه عبداللطيف جي فلسفيانه فڪر کي نئين انداز ۾ پرکيو. ۽ ان کي نهايت ئي خوبصورتي سان سائنسي انداز ۾ نه رڳو سنڌ واسين پر دنيا وارن اڳيان پيش ڪيو. ايڏي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ست اٺ سال يورپ ۾ رهڻ جي باوجود به سندس شفقت ڀري ۽ حليمانه طبعيت ۾ تر برابر به فرق ڪونه آيو. عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته جيڪو ٻه مهينا به ٻاهر رهي ايندو آهي يا ڪنهن نالي واري انگلش ميڊيم اسڪول جو پڙهيل هوندو آهي ته ٻين مٿان هر وقت رعب وهارڻ ۾ رڌل رهندو آهي، ته مان انگريزي جو انبار آهيان. ان جي برعڪس، هيڏي وڏي علمي قابليت جي مالڪ هن عورت ڪڏهن به ڪنهن کي پاڻ کان گهٽ عهدي واري ماڻهو مٿان اهو تاثر نه ڏنو ته هوءَ سينٽ جوزف کان ايڊمبرا تائين پڙهيل آهي.

    پي ايڇ ڊي ڪري واپس ورڻ کان پوءِ سندس والد سائين جي ايم سيد جو خيال هو ته پاڻ نوڪري ڪرڻ بجاءِ گهر ۾ ويهي علمي ۽ فڪري ڪم ڪري، ڇاڪاڻ ته وسيلن جي وٽن ڪا به کوٽ نه هئي. پر سائين غلام مصطفيٰ شاهه ان ڳالهه طرف سندس ڌيان ڇڪايو ته گهر ۾ ويهي ڪم ڪرڻ واري طريقيڪار سبب هوءَ محدود ٿي ويندي. ۽ ڪو ڪارگر ۽ مؤثر ڪم نه ڪري سگهندي. ان ڪري کيس ٻاهر نڪري عملي ڪم ڪرڻ گهرجي. شاهه صاحب واري ان راءِ کي ڊاڪٽر صاحبه جي استاد محترم قاضي قادر وڌيڪ وزن وٺرايو، جنهن کيس اهو به مشورو ڏنو ته هوءَ يونيورسٽي جوائن ڪري. اهڙيءَ طرح قاضي قادر جي ڪوششن سان کيس في الحال ڪو آپريٽو _ ٽيچر طور فلسفي جي شعبي ۾ مقرر ڪيو ويو. جنهن ۾ سندس پگهار ايتري ته گهٽ هئي، جو ڪيتري وقت تائين مٿس مائٽن اڳيان ان جو ذڪر ئي نه ڪندي هئي. ڇاڪاڻ جو ڪراچي ۾ رهائش جو خرچ پگهار کان وڌيڪ هوندو هو. پر پوءِ به قاضي قادر جي مشوري سبب پاڻ ڪوآپريٽو ٽيچر جو عهدو رڳو ان ڪري قبول ڪيائين ته ايئن ڪرڻ سان علمي حلقن سان لاڳاپي ۾ رهبو. ۽ پوءِ اڳتي هلي مستقل نوڪري واري ڪا صورت نڪري پوندي. آخرڪار اهو ئي ٿيو. ٿوري ئي وقت کان پوءِ 1986ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي سان لاڳاپيل پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ تاريخ جي مضمون پڙهائڻ لاءِ انٽرويو ٿيا. جنهن ۾ کيس ليڪچرار طور مقرر ڪيو ويو. جتي آخري وقت تائين اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي ڪم ڪندي رهي.

    ان وچ ۾ 1991ع ڌاري کيس ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر“ ۾ ڊائريڪٽر طور مقرر ڪيو ويو. جتي 1996ع تائين خوش اصلوبيءَ سان خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. شاهه عبداللطيف چيئر ۾ سندس ايامڪاري دوران هيٺيون ڳالهيون هميشه يادگار رهنديون.

    1. چيئر کي اڳ ڪو به جوڳو فنڊ ڪونه هو. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجا ذاتي ۽ خانداني لاڳاپا استعمال ڪري چيئر لاءِ پهريان سنڌ سرڪار کان هنگامي فنڊ حاصل ڪيو ۽ پوءِ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن وٽان مستقل طور الڳ سالياني فنڊ جاري ڪرائڻ جو انتظام ڪيو. هتي اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته عام حالتن ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪنهن به اداري کي مستقل طور ڌار گرانٽ نه ڏيندي آهي. پر اهو فقط ڊاڪٽر درشهوار سيد جي ڪوششن جو نتيجو هو جو، يو. جي. سي وٽان ، شاهه عبداللطيف چيئر کي يونيورسٽي وارن فنڊ کان ڌار فنڊ ملندو رهي ٿو.

    2. شاه لطيف چيئر ۾ سندس ٻيو ڪارنامو تحقيق ۽ اشاعت واري ڪم کي اڳتي وڌائڻ وارو عمل هو. ان حوالي سان تحقيق جي فن ۽ شاهه عبداللطيف تي تحقيق جي مختلف پهلوئن واري حوالي سان، خاص قسم جا ورڪشاپ ڪرايائين. جن ۾ باقاعده مختلف شاگردن کي ڪورس ڪرايو ويو. انهن پروگرامن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام علي الانا، تنوير عباسي، ڊاڪٽر انيس خورشيد، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، ڊاڪٽر نسيم فاطمه جهڙن عالمن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. ۽ ان موضوع تي ڪورس مڪمل ڪندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. مٿي ذڪر ڪيل موضوعن بابت مختلف عالمن طرفان ڏنل انهن ليڪچرن کي بعد ۾ ”تحقيق جو طريقيڪار“ ۽ ”شاهه لطيف تي تحقيق“ جي عنوانن سان ڪتابي صورت ۾ آندو ويو. تحقيق واري فيلڊ جي حوالي سان اهي ٻئي ڪتاب وڏي اهم حيثيت رکن ٿا.

    3. ڊاڪٽر صاحبه جو اشاعتي پروگرام واري حوالي سان ٻيو وڏو ڪارنامو شاهه لطيف تي ببلوگرافي نالي ڪتاب شايع ڪرڻ آهي. جنهن تي پاڻ چيئر جي چارج وٺڻ کان ستت ئي پوءِ ڪم شروع ڪرايو هئائين ۽ اهو ڪم وڏي محنت کان پوءِ سندس آخري سال ۾ وڃي مڪمل ٿيو. جيڪو شاهه لطيف بابت تحقيق واري ميدان ۾ هڪ اهم ۽ بنيادي ڪارنامو آهي. جنهن جي هر تحقيق ڪندڙ کي سڀ کان اڳ ضرورت پوي ٿي.

    4. ڊاڪٽر صاحبه شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام کي ٻاهرين دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ حافظ شيرازي ۽ جلال الدين رومي جي ڪلام واري طرز تي شايع ڪرائڻ واري مقصد سان شاهه جي رسالي جو چئن ٻولين يعني سنڌي، انگريزي، فارسي ۽ اردو وارو ايڊيشن رنگين ڇپائي سان تيار ڪرڻ وارو ارادو پڻ پئي رکيو. ان سلسلي ۾ پهرين ٽن سرن جو انتخاب پڻ تيار ڪيو. جيڪو نهايت سهڻي گيٽ اپ سان شايع ڪرائڻو هو. اهڙي طرح سڄو رسالو اهڙن ڏهن ٻارهن ڀاڱن ۾ تيار ٿيڻو هو. اها پڻ سندس هڪ نرالي ۽ قيمتي سوچ هئي، جنهن سان ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪلام ديوان حافظ ۽ روميءَ جي ڪلام وانگر دنيا وارن جي هٿن تائين پهچي ها.

    5. سندس پي ايڇ ڊي واري ٿيسز، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ (The Poetry of Shah Abdul Latif) جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ 1988ع ۾ شايع ڪئي هئي. ان جي اهميت ۽ افاديت جي مدنظر، شاهه لطيف چيئر جي ائڊوائيزري ڪميٽي ان کي اردو ۾ شايع ڪرائڻ جي رٿ ڏني. جيڪو ڪتاب ”شاهه لطيف ڪي شاعري اور فڪر“ جي عنوان سان 1994ع ۾ شايع ٿيو. جنهن کي پاڪستان جي چئني صوبن ۾ گهڻي پذيرائي ملي ۽ پو ءِ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن پاران پڻ گهڻو پسند ڪيو ويو.

    هن باوقار عورت يورپ ۾ پڙهڻ واري دور ۾ جن مختلف تحقيقي ادارن ۾ علمي ليڪچر ڏيئي سنڌ جو نالو روشن ڪيو، انهن منجهان ڪجهه عنوان هن ريت آهن.

    1. حضرت محمد ڪريم ﷺ جو مشن، سائوٿ ايشين اسٽڊي، يونيورسٽي آف سسيڪس 1976ع.

    2. ڪرسچن فڪر جون اهم صنفون، سائوٿ ايشين اسٽڊي، يونيورسٽي آف سسيڪس 1976ع

    3. پاڪستان جي ڳوٺاڻين عورتن جو ٽين دنيا ۾ ڪردار (ٽين دنيا جي ملڪن جي 1979ع ۾ ايدمبرا يونيورسٽي ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ پڙهيل.)

    4. اسلام ۾ عورت جا حق ۽ سوسائٽيءَ جو انهن ڏانهن رويو. ايڊمبرا يونيورسٽي ۾ پڙهيل.1979ع.

    5. صوفياڻي شاعريءَ ۾ عالمي امن، ڀائپيءَ ۽ پيار جو پيغام، پروٽيسٽنٽ چرچ ايڊمبرا ۾ پڙهيل.

    سندس ڪيل علمي پورهيي جي مڃتا طور کيس ڪيترن ئي ادارن کان مختلف ايوارڊ پڻ مليا. سندس ڪتاب (The Poetry of Shah Abdul Lati ) شايع ٿيڻ تي سنڌ سرڪار کان ڪيش ايوارڊ 1988ع. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي نالي سان جاري ڪيل ايوارڊ ڊاڪٽر انيمري شمل انسٽيٽيوٽ حيدرآباد کان 1986ع شاهه لطيف گولڊ ميڊل، لطيف ادبي اڪيڊمي پاران 1989ع پير حسام الدين ايوارڊ، سنڌ ڪلچرل ڪائونسل ڪراچي کان 1993ع ۾ انٽرنيشنل سچل ڪانگريس ايوارڊ، سنڌ گريجو ئيشن ايسوسيئيشن کان 1981ع ۾.

    پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي گورنرس جي 1993ع کان 1995ع تائين ميمبر رهي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ”سچل چيئر“ جي ائڊوائيزري بورڊ جي ميمبر ۽ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي گورننگ باڊي جي پڻ ميمبر هئي. علمي خدمتن کان سواءِ پاڻ آل سنڌ وومين ايسو سيئيسن (اسوا) نالي هڪ سماجي تنظيم جو پڻ بنياد وڌائين. جنهن جي پليٽ فارم تان نه رڳو ڪراچي جي ٻهراڙين ۾ غريب عورتن جي مدد ڪرڻ، پرائمري تعليم جا اسڪول کولائڻ ۽ وقت به وقت بيمارن ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي هئي. پر ٻوڏ اچڻ يا برساتن پوڻ کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۾ هو، پاڻ روز جي استعمال جو سامان کڻي سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ ويندي هئي. جيڪو (اسوا) جي حوالي سان غريبن ۾ ورهايو ويندو هو. عام طور تي وڏ گهراڻيون عورتون ڳوٺن جي غريب ماڻهن کي ڪا اهميت نه ڏينديون آهن پر ڊاڪٽر صاحبه جي اهڙي ته شفيقانه ۽ حليم طبعيت هئي جو هوءَ جڏهن به ڳوٺ (اڪثر هر مهيني) ويندي هئي ته پاڙي وارن ٻارڙن لاءِ شين ۽ رانديڪن جي گاڏي ڀري ويندي هئي. مسڪينن جي ٻارڙن کي پنهنجي عزيزن جي ٻارن وانگر پيار ڪرڻ سندس خاص شيوو هو. ڪراچي جي مختلف سماجي ادارن ۽ اسپتالن ۾ داخل ٿيل مريضن جي خاموشيءَ سان مدد ڪرڻ سندس ٻيو معمول هو. ايڏي وڏي خاندان جي انتهائي پروقار ۽ عالم خاتون سان سنڌ ته ڇا پر ڳوٺ جو ڪو به ماڻهو بي ڌڙڪ سندس آفيس ۾ ملي ڏک سور ٻڌائي سگهندو هو. اهي سندس اهڙيون ته مثالي خوبيون هيون جيڪي سندس لاڳاپي وارن ماڻهن کي سڄي عمر ياد رهنديون. 26 ڊسمبر 1997ع تي پاڻ لاڏاڻو ڪري وئي. 27 ڊسمبر تي کيس اباڻي قبرستان سن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    302
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو