• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سماج ۾ عورتن جي ڪٿائن جا به عجيب ۽ انوکا روپ آهن ۽ هر عورت روپ ۾ چاهي هُجي (ماءُ ، ڌيءَ ، سس، ننهن)

Sindhi Media

سينيئر رڪن
! Write on Current social issues ! Dramatize & Bring mental Changes
(EDUCATE SINDH - SAVE SINDH - SAY (LONG LIVE SINDH)
OATH - قسم نامون
اسان ڪوشش ڪنداسون اوهان جي سنڌي اسڪرين تي چينج آڻڻ جي . لکندا رهنداسون مُسلسل ۽ لڳاتار پوءِ ڀلي ٺڪرائجن اهي ڪهاڻيون روائيتي هڪ هٽيءَ (مونو پوليءَ) جي ڪري ۽ لڳاتار لکندارهنداسون سنڌي چئنلن لاءِ روايتي ڪهاڻين (موالگيري، ڌاڙيل گيري ، ڀوتار ڪمدار ۽ پوليس گيريءَ جي پروموشن) کان بلڪل هٽي ڪري ۽ ٻين روز مره جي پيش ايندڙ اشوز تي ڪهاڻيون ۽ ان پڪ سان ته اسانجي اها مسسل ڪاوش ۽ اهو نازڪ قطرو ، مسلسل وسڪارو ،هڪ ڏينهن ضرور سوراخ ڪري آڻيندو سنڌي ميڊيا ۽ سماج جي ذهنن ۾ تبديلي ء ختم ٿيندي درٻارين جي مونو پولي ، هڪ هٽي ، مٽي مائٽي، ڳوٺاگيري، ياري باشي ، لالچگيري ۽ گروپ بندي ۽ بڻائينداسون پبلڪ کي (سوشل ميڊيا) جي ٿُرو اسڪرپٽ ايڊيٽر ته پرکي ۽ ڪرٽڪ ڪري کُلي ساڙ ، تعصب ۽ رستا روڪ کان هٽي ڪري . ته کُلا اسڪرپٽ آهن ميدان تي کُلي علمي تنقيد لاءِ ۽ نصاب موجب، ۽ نئين جنريشن جي سکيا لاءِ ته اشور ڪيئن ڪجن ڊراماٽائيز جن ۾ لازمي هُجي ليکڪ ۽ صحافت جو فلسفو گهڙيل جهڙوڪ (پنج ڊبليو ۽ هڪ ايڇ) جو استعمال. پنج ڊبليوز آهن ڪهاڻيءَ جو معيار پرکڻ لاءِ (واٽ، ويئر، هو، واءِ وين) ۽ هڪ (ايڇ) هائو! به اُن ۾ هُجي لازمي ته اسڪرپٽ ٿيو مُڪمل ۽ ليکڪ به معياري سڏبو.
1544321_10205791902337579_785205963042206906_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ONE LINE
ته دوستئو ! سماج ۾ عورتن جي ڪٿائن جا به عجيب ۽ انوکا روپ آهن ۽ هر عورت روپ ۾ مُنفرد آهي پوءِ سڀاڳي چاهي هُجي (ماءُ ، ڌيءَ ، سس، ننهن وغيره) پر اُها هميشه ترجيح ڏئي ٿي پنهنجي سوچ ۽ خواهش کي مٿي هُئڻ جي. ڀاڳ ڀلاريءَ ست قرآن کي نه وڻيس هڪ جهڙائيءَ هڪ جهڙين ۾ ۽ نئي وڻيس هيٺائين ڪرڻ انا جي ڪري ۽ پوءِ سندس سوچ رهي ٿي هميشه مُنفرد ۽ هميشه پلان ٿي ڪري پنهنجي وت کان مٿي سوچڻ جي . ته پوءِ سماجي مسئلا ٿين ٿا پئدا . گهرن کان شروع ، وڌن ٿا پاڙن ، گهٽين ، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پوءِ ٿين ٿا هنگاما ذات پات ۾ ۽ جُڙن ٿيون سماج سُڌار سوسائٽيون اهڙا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ، اهو سوچڻ بنان ته آخر سماج ڊسبيلنس ڇو ٿيو ڪنهن ڪيو ۽ انهيءَ پنهنجي سچ يا ڪوڙ ڪري ۽ پوءِ ان جا نتيجه به پون ٿا سڀني کي ڀوڳڻا. ڀلي اها گهر زال ڪيتري بدتر هجي مُڙس لاءِ يا مُڙس زال لاءِ پر اولاد ته ماءُ جو ئي رهي ٿو ساٿاري ڪهڙي به هُجي، جنم جو ڏنائين 9 مهنا پيٽ ۾ رکي ۽ تڪليفون سهي. پيءَ جي تڪليف معاش لاءِ ڪنهنکي پوندي پوءِ ياد . پوءِ هڪ ماءُ سوچيندي آهي ته امير ۽ خوبصورت نُنهن ڪري اچان. ٻي ماءُ سوچيندي آهي ته سندس ڌيءَ لاءِ به کيس امير ۽ خوبصورت ڇوڪرو ملي. امير نه هُجي، پر هُجي ڀلي کڻي راشي ڪامورو ته ڌيءَ يا پُٽ ته عيش ڪري . ۽جڏنهن مُرادون پوريون نه ٿينديون آهن ۽ ٿينديون آهن اُبتڙ ، ته عمر وڌڻ ڪري ڌيءَ لاءِ واٽ بچي ٿي مجبورن خواهشن جي خلاف هيٺائين ۾ رشتي ڪرڻ جي ۽ گهٽ معيار ۽ گهٽ سوچ جو مجبورن اهو رشتو ڪرڻو پوندو آهي ۽ پوءِ ڌيءَ ان غريب يا ماني مڇي واري گهر ۾ ڳوليندي آهي مائٽن وارو اميري ۽ عيش ته ماءُ جي انهن خواهشن جي نا تڪميل ڪري گهوٽ ۽ ڪنوار جو لڳندو آهي بيجوڙ جوڙو ۽ رهندي آهي گهر ۾ هر هر ڪل ڪل ، ويندو آهي پوءِ سماج بُراين ۾ گهرجي . اسانجي هيءَ ٻي نئي ڪهاڻي (اسڪرين پلي ) عورت ڪٿا بنام (ڦٽا ڀاڳ ڀلا مُنهنجا) تحرير ، مُڪالما ۽ منظر ڪشي (عبدالرزاق ميمڻ) به انيءَ عورت ڪٿا جي ڪڙي آهي ۽ اهڙين ۽ بي جوڙ رشتن ۽ اُنهن جي نتيجن کي واکو ڪرڻ تي لکندا آهيون ته رڙيون ڪندڙ هي سماج ڪيئن پنهنجن ئي ڏنل درد ۽ پيڙهن گهرجي ٿو ۾ پوءِ سماج کي ڏوهي بڻائي همدرديون وٺجن ٿيون جتي آهي نه زال خوش، ته نه مُڙس خوش ۽نه ئي ٻار . پوءِ سماج جي صحيح تربت خاڪ ٿيندي . ڏسبو ته ڪيئن ماءُ جيڪا اولاد جي هنج ، تربيت گاهه سڏجي ٿي مڙس لاءِ ڪهڙو رپ رکي ٿي ۽ پوءِ اولاد لاءِ ڇا ٿي بڻجي ته انتظار ڪريو ! سگهوئي سوشل ميڊيا تي اوهانجي پڙهڻ لاءِ ۽ اسڪرين چينج لاءِ لکنداسون اهڙيون ڪهاڻيون ۽ ڪٿائون جنهن جو جڙ ئي آهي عورت ۽ ڪٿا ۽ قانون به ڏنو آهي کي هڪ معيار بنام(جينڊر سينسيشن). اڄ جي ليکڪ کي اپيل ته : جديد اشور ۽ انهن جي حل کي لکو ۽ ڊراما ٽائيز ڪري سماج جي سائڪوٿراپي ڪري تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪرو! سنڌي ماڻهوءَ کي علم جي حصول ۾ مدد ڪريو ! سنڌ سلامت ته ساٿ سلامت.
 
Back
Top