• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لکندا رهنداسون مُسلسل۽لڳاتار پوءِ ڀلي ٺڪرائجن روايتي هڪ هٽي جي ڪري عورت ڪٿا(بيبي صاحبه آپا خير)عامله

Sindhi Media

سينيئر رڪن
اسان ڪوشش ڪنداسون اوهان جي سنڌي اسڪرين تي چينج آڻڻ جي . لکندا رهنداسون مُسلسل ۽ لڳاتار پوءِ ڀلي ٺڪرائجن روايتي هڪ هٽي جي ڪري ۽ لکنداسون سنڌي چئنلن لاءِ روايتي ڪهاڻين (موالگيري، ڌاڙيل گيري ، ڀوتار ڪمدار ۽ پوليس گيريءَ جي پروموشن) کان بلڪل هٽي ڪري ٻين روز مره جي پيش ايندڙ اشوز تي ڪهاڻيون ۽ ان پڪ سان ته اسانجي اها مسسل ڪاوش ۽ اهو نازڪ قطرو مسلسل وسڪارو هڪ ڏينهن آڻيندو سنڌي ميڊيا ۽ سماج جي ذهنن ۾ تبديلي ء ختم ٿيندي هڪ هٽي ۽ گروپ بندي.

ته دوستئو ! سماج ۾ عورتن جي ڪٿائن جا به عجيب ۽ انوکا روپ آهن ۽ هر عورت روپ ۾ چاهي هُجي (ماءُ ، ڌيءَ ، سس، ننهنُ) ۽ سندن پنهنجي سوچ ۽ خواهش رهندي آهي مٿي هئڻ جي. نه قبو ڪندي آهي هڪ جهڙائيءَ ۽ نئي هيٺائين وٺڻ جي ۽ سوچ رهي ٿي هميشه پنهنجي وت کان مٿي سوچڻ جي ۽ پوءِ سماجي مسئلا ٿين ٿا پئدا. جُڙن ٿيون سوسائٽيون حل لاءِ سوچڻ بنان ته سماج ڊسبيلنس ٿيو پنهنجي سچ ڪري ۽ ان جا نتيجه به ته پوءِ ڀوڳيندو. هڪ ماءُ سوچيندي آهي ته امير ۽ خوبصورت نُنهن ڪري اچان. ٻي ماءُ سوچيندي آهي ته سندس ڌيءَ لاءِ به کيس امير ۽ خوبصورت ڇوڪرو ملي. امير نه هُجي، پر هُجي ڀلي کڻي راشي ڪامورو ته ڌيءَ يا پُٽ ته عيش ڪري . ۽جڏنهن مُرادون پوريون نه ٿينديون آهن ۽ ٿينديون آهن اُبتڙ ، ته عمر وڌڻ ڪري ڌيءَ لاءِ واٽ بچي ٿي هيٺائين ۾ رشتي ڪرڻ جي ۽ گهٽ معيار ۽ سوچ جو مجبورن رشتو ڪرڻو پوندو آهي ۽ پوءِ ڌيءَ ان غريب يا ماني مڇي واري گهر ۾ ڳوليندي آهي مائٽن وارو اميري ۽ عيش ته ماءُ جي خواهشن جي نا تڪميل ڪري گهوٽ ۽ ڪنوار جو ڄهڻ لڳندو آهي بيجوڙ جوڙو ۽ ويندو آهي پوءِ سماجي بُراين ۾ گهرجي . اسانجي هيءَ ٻي نئي ڪهاڻي (اسڪرين پلي ) عورت ڪٿا بنام (ڦٽا ڀاڳ ڀلا مُنهنجا) تحرير ، مُڪالما ۽ منظر ڪشي (عبدالرزاق ميمڻ) به اهڙين ۽ بي جوڙ رشتن ۽ اُنهن جي نتيجن کي واکو ڪرڻ تي لکندا آهيون ته رڙيون ڪندڙ هي سماج ڪيئن پنهنجن ئي ڏنل درد ۽ پيڙهن گهرجي ٿو ۾ پوءِ سماج کي ڏوهي بڻائي همدرديون وٺجن ٿيون جتي آهي نه زال خوش، ته نه مُڙس خوش ۽نه ئي ٻار . پوءِ سماج جي صحيح تربت خاڪ ٿيندي . ڏسبو ته ڪيئن ماءُ جيڪا اولاد جي هنج ، تربيت گاهه سڏجي ٿي پوءِ اولاد لاءِ ڇا ٿي بڻجي ته انتظار ڪريو ! سگهوئي سوشل ميڊيا تي اوهانجي پڙهڻ لاءِ ۽ اسڪرين چينج لاءِ آلکنداسون اهڙيون ڪهاڻيون.
1544321_10205791902337579_785205963042206906_n.jpg
 
Back
Top