عشق جا اوجاڳا

عشق ۾ اوجاڳا
___________


اسان کي عشق اوجاڳا ڏنا آهن سدان سکڻا
نه سڪ ۾ ڪي سکيا ٿياسين نه ئي آهن اهي اچڻا

اسان وٽ سوز ئي آ سوز جڏهن کان پيار رکيو سين پير
وڌي ويو پو اسان سان وير هر ڪو ئي ڏئي مهڻا

نازڪ نينهن نهوڙيو آ اسان ڏي پير کوڙيو آ
پريتم پيار ۾ پنهنجا سدائن سور هن سلڻا

سڪ جي ڇڪ هڻي ڇريون زخمن ۾ ڪري ٿي چور
اڻ تڻ هي ڏيئي اهڙي ٿيون پو نينهن ۾ نچڻا

ڏني هي عشق آتش آ ٻري ٿي باه ڪي شعلا
اندر ۾ روح کي رولا بره کان ڪين هون بچڻا

لڪائي ٿي اڃا منهنڙو ملائي ڪين ٿي نظرون
اسان ير ٿا هتي پڄرون ٻاهر ڪين هون ٻڌڻا


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top