• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نازڪ نسوري

نازڪ نسوري
__________________

نازڪ نسوري لکي حال پنهنجا احساس اوري
چئي دل ته محبوب هن تان ڏجي جان گهوري

سڀ ٿي ٻڌائي اندر جون هي اوتون
طلب ۾ تنواري ڪجه ڪين طوري

اها سڪ آ اهڙي اندر مان اٿي ٿي
سدان ئي سڄڻ ڏي جيڪا ٿي سوري

هي وجدان ويري جذبو جوانيون
ويو کائي جيءَ کي ائين جان جهوري

وڏا ڏک هي ڏاگها دردن جا ديرا
انهيءَ عشق ۾ يار هر ڪو ٿو ڏوري

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top