نازڪ نسوري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    نازڪ نسوري
    __________________

    نازڪ نسوري لکي حال پنهنجا احساس اوري
    چئي دل ته محبوب هن تان ڏجي جان گهوري

    سڀ ٿي ٻڌائي اندر جون هي اوتون
    طلب ۾ تنواري ڪجه ڪين طوري

    اها سڪ آ اهڙي اندر مان اٿي ٿي
    سدان ئي سڄڻ ڏي جيڪا ٿي سوري

    هي وجدان ويري جذبو جوانيون
    ويو کائي جيءَ کي ائين جان جهوري

    وڏا ڏک هي ڏاگها دردن جا ديرا
    انهيءَ عشق ۾ يار هر ڪو ٿو ڏوري

    رسول بخش دائودپوٽه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو