هاڻي مکيون به جاسوسي ڪنديون

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG] توهان مکين کي ته گند ڪچري تي ڏٺو ئي هوندو پر ڇا ڪڏهن اهو به سوچيو اٿوَ ته نشيدار شين ۽ بمن کي ڳولڻ لاءِ به هڪ مک ڪارائتي ثابت ٿيندي؟ برطانوي سائنسدان ٿامس نوٽوني دعويٰ ڪئي آهي ته فروٽ فلائي نالي مک نشي آور شين ۽ ڌماڪو ڪندڙ مادي جي بوءِ سنگهڻ جي معاملي ۾ ڪتن کان ڪنهن به طرح پوئتي ناهن. ان کوجنا دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته انهن مکين کي به پنهنجي سُنگهڻ جي بهترين حواس ڪري جاسوسي مک جو نالو ڏنو ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن ته ان جي لاءِ ڪتن جيان مکين جي به تربيت ڪرڻ جي ضرورت پوندي. محققن جو چوڻ آهي ته مک ڌماڪيدار مادي کي سنگهڻ جي حيرت انگيز صلاحيت رکي ٿي، جيتوڻيڪ عام طور تي هيءَ فروٽن جي بوءِ طرف ڇڪبي آهي، جڏهن ته واقف بوءِ به ان کي پنهنجي طرف ڇڪيندي آهي. محققن موجب اها مک ڌماڪيدار مادو ۽ نشيدار شين جي ڳولا لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو