خدابخش جويو
سينيئر رڪن
ساز ويڳاڻا ۽ نروس هئا !
خدابخش جويو(26.2.2015)
ماءُ : ابا ... پٽ.. او منهنجا لاڏلا پٽ، اٿ، اڄ ڇا ٿيو اٿئي، اڃا ستو پيو آهين. ڏس سج ڪيترو مٿي چڙهي آيو آهي. اڄ ڪهڙو نڀاڳ کنيو اٿئي.. “رياض” به نه ڪيو اٿئي. : مٺڙي لهجي ۾ ماءُ پنهنجي پٽ کي بستري تي گهڻو دير تائين ليٽيل ڏسي پريشاني ءَ ۾ چيو.
سندس پٽ جيڪو روزانو صبح سوير اٿي سازن سان کيڏندو هو ۽ سر ۽ ڪلا ۾ مستي ايندي هئي. اهو هن جي روز جو معمول هو
ماءُ جي بار بار پڪار کان پوءِ هو اٿيو ۽ پٽ تي ڪنڌ مونن ۾ وجهي ويهي رهيو.
“پٽ تي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو آهين ؟ ” ماءُ پنهنجي پٽ کي پيار ۽ پاٻوه منجهان چيو . ماءُ جي سڪ ۽ اڪيرڀريل سوال تي هن ڪنڌ مٿي کنيو، سندس اکين مان لڙڪ ڳڙي رهيا هئا.ا
پٽ جي ان حالت تي ماءُ جي دل جي ڌڙڪن وڌي وئي ۽سندس زبان مان بي اختيار لفظ ڪمري اندر پڙاڏو بنجي ويا. “ ائي مٺيس”
ڇو پٽ ڪهڙي ماجرا ٿي آهي؟
پٽ: امان هو ڏس منهجا “ساز به اڄ سوڳوار آهن” اچ امان پٽ تي ويهه گڏ جي سوڳ ڪيون.
ماءُ : “پر .. پٽ ٻڌاءِ ته صحيح ڇا ٿيو؟”
پٽ : “ امان.. جڏهن پره ڦٽيءَ ويل پنهنجي گهر جي اڳڻ تي پکي سر پکيڙيندا آهن، ته مان به پنهنجا سر وکيريندو آهيان. اڄ هنن به لاتيون ڪو ن ٻوليون. هو به ويڳاڻا، مان به ويڳاڻو.
ماءُ پنهنجي پٽ جون ڳالهيون ٻڌي، سندس ڀر ۾ ويهي، پنهنجي ڀاڪر ۾ آندو ۽ ٻئي هٿ سندس ڳلن تي رکي سندس منهن مٿي ڪيو. پٽ وڏي اونڇگار ڏني. سندس زبان مان لرزندڙ۽ چچريل لفظ گونجيا. ا...ما..ن... سنڌ ... ج..و.. ٻ..ي.. ج..ل !!!!!
ماءُ : اهو ڪلور ڪيئن ٿيو؟
پٽ
سڏڪندي) هو صادق (سچو) هو پر پوءِ به گناه بخشائڻ مڪي ويوهو ۽ حادثي ۾ ...........
ماءَ: انا الله و انا عليه راجعون.
۽ پوءِ ٻنهي سڏڪن ڀرئيو آواز آلاپيو : “ تو کان ٿيندي ڌار، لڙڪ لڙي پيا لا ڙ ڪري”
اچانڪ ٻنهي جي نظر سازن تي پئي.
ساز ويڳاڻا ۽ نروس هئا