• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

برطانوي شاگردياڻي پاران ڀٽڪيل روح جي تصوير ڪڍڻ جي دعويٰ

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن

برطانيا جي هڪ شاگردياڻي چيو آهي ته هن برطانيا جي راڻي ايلزبٿ 1 جي تيمارداري ڪندڙ ان وقت جي نوڪرياڻي جي ڀٽڪيل روح جي تصورير ڪڍي آهي، برطانيا جي شاگردياڻي موجب هن هيمپٽن ڪورٽ پيلس ۾ 1562ع ۾ ماتا سبب فوت ٿيل راڻي ايلزبٿ 1 جي تيمارداري ڪندڙ ڊيم سيبل پين جي ڀٽڪيل روح جي تصوير ڪڍي آهي، هيمپٽن پيليس بابت 200 سالن کان افواهه هئا ته اتي ڪجهه ڀٽڪيل روح آهن هاڻي هڪ شاگردياڻي پنهنجي آءِفون تي انهي گري رنگ جي مائي جي تصوير ڪڍي ڳالهين کي سچ ثابت ڪري ڇڏيو آهي، برطانيا جي 12 سالن جي شاگردياڻي هولي هيمپشائر موجب هو هيمپٽن پيليس گهمندي پنهنجي سوٽ جون تصويرون ڪڍي رهي هئي ته ان ۾ ڀٽڪيل روح جي تصوير به اچي وئي. ان گري عورت بابت اڳ به چيو ويو ته کيس 1829 ۾ به ڏٺو ويو هو، ان کان سواءِ هڪ ٻي عورت ڪيٿرين هوارڊ جنهن کي جنسي لاڳاپن سبب قتل ڪيو ويو هو ان جي ڀٽڪيل روح هجڻ بابت به چيو ويندو آهي ته هيمپٽن پيليس ۾ گهمندي وتندي آهي.
 
Back
Top