ڦاٽل جورابن همراهه جو مـڱڻو ٽوڙائي ڇڏيو!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 فيبروري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]
    جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته گذارو ڪرڻ لاءِ ڦاٽل جورابا پائجن ته احتياط ڪيو ۽ اها غلطي ان وقت نه ڪيو جڏهن توهان جي مڱيندي اوهان جي سامهون ويٺل هجي، سعودي عرب ۾ ڦاٽل جورابن سبب هڪ نوجوان جي مڱڻي ٽٽي پئي. اخبار ”الرياض“ موجب صوبي احسا سان تعلق رکڻ واري ڇوڪريءَ مڱيندي کي گهر گهرايو ته جيئن والدين جي موجودگيءَ ۾ ان سان ملاقات ڪجي. هلندڙ ملاقات ۾ ڇوڪري اوچتو ڪمري مان هلي وئي ۽ پنهجن والدين کي ميسج ڪيو جنهن ۾ لکيل هو، ”ابا حضور! مان ڇت کان ڪرڻ بدران ڏاڪڻين تان ڪرڻ پسند ڪنديس پر هن شخص سان شادي نه ڪنديس، ٿورو هن جي ڦاٽل جورابن ڏانهن ته نظر وجهو“!! والدين پنهجي ڌيءَ جي دليل سان مڪمل اتفاق ڪندي مڱڻي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو