مست
سينيئر رڪن
27 فيبروري تي ورلڊ ڪپ جي گروپ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جهڙي مضبوط ڪرڪيٽ ٽيم خلاف سائوٿ آفريڪا 408 رنسون ٺاهيون ۽ اهو ميچ 257 جهڙي ڳري مارجن کان کٽي ورتو.
ان ميچ ۾ سائوٿ آفريڪا جي بيٽنگ لاجواب رهي ۽ تقريبن هر بيٽسمين پنهنجي حصي جي راند سان سائوٿ آفريڪا کي وڏي اسڪور سيٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي پر 30هين اوور ۾ 146 رنسن تي جڏهن هاشم آملا آئوٽ ٿيو ته بيٽنگ لاءِ ايندڙ ڪپتان اي بي ڊي وليئرس ويسٽ انڊيز جي بالرن جون متيون منجهائي ڇڏيون ۽ آخري 20 اوورن ۾ پنهنجي ڇڪن ۽ چوڪن سان 264 رنسن جو واڌارو ڪيو، جنهن ۾ ٻين بيٽسمينن به سندس ساٿ ڏنو.
اي بي ڊي ويليئرس جا ڪجهه رڪارڊ:
1) ڊي وليئرس ڪرڪيٽ جي دنيا جو اهو واحد رانديگر آهن جنهن وٽ هاڻي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ ئي وقت تيز ترين ففٽي (13 بالن تي)، تيز ترين سينچري (31 بالن تي) ۽ تيز ترين 150 (64 بالن تي) رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ موجود آهي.
2) ڊي ويليئرس تيز ترين راند کيڏندي 150 رنسون فقط 64 بالن تي ٺاهيون، جڏهن ته ان کان پهرين 2011 ۾ آسٽريليا جي شين واٽسن 83 بالن تي بنگلاديش خلاف اهو ريڪارڊ ٺاهيو هو.
3) ڊي ويليئرس جون 162 رنسون گيري ڪرسٽن جي 188 رنسن بعد ڪنهن بعد سائوٿ آفريڪن رانديگر جون وڌ ۾ وڌ رنسون آهن. جيڪي اُن 1996 جي ورلڊ ڪپ ۾ يو اي اِي جي ٽيم خلاف ٺاهيون هيون.
4) 52 بالن تي ڊي وليئرس 100 رنسون ٺاهي ورتيون. ورلڊ ڪپ جي اها ٻيون نمبر تيز ترين سينچري آهي.
5) ياد رهي ته هن سال جي شروعات ۾ ويسٽ انڊيز جي خلاف ميچ ۾ ڊي وليئرس 31 بالن تي سينچري ٺاهي تيز ترين سينچري جو عالمي رڪارڊ قائم ڪيو هو.
6) ڪپتان جي حيثيت سان 9 سينچريون ٺاهي سائوٿ آفريڪا جو ڪامياب ترين ڪپتان بڻجي چڪو آهي.
7) سچن ٽنڊولڪر جي 6 ۽ رڪي پونٽنگ جي 5 سينچرين بعد ڊي وليئرس اهو رانديگر آهي جنهن ورلڊ ڪپ ۾ 4 يا ان کان مٿي سينچريون ٺاهيون آهن.
8) ويسٽ انڊين بالر جيسن هولڊر جي 21 بالن تي ڊي ويليئرس 7 چوڪن ۽ 6 ڇڪن سان 76 رنسون ٺاهيون، جيڪو ڪنهن به بيٽسمين جو هڪ بالر خلاف وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ آهي.
ڊي وليئرس جي رڪارڊ ٽوڙ اننگ جون جهلڪيون