عبدالغني لوهار سينيئر رڪن 1 مارچ 2015 #3 شاعري ۾ گهرائي ۽ وزن آهي ، عبدالعزيز صاحب جو مختصر تعارف پيش ڪندا
عبدالعزيز لغاري سينيئر رڪن 2 مارچ 2015 #4 عبدالغني لوهار لکيو آهي: شاعري ۾ گهرائي ۽ وزن آهي ، عبدالعزيز صاحب جو مختصر تعارف پيش ڪندا مڪمل اقتباس ڏسو... اداعبدالغني لوهار صاحب هي شاعري خود اي بي لغاري جي آهي هي فقير شھر سانگهڙ جو رهاڪو آهي.سنڌ سلامت فورم پنهنجو فورم آهي انهي ڪري ڪجھ ٻول وقت بوقت هي فقير شيئر ڪندو رهندو انشاء الله.
عبدالغني لوهار لکيو آهي: شاعري ۾ گهرائي ۽ وزن آهي ، عبدالعزيز صاحب جو مختصر تعارف پيش ڪندا مڪمل اقتباس ڏسو... اداعبدالغني لوهار صاحب هي شاعري خود اي بي لغاري جي آهي هي فقير شھر سانگهڙ جو رهاڪو آهي.سنڌ سلامت فورم پنهنجو فورم آهي انهي ڪري ڪجھ ٻول وقت بوقت هي فقير شيئر ڪندو رهندو انشاء الله.
عبدالعزيز لغاري سينيئر رڪن 2 مارچ 2015 #5 جي ٿئين مرد ميان! ته سوري تي رک سري ڇڏ مٽائي هستي کي پئو جيئري مري. هميشه عجز نياز جو سودو تون ڪر عجز ئي ڪرائيندئي بارگاھ رب جي مان بَري. اٿئي هي بحر وحدت جو گِھرو تمام ڪيئي ويا ٻڏي هن ۾ ڪيئي ويا تري. “من اعرف“واري مام کي پهرين تون پاڻ سڃاڻ پنهنجو پاڻ سمجھ تون قول “اَنا سِريۡ“. نڪري هل ناسوت مان ڇو ٿو ڪرين دير وڃ هميشه لاءِ عبدالعزيز لاهوت ڏي اُڏري.
جي ٿئين مرد ميان! ته سوري تي رک سري ڇڏ مٽائي هستي کي پئو جيئري مري. هميشه عجز نياز جو سودو تون ڪر عجز ئي ڪرائيندئي بارگاھ رب جي مان بَري. اٿئي هي بحر وحدت جو گِھرو تمام ڪيئي ويا ٻڏي هن ۾ ڪيئي ويا تري. “من اعرف“واري مام کي پهرين تون پاڻ سڃاڻ پنهنجو پاڻ سمجھ تون قول “اَنا سِريۡ“. نڪري هل ناسوت مان ڇو ٿو ڪرين دير وڃ هميشه لاءِ عبدالعزيز لاهوت ڏي اُڏري.