امين فهيم کي پنجاب حڪومت طرفان ڏنل پوليس گاڏي جو ڊيزل رستي ۾ ختم ٿي ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    لاهور(بيورو رپورٽ) سينيئر وفاقي وزير مخدوم امين فهيم کي پنجاب حڪومت پاران ڏنل پوليس سيڪيورٽي اسڪواڊ جي گاڏي جو ڊيزل رستي ۾ ختم ٿي ويو، جنهن ڪري مخدوم امين فهيم بنا ڪنهن سيڪيورٽي اسڪواڊ جي پنهنجي اڪيلي گاڏي ۾ لاهور هوائي اڏي روانو ٿي ويو. مخدوم امين فهيم ايڪسپو سينٽر لاهور ۾ جاري هٿ جي هنر جي نمائش جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڇنڇر ڏينهن لاهور آيو هو. ڪالهه صبح جو هو جڏهن لاهور کان واپس وڃي رهيو هو ته هوائي اڏي تي ويندي لاهور ڪينٽ جي علائقي ۾ کيس فراهم ڪيل پوليس اسڪواڊ جي اڪيلي گاڏي جو ڊيزل ختم ٿي ويو. جڏهن اسڪواڊ جي گاڏي بيهي رهي ته مخدوم پوليس اهلڪارن کان بيهڻ جو سبب پڇيو جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته گاڏي جو ڊيزل ختم ٿي ويو آهي. اها ورندي ٻڌي مخدوم امين فهيم پنهنجي ڊرائيور کي هوائي اڏي ڏانهن سفر جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. واضح رهي ته پنجاب حڪومت پوليس جي بجيٽ ۾ اربين رپين جو واڌارو ڪيو آهي پر ڪجهه وقت کان هر ٿاڻي مان اها شڪايت اچي رهي آهي ته کين پوليس موبائيلن جي ڊيزل جا پئسا به نه ٿا ملن جنهن ڪري دهشتگردي جي موجوده لهر ۾ سندن ڪارڪردگي نه هئڻ برابر وڃي رهي آهي. هتي اهو به واضح رهي ته گذريل سال پڻ مخدوم امين فهيم لکت ۾ اها شڪايت ڪئي هئي ته لاهور اچڻ وقت کيس صوبائي حڪومت هڪ کٽارا ڪار ڏيندي آهي جيڪا ڪنهن به حوالي سان سفر ڪرڻ جي قابل ناهي هوندي. مخدوم جي ان شڪايت بعد جيتوڻيڪ کيس اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر گاڏي ڏني ويندي آهي پر امن و امان جي موجوده خراب صورتحال ۾ سينيئر وفاقي وزير، پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي صدر مخدوم امين فهيم سان صوبائي حڪومت جي ان ورتاءَ ان جي رويي جي حوالي سان ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي.
    http://www.thekawish.com/
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: امين فهيم کي پنجاب حڪومت طرفان ڏنل پوليس گاڏي جو ڊيزل رستي ۾ ختم ٿي ويو

    ويچاري امن پسند ماڻهون امين فهيم کي حفاظتي انتظامن جي ڪهڙي ضرورت ۔۔۔ دهشتگرد به محترم امين فهيم کي ڏسي پاسو ڪندا هوندا ته ڪٿي مسڪين سان وڌيڪ ناانصافي نه ٿئي، گگدامڙو انسان آهي، هروڀرو کيس ڪير تڪليف ڏيندو ۔۔۔ !!!

    سنڌي ۾ هڪ پهاڪو آهي ” انڌي جهڙي ساهرين تهڙي پيڪين“
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: امين فهيم کي پنجاب حڪومت طرفان ڏنل پوليس گاڏي جو ڊيزل رستي ۾ ختم ٿي ويو

    سائين سنڌ پوليس اهڙي شڪايت ڪڏهن نه ڪئي آ ڊيزل نه هجڻ جي
    جو ڪوبه مسڪين ٿاڻي تي وڃي ته اڳ ئي انسپيڪٽر صاحب چوڻ لڳندو بابا هلون ٿا
    ڊِيزل ته گاڏي ۾ ڪونه آهي وڏو صاحب اچي ترس
    مجبورن 500 يا 1000 هر غريب جي کيسي مان پوليس جي گاڏين ۾
    وري پاڻ کي جيڪي فنڊ ان مد ۾ ملن اها ته سڀني کي خبر آ ته وڏو صاحب ڪاڏي ڪندو هوندو
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: امين فهيم کي پنجاب حڪومت طرفان ڏنل پوليس گاڏي جو ڊيزل رستي ۾ ختم ٿي ويو

    سائين نثار صاحب اوهان صحيح ٿا چئو، سائين مخدوم صاحب کي ڪير چوندو
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: امين فهيم کي پنجاب حڪومت طرفان ڏنل پوليس گاڏي جو ڊيزل رستي ۾ ختم ٿي ويو

    ايميل ايڊريس ٻڌايو اسان ڪجه ڪري سگهون ٿا؟!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو