عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
لاهور(بيورو رپورٽ) سينيئر وفاقي وزير مخدوم امين فهيم کي پنجاب حڪومت پاران ڏنل پوليس سيڪيورٽي اسڪواڊ جي گاڏي جو ڊيزل رستي ۾ ختم ٿي ويو، جنهن ڪري مخدوم امين فهيم بنا ڪنهن سيڪيورٽي اسڪواڊ جي پنهنجي اڪيلي گاڏي ۾ لاهور هوائي اڏي روانو ٿي ويو. مخدوم امين فهيم ايڪسپو سينٽر لاهور ۾ جاري هٿ جي هنر جي نمائش جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڇنڇر ڏينهن لاهور آيو هو. ڪالهه صبح جو هو جڏهن لاهور کان واپس وڃي رهيو هو ته هوائي اڏي تي ويندي لاهور ڪينٽ جي علائقي ۾ کيس فراهم ڪيل پوليس اسڪواڊ جي اڪيلي گاڏي جو ڊيزل ختم ٿي ويو. جڏهن اسڪواڊ جي گاڏي بيهي رهي ته مخدوم پوليس اهلڪارن کان بيهڻ جو سبب پڇيو جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته گاڏي جو ڊيزل ختم ٿي ويو آهي. اها ورندي ٻڌي مخدوم امين فهيم پنهنجي ڊرائيور کي هوائي اڏي ڏانهن سفر جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. واضح رهي ته پنجاب حڪومت پوليس جي بجيٽ ۾ اربين رپين جو واڌارو ڪيو آهي پر ڪجهه وقت کان هر ٿاڻي مان اها شڪايت اچي رهي آهي ته کين پوليس موبائيلن جي ڊيزل جا پئسا به نه ٿا ملن جنهن ڪري دهشتگردي جي موجوده لهر ۾ سندن ڪارڪردگي نه هئڻ برابر وڃي رهي آهي. هتي اهو به واضح رهي ته گذريل سال پڻ مخدوم امين فهيم لکت ۾ اها شڪايت ڪئي هئي ته لاهور اچڻ وقت کيس صوبائي حڪومت هڪ کٽارا ڪار ڏيندي آهي جيڪا ڪنهن به حوالي سان سفر ڪرڻ جي قابل ناهي هوندي. مخدوم جي ان شڪايت بعد جيتوڻيڪ کيس اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر گاڏي ڏني ويندي آهي پر امن و امان جي موجوده خراب صورتحال ۾ سينيئر وفاقي وزير، پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي صدر مخدوم امين فهيم سان صوبائي حڪومت جي ان ورتاءَ ان جي رويي جي حوالي سان ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي.
http://www.thekawish.com/
http://www.thekawish.com/