• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيي سند

Kamran Ali Channa

سينيئر رڪن
شاگرد سياست جي عمل ۽ ڪردار جي دائري سوڙهي ٿيڻ ۽ سرگرمي جي گهٽجڻ سان هڪڙي شئي هيء ٿي آهي ته شاگرد سياست ڪنهن حد تائين ويڳاڻپ جو شڪار ٿي وئي آهي البت ان ۾ هڪڙي چڱي ڳالھ هيء پيدا ٿي آهي،
ته اها وڌيڪ تعليماڻي ۽ اڪيڊماڻي Academic ٿي پيئي آهي.ان ۾ اڳي موجود جذباتپڻي ۽ منفي لاڙن ۾ لاٿ آئي آهي ۽ منجهس وڌيڪ بهتري جي گنجائش پڻ پيدا ٿي آهي جنهن منجهان مستقبل ۾ ڪي تمام سٺا،ڦلدائڪ ۽ لاڀائتا نتيجا ملڻ جي پختي اميد رکي سگهجي ٿي.
 
شاگرد سياست جي اهميت کان انڪار ممڪن ناهي. اها مستقبل جي رهبر جي نرسري آهي. سنڌ ۾ 1970 واري ڏهاڪي تائين شاگرد سياست جو ڪردار هاڪاري رهيو آهي. پر بدقسمتيءَ سان 1980 واري ڏهاڪي کان پوءِ شاگرد سياست ۾ ڪجھ غير سنجيده لاڙا پيدا ٿيا، ۽ تمام گھٽ عرصي ۾ سڄي شاگرد سياست کي وڪوڙي ويا.
اسان جي مادر علمين ۾ تدريسي ۽ تحقيقي ماحول ۾ بهتري اچڻ بيشڪ هڪ سٺو علم آهي ۽ ان کي قائم رکڻ اسان جي اولين ترجيح هجڻ کپي، پر هڪ سنجيده، سلجھيل ۽ داداگيريءَ کان پاڪ سياسي عمل به وقت جي وڏي تقاضا آهي.
 
Back
Top