جيي سند

'تعارف' فورم ۾ Kamran Ali Channa طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2015۔

  1. Kamran Ali Channa

    Kamran Ali Channa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2015
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    شاگرد سياست جي عمل ۽ ڪردار جي دائري سوڙهي ٿيڻ ۽ سرگرمي جي گهٽجڻ سان هڪڙي شئي هيء ٿي آهي ته شاگرد سياست ڪنهن حد تائين ويڳاڻپ جو شڪار ٿي وئي آهي البت ان ۾ هڪڙي چڱي ڳالھ هيء پيدا ٿي آهي،
    ته اها وڌيڪ تعليماڻي ۽ اڪيڊماڻي Academic ٿي پيئي آهي.ان ۾ اڳي موجود جذباتپڻي ۽ منفي لاڙن ۾ لاٿ آئي آهي ۽ منجهس وڌيڪ بهتري جي گنجائش پڻ پيدا ٿي آهي جنهن منجهان مستقبل ۾ ڪي تمام سٺا،ڦلدائڪ ۽ لاڀائتا نتيجا ملڻ جي پختي اميد رکي سگهجي ٿي.
     
  2. عاشق سمون

    عاشق سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2015
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    62
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    آرڪيٽيڪٽ
    ماڳ:
    هاڻوڪو: رياض، سعودي عرب. اصل: ٽنڊو آدم، سنڌ
    شاگرد سياست جي اهميت کان انڪار ممڪن ناهي. اها مستقبل جي رهبر جي نرسري آهي. سنڌ ۾ 1970 واري ڏهاڪي تائين شاگرد سياست جو ڪردار هاڪاري رهيو آهي. پر بدقسمتيءَ سان 1980 واري ڏهاڪي کان پوءِ شاگرد سياست ۾ ڪجھ غير سنجيده لاڙا پيدا ٿيا، ۽ تمام گھٽ عرصي ۾ سڄي شاگرد سياست کي وڪوڙي ويا.
    اسان جي مادر علمين ۾ تدريسي ۽ تحقيقي ماحول ۾ بهتري اچڻ بيشڪ هڪ سٺو علم آهي ۽ ان کي قائم رکڻ اسان جي اولين ترجيح هجڻ کپي، پر هڪ سنجيده، سلجھيل ۽ داداگيريءَ کان پاڪ سياسي عمل به وقت جي وڏي تقاضا آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو