سن ۾ مڪاني هنرن جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ تجويزون

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    سن ۾ مڪاني هنرن جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ تجويزون

    1920ع ڌاري سائين جي ايم سيد سن جي پسگردائي ۾ موجود روزگار جي وسيلن بابت گهڻ رخي سروي ڪرائي. مقامي ڪچي مال تي ٿوري محنت ڪرڻ ۽ سرڪار جي سهڪار حاصل ڪرڻ سان اقتصادي ترقي جا نت نوان رستا کلي سگهيا ٿي. عوام جو معيار زندگي بهتر ڪرڻ لاءِ سن ڳوٺ ۾ مڪاني هنرن جو واڌارو ۽ سڌارو ڪرڻ ضروري سمجهيو. ان سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد ”سن ۾ مڪاني هنرن جو واڌارو ۽ سڌارو“ جي عنوان سان مضمون لکيو ۽ سائين جي ايم سيد جي لائبريري ۾ موجود هو. جيڪو جي ايم سيد فائونڊيشن طرفان آزاد قاضي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”چونڊ سماجي مضمون“ ۾ به ڏنو ويو. جيئن ته اهو مضمون خاص سن ۾ ٿيندڙ پيداوار ذريعي عوام جو معيار زندگي بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾سائين جي ايم سيد تجويزون پيش ڪيون. ان ڪري اها معلومات هتي شامل ڪجي ٿي.

    سن ڳوٺ ۾ مڪاني هنرن جو واڌارو ۽ سڌارو

    هتي هيٺين شين جي پيداوار آهي.

    1. جبل مان پيسش جو گهڻي تعداد ۾ اچڻ، 2. جبل مان رڍن جي پشم جو اچڻ، 3. لاڻي جي وڻ مان کار جو پيدا ٿيڻ، 4. سرنهن ۽ ڄانڀي جو تيل، 5. گهه جو جبل ۽ ماڙي ٻيلي مان اچڻ، 6. ماکي ۽ کونئر جو ماڙي ٻيلي مان اچڻ، 7. ٻٻرمان پلڙا ۽ چيچڪا ٻيلي مان اچڻ، 8. ويهه ميل پنڌ تي چيروليءَ جون کاڻيون.

    1. پيش:

    هن ٻوٽي مان ٽوڪريون، تڏا، نکون، ڇٻا، ڇٻيون، دٻڪيون ۽ واڻ ٺهندو آهي مقامي سطح تي ان جي کپت جو خاص نفعي بخش طريقيڪار نه هئڻ ڪري، ان تي ٿيندڙ محنت جهڙوڪر رائگان ويندي هئي. ان ڪري سائين جي ايم سيد تجويز ڏني ته ”شهر ۾ گهرجن موافق سامان ٿوري سڌاري سان ٺهرائي سگهجي ٿو. جنهن لاءِ اهڙي قسم جو ڪاريگر 4 مهينا کن سن ۾ گهرائي، ماڻهن کي سيکارڻ لاءِ ڪوشش ڪجي. آئون ڀانيان ٿو ته ڊائريڪٽر آف انڊسٽريز بمبئي کي لکڻ سان يا ڪانگريس جي کولايل سڀا کي لکڻ سان اهڙو ماڻهو گهرائي سگهبو.“

    ان سلسلي ۾ سندس اهو به خيال هو ته ”سنڌ ۾ گهڻن هنڌن تي اهڙي قسم جو ڪم ٿيندڙ آهي. سو هڪ ڪاريگر ٻارهن مهينن لاءِ سن واسطي کڻي گهرائجي. ان کان پوءِ هڪ ايجنسي ان ڪم جي کولجي. جا انهن شين جو ڪئٽلاگ ڇپائي، انهن کي مشهوري ۽ اخبار ۾ اشتهار وجهرائي ملڪ کي خبردار ڪجي.“

    2. پشم جون فراسيون ۽ غاليچا:

    ان ڪم ۾ صحيح صفائي نه هئڻ ۽ مقامي سطح تي انهن جي گهرج گهٽ هئڻ ڪري ان ڪم مان ماڻهن جي دلچسپي ختم ٿيندي پئي ويئي. ان ڪري سائين جي ايم سيد ان لاءِ رٿ ڏني ته ”ان کي زور وٺائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن هزارن جي موڙي سان هڪ ڪارخانو کولڻ گهرجي. جو مڪامي پشم خريد ڪري ان کي چڱيءَ طرح صفا ڪرائڻ لاءِ ڪو ماڻهو خاص طرح گهرائي صفا ڪرائڻ کان پوءِ فراسين ۽ غاليچن جا ڪاريگر لڏائي اچي سن ۾ ويهاري، اتي کين روز تي يا ٻي طرح رکجي ۽ سامان ان ڪارخاني جي معرفت ٻين ملڪن ۾ موڪليو وڃي ۽ خاص طرح آرڊر گهرايا وڃن.“

    3. لاڻيءَ جو وڻ:

    هن وڻ مان ماڻهو کارٺاهيندا هئا، هٿ سان ٺاهڻ ڪري، مشين واري کار کان سادي ۽ اڻ وڻندر هئي. ان ڪري ان جي کپت گهٽجي پئي وئي. ان سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد جي تجويز هئي ته ”جيڪڏهن کوجنا ڪرائجي ته امڪان آهي ته هيءَ کار هوند ڪاسٽڪ سوڍا جهڙي ٿي پوي. صابڻ جو ڪارخانو جو اڳ ئي سن ۾ هو جنهن لاءِ سوڍا ٻاهران ٿا گهرائين. هوند اهي مڪاني سوڍا ڪم آڻين ته پئسو به ڳوٺ ۾ رهي ۽ ڪيترن ماڻهن جو روزگار به ٿي پوي. ۽ گهٽ ۾ گهٽ سڄي سنڌ جي ڪاسٽڪ سوڍا جو پورائو ٿي پوي.“

    4. سرنهن ۽ ڄانڀي جو تيل:

    سرنهن ۽ ڄانڀي مان تيل ڪڍي اڪثر ماڻهو ان کي صرف وهنجڻ جي استعمال لاءِ ڪتب آڻيندا هئا. ڪڏهن، ڪڏهن کاڌي جي شين ٺاهڻ لاءِ پڻ استعمال ۾ آندو ويندو هو. ان کي انساني ضرورتن جي بهتر استعمال لاءِ ڪارگر بنائڻ واسطي سائين جي ايم سيد جو خيال هو ته ”کوجنا جي ذريعي جيڪڏهن ان کي صابڻ جي ڪم آڻڻ جهڙو ڪجي ته هوند سن جي صابڻ فيڪٽريءَ لاءِ ٻئي گهربل شيون (سرنهن ۽ ڄانڀو) مقامي طرح پيدا ٿي پوي، يا ان ۾ سڻڀ گهٽرائي مٿي ۾ وارن جي مکڻ لاءِ ڪارگر تيل ڪري ڪم آڻجي. اڄ ڪلهه ملڪ ۾ ريشمي ۽ قيمتي ڪپڙا پائڻ ڪري ماڻهو اهو (مقامي سادو) تيل واپرائي رهيا آهن. جو هڪ ته ان ۾ سڳنڌ ۽ سڻڀ به گهٽ آهي هن تيل ۾ جي مٿيون ٻئي خاصيتون (سڳنڌ ۽ سڻڀ گهٽ هئڻ) پيدا ڪرائي سگهجن ته ملڪ هوند ٻاهر جي تيلن کان آزاد ٿي پوي. ڳوٺ جا ماڻهو جي مٿئين طريقي کان واقف ٿين ته هوند اعليٰ نموني جون مشينون آڻي ڪم ڪن.“

    5. ڊيري کولڻ:

    سنڌ جي وڏي حصي وانگر سن ۽ ان جي پسگردائي جي عام ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو مختلف قسم جي مال جهڙوڪ: مينهون، ڳئون، ٻڪريون، رڍون، اٺ وغيره پالڻ تي هوندو آهي. انهن مان حاصل ٿيندڙ کير، مکڻ کي ڪيئن اهميت وارو بنائي، مارڪيٽ ۾ قابل قبول ڪري، ملڪ جي ٻين ڀاڱن جي گهرجن جي پورائي لاءِ ڪم آڻي سگهجي. ان سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد پاران ڪرايل سروي موجب ان وقت ٻيلي ۾ هڪ هزار کن مينهون، ٻه هزار ڳئون، چار هزار ٻڪريون، ۽ چار هزار رڍون هيون. جن مان هڪ سئو کان اڍائي سئو مڻ کير هر روز پيدا پئي ٿيو.

    کير جي ان پيداوار کي ڪارگر يا استعمال لائق بنائڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جو خيال هو ته هيٺين ڳالهين جي ضرورت آهي.

    1.ٻيلي کاتي کان خاص رعايتون وٺجن، جي هن وقت هو نه ٿا ڏين.

    2. مالدارن جي ڪو آپريٽوِ سوسائٽي ٺاهجي.

    3. هڪ مشين (حاصل ڪري استعمال ڪجي.) جا کير مان مکڻ جون چيزون ٺاهي ۽ ٽن ڪري سگهجي.

    4. هڪ آزمودگار ماڻهو ان جي سار سنڀال لاءِ رکجي.

    6. ماکي:

    سن شهر، درياءَ سنڌ ۽ سن نئين جي ڪنڌيءَ تي واقع آهي. ان دور ۾ سن جي پسگردائي ۾ ٻيلا هوندا هئا. جن ۾ ماکي عام جام ٿيندي هئي. جا مقدار جي لحاظ کان مقامي آبادي جي استعمال کان وڌيڪ هوندي هئي. ان کي ملڪي ضرورتن جي پورائي لائق بنائڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جو خيال هو ته ”ماکي عام طرح جدا جدا ملڪن ۾ وڃي ٿي. پر واپاري ان ۾ ملاوٽ ڪري خراب ماکي ٻاهر موڪلين ٿا. جي ماکي ٽن ڪرڻ جو نمونو ڪتب آڻجي ته گهڻن ملڪن کي ماکي پهچائي سگهجي ٿي.“

    7. کئونئر:

    سن جي پس گردائي ۾ ٻيلن جي جهجهي تعداد ۾ هئڻ ڪري، کئونئر پڻ عام جام هوندو هو . پر ان جي بهتر استعمال نه هئڻ ڪري اهو مقامي آبادي لاءِ گهٽ ڪارڪر هو. ان ڳالهه کي خيال ۾ رکندي سائين جي ايم سيد جو خيال هو ته ”جي کئونئر کي صفا ڪري شيشن رستي ٻاهر موڪلڻ جو ڪارخانو کولجي ته گهڻن ملڪن کي پهچائي سگهجي. ٻيلي کاتي وارا جملي ڊويزن جي کئونئر هٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪندا.“

    8. چيرولي:

    سن کان اولهه ۾ ڪجهه پنڌ تي جبلن ۾ چيرولي نالي هڪ اهڙو معدني ذخيرو موجود آهي، جنهن کي صاف ڪري بهتر استعمال هيٺ آڻي، ان مان مختلف حوالن سان پلاسٽڪ آف پيرس جو ڪم وٺي سگهجي ٿو. ان ڳالهه جي اهميت کي نظر ۾ رکندي سائين جي ايم سيد جي راءِ هئي ته ”چيرولي جبل مان موٽر بس جي رستي اچي سگهي ٿي. جو ان ٽڪر تائين موٽر (گاڏي) لاءِ رستو آهي. ان کي سن ۾ آڻڻ بعد يا اتي پچائي طرح طرح جا پلاسٽر آف پئرس جا ڪم ٺاهي سگهجن ٿا.

    سن وارن ٽڪرن مان ملندڙ چيرولي جي مختلف شين ٺاهڻ لاءِ پلاسٽر آف پئرس طور استعمال جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته مارچ 1979ع ۾ مشهور آرٽست ڊاڪٽر محمد علي ڀٽي، جڏهن سائين جي ايم سيد جو مجسمو ’برسٽ‘ ٺاهڻ آيو هو، ته سائين جي ايم سيد شهر مان پلاسٽر آف پئرس گهرائڻ بجاءِ جبلن مان چيرولي آڻائي ان مان پنهنجي نگراني ۾ پلاسٽر آف پئرس جوڙايو، جنهن مان برسٽ (مجسمو) ٺهيو. جيڪو اڄ به سنڌالاجي ۾ صحيح سلامت پيو آهي.

    9. عورتاڻو هنر:

    سن جي پس گردائي ۽ جابلو علائقي جي عورتن ۾ مختلف قسم جي ڀرٿ ڀرڻ جي اعليٰ صلاحيت موجود هئي. پر انهن جي ڪم کي ڪا پذيرائي نه ملڻ ۽ بهتر طريقي سان وڪري نه ٿيڻ ڪري، انهن کي مناسب معاوضو پلئه ڪو نه پوندو هو. ان ڪري سائين جي ايم سيد جو ان ڪرت بابت خيال هو ته ”اٽڪل 200 سئو کن زالون ڀرٿ جو ڪم ڪن ٿيون. انهن کي نون نمونن جا قسم ڏيکارجن ۽ ڪنهن فرم جي پاران وقت بوقت آرڊر ملندا وڃن ته گهڻو ڪجهه ڀرٿ جو ڪم ٿي سگهي ٿو.“

    10. ڪانهنَ ۽ سَرَ:

    درياءَ ۽ سن نئين هجڻ سبب سن جي پسگردائي ۾ ڪانهن ۽ سر جا ٻوٽا جهجهي انداز ۾ ٿيندا هئا. انهن جي استعمال بابت سائين جي ايم سيد جي راءِ هئي ته ”انهن مان پيپر تيار ٿي سگهي ٿو.“

    11. آبشار:

    سن جي سامهون 20 ميل مٿي، جبلن ۾ قديم ترين قلعو ’رني ڪوٽ‘ واقع آهي. ان ۾ قدرتي طور آبشار هلندڙ آهن. جيڪي ٻارهن مهينا هلندا رهن ٿا. ان پاڻيءَ کي ڪارآمد ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جي راءِ هئي ته ”جيڪڏهن کوجنا ڪجي ته ممڪن آهي ته اليڪٽرسٽي پيدا ٿي سگهي. جا سن ۾ ڪارخانن لاءِ ڪارائتي ٿيندي. ۽ ڪراچي به ان جاءِ کان 50 ميلن جي مفاصلي تي آهي. اتي به نيئي سگهجي ٿي.

    12. شيشي جا ذرڙا:

    سن نئين سوين ميلن تان مختلف علائقن مان وهندي پاڻ سان مختلف قسم جا معدني ذرڙا گڏ آڻيندي رهي ٿي. چيو وڃي ٿو ته ان جي واريءَ ۾ شيشي ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف قسم جا جزا جهجهي تعداد ۾ موجود آهن. جيڪي شيشي جي صنعتڪاري لاءِ نهايت ڪارآمد ٿي سگهن ٿا. سن ريلوي اسٽيشن جو ان جي ڀر ۾ هئڻ اهڙو صنعتڪاريءَ لاءِ بار برداريءَ واري حوالي سان پڻ گهربل سهوليت موجود هئي. ان ڳالهه جي مدِ نظر سائين جي ايم سيد جي راءِ هئي ته ”کوجنا بعد ممڪن آهي ته شيشي جو ڪارخانو ٺهي سگهي. ريلوي کان پنجاهه يارڊن تي ڪارخانو بنجي سگهي ٿو ۽ نئين جي واري سئو يارڊن تي آهي. جنهن جي ڪري بار برداري جو خرچ گهڻو ڪونه ٿيندو. ٻيلو ويجهو هئڻ سبب ڪاٺيون به سستيون ۽ سهوليت سان ملي سگهنديون.“
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو