محمد خان سيال
سينيئر رڪن
سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙي طرفان، سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مُٺ ٿي بحريا فائونڊيشن ۽ ٻين اڏاوتي ڪمپنين کي وڪريَ ڪرڻ خلاف نواز ليگ جي ايم پي اي محترما سورٺ ٿيٻو جيڪو ٺهرا۽ پيش ڪيو تنهن جي کهڙي صاحب اهو چئي سخت مخالفت ڪئي ته انهيءَ ٺهراءَ پيش ڪرڻ کانپوءَ انهي مائينڊ سيٽ کي ڏسڻ گھرجي جڏهن ته ساڳي ڪمپنيءَ کي اسلام آباد ۽ لاهور ۾ رهائشي اسڪيمن لاءِ زمينون فراهم ڪيون ويون آهن پر ان جي به ڪير مخالفت ته ڪونه ٿو ڪري ـ
مان نثار کهڙي صاحب کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جا اهي لفظ ياد ڏياريان ٿو جيڪي هن قومي اسيمبليءَ ۾ سال 1972 دوران تقرير ڪندي چيا هئا ته سنڌي جيڪڏهن ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي ويا ته اهو تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ظلم ٿيندو ـ (ياد رهي ته سال 1972 واري ٻوليءَ جي بل ۾ سنڌ کي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏنو ويو هو جنهن ڪري اهي هنگاما ٿيا هئا البت ڪوڙا سنڌي قوم پرست، ٻولي ايڪٽ پڙهڻ کانسواءِ سنڌ کي ٻه لساني صوبي قرار ڏيڻ جي دعوى ڪن ٿا جيڪا سو سيڪڙو ڪوڙ تي ٻڌل آهي ۽ مون کين بار بار چئلينج ڪيو آهي)ـ
ڇا سنڌ جو سينيئر وزير نثار کهڙو ويچارو ايترو بي خبر آهي جو کيس خبر ئي ڪانهي ته سنڌي سنڌ اندر تيزيءَ سان ٿورائيءَ ۾ بدلجي رهيا آهن ۽ انهيءَ ڳالهه جو چٽو اشارو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سال 1972 ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ به ڏنو هو ـ نثار کهڙا صاحب...ڇا ساڳي صورتحال، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ به آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ سنڌ جي صورتحال کي ڀيٽڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟
نثار کهڙا صاحب مون کي ياد آهي ته جڏهن آصف زرداري، لساني تنظيم ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر ٻٽو لساني تنظيم آندو هو تڏهن به اوهان ان جي وڪالت ڪندا هئا ـ لنڊن ۾ الطاف حسين کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان ڀيٽڻ وارا اوهان جا لفظ اڃا به سنڌين جي ڪنن ۾ گونجن ٿا ـ
مان سمجھان ٿو ته اوهان سنڌ جي وڏي وزير بڻجڻ لاءِ آتا آهيو ۽ انهيءَ مقصد لاءِ پنهنجي جيجل ڌرتي ماءُ جو سودو ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهيو ـ ڇا اوهان کان پنهنجي ويجھي مائٽ غدار سنڌ محمد ايوب کهڙي جو حشر وسري ويو آهي؟ افسوس آهي اوهان جي ذهنيت تي، اڃا به وقت ويو ناهي، ڪجھه هوش ڪريو ۽ سنڌ جيجل ماءُ سان غداري نه ڪريو ـ