• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناپا، قومي تاريخي ورثي هندو جيمخانيَ واري بلڊنگ ترت خالي ڪريَ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڪراچيءَ ۾ هندو جيمخاني جي عمارت اڳ ئي تاريخي ورثو قرار ڏنل آهي پر پاڪستان جي چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ سنڌين سان شديد نسلي متڀيد رکندڙ، عصبيت پرست ريٽائرڊ جنرل پرويز مشرف هندو جيمخاني ۾ ناپا کي پنهنجي بلڊنگ اڏڻ جي اجازت ڏني هئي جيڪا ناجائز ۽ غير قانوني هئي ۽ آهي ـ
مون کي نهايت افسوس سان ڇوڻو پوي ٿو ته راحت ڪاظمي ۽ اهڙا ٻيا ناليوارا فنڪار اها دعوى ڪن ٿا ته ناپا جي ٺھڻ سبب، تاريخي ورثي هندو جيمخاني جي بلڊنگ کي ڪوبه نقصان ڪونه پهتو آهي ـ اهو نسورو ڪوڙ آهي جيڪو اسان جا فنڪار اک جي پڪائي ڪندي هڻي رهيا آهن جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ناپا جي بلڊنگ ٺهڻ جي ڪري، هندو جيمخاني جي خوبصورتي شديد متاثر ٿي رهي آهي جيڪا قومي ورثي جي ايڪٽ جي کليو کلايو ڀڃڪڙي آهي ـ
اسان کي فنڪارن لاءِ ناپا ٺاهڻ تي ڪوبه اعتراض ڪونهي پر ان کي قومي ورثي هندو جيمخاني جي حدن اندر برپا ڪرڻ غلط هو ۽ آهي ـ تنهن ڪري جيترو به ترت ٿي سگھي ته قومي ورثي يعني هندو جيمخانيَ جي بلڊنگ خالي ڪئي وڃي ۽ اسان جا نالا وارا فنڪار ناپا جو دفتر ڪنهن ٻئي هنڌ قائم ڪن ٻي حالت ۾ انهن فنڪارن توڙي قبضي خورن ۾ ڪوبه فرق نه رهندوـ اها به جاچ ٿيڻ گھرجي ته هندو جيمخاني جي اٺن ايڪڙن تي ٻڌل هندو جيمخاني جي پکيڙ وقت گذرڻ سان اٺن ايڪڙن کان گھٽجي هڪ ايڪڙ ڪيئن بڻجي وئي، سا به بحال ڪرائي وڃي ـ
 
اوهان جي ان ڳالهه سان متفق آهيان ..... پر ڇا اسان ان قومي ورثي کي سنڀالي سگهنداسين؟ اسان وٽ اڳ ئي قومي ورثي جي جيڪا ٍحالت آهي سا سڀني اڳيان آهي. سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ بلڪل به ناڪام رهي آهي.
 
Back
Top