• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ 2015 جو پوائينٽس ٽيبل [روزانو اپڊيٽ]

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ورلڊ ڪپ ون ڊي ڪرڪيٽ 2015 جا مقابلا جاري آهن.. ۽ ڪجهه اپ سيٽس ڪري ٽيمن جون پوائينٽس گهٽ وڌ ٿي رهيون آهن... ۽ جيئن ته اڃان ناڪ آئوٽ مرحلو نه آيو آهي ان ڪري ڪرڪيٽ شوقينن جون پوائينٽس ٽيبل تي گهريون نظرون آهن... دوستن جي دلچسپي خاطر روزانو اپڊيٽ جي بنياد تي پوائينٽس ٽيبل پيش ڪجي ٿي...

گروپ A

ٽيم | ميچز | کٽيون | هارايون | برابر | بغير نتيجا | پوائنٽس | رن ريٽ
\نيوزيلينڊ|6|6|0 |0|0|12|2.564+
\ آسٽريليا |6|4|1 |0|1|9|2.257+
\ سريلنڪا |6|4|2 |0|0|8|0.371+
\ بنگلاديش |6|3|2 |0|1|7|0.136+
\ انگلينڊ |6|2|4 |0|0|4|0.753-
\ افغانستان |6|1|5 |0|0|2|1.853-
\ اسڪاٽ لينڊ |6|0|6 |0|0|0|2.218-


گروپ B

ٽيم | ميچز | کٽيون | هارايون | برابر | بغير نتيجا | پوائنٽس | رن ريٽ
\ انڊيا |6|6|0 |0|0|12|1.827+
\ ڏکڻ آفريڪا |6|4|2 |0|0|8|1.707+
\ پاڪستان |6|4|2 |0|0|8|0.085-
\ ويسٽ انڊيز |6|3|3 |0|0|4|0.053-
\ آئرلينڊ |6|3|3 |0|0|6|0.933-
\ زمبابوي |6|1|5 |0|0|2|0.527-
\ گڏيل عرب امارات |6|0|6 |0|0|0|2.032-
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
هاڻي گروپن جي صورتحال ڪجهه واضح آهي
گروپ اي مان سري لنڪا ۽ نيوزيلينڊ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون آهن..
گروپ ب مان انڊيا ۽ سائوٿ آفريڪا ڪوارٽر فائنل تائين پهچي ويون..
بس هاڻي ٻنهي گروپن ۾ باقي رهندڙ چار چار ٽيمن مان هڪ هڪ ٽيم فائنل ٿي اچي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچندي..
پهريون مرحلو هن هفتي ختم ٿي ويندو
 
پاڪستان، ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ لاءِ انتهائي مشڪل صورتحال ٿي ويئي آهي

انگلينڊ آخرڪار ناقص ترين ڪارڪردگي سبب ورلڊ ڪپ جي ٻئي مرحلي مان آئوٽ ٿي چڪي آهي ... بنگلاديش حيرت انگيز طور بهترين راند کيڏي انگلينڊ کي ٻاهر ڪيو.

پول اي مان چار ٽيمون ڪواليفائي ڪري چڪيون آهن :

آسٽريليا
بنگلاديش
سريلنڪا
نيوزيلينڊ
 
پول بي ۾ صورتِحال مزيدار ٿي وئي آهي..
انڊيا ۽ سائوٿ آفريڪا ته ڪوارٽر فائنل ۾ رسي چڪا آهن
باقي پاڪستان، ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ ۾ مقابلو آهي..
پاڪستان جو رن ريٽ ٻنهي ٽيمن جي مقابلي ۾ سٺو آهي ۽ آئرلينڊ کان مقابلو کٽڻ کان پوءِ هو به ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويندو جڏهن ته ويسٽ انڊيز کي ڪوارٽر فائنل جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ يو اَي اِي کان پنهنجي ميچ وڏي مارجن سان کٽڻو پوندو ان کان بعد به سندس ڪوارٽر فائنل ۾ وڃڻ جو فيصلو آئرلينڊ سان رن ريٽ جي بنياد تي ئي ٿيندو
 
ويسٽ انڊيز کي اڄوڪو ميچ هر حال ۾ سٺي رن ريٽ سان کٽڻو آهي نه ته هو ڪوارٽر فائنلس لاءِ ڪواليفائي نه ڪري سگهندو
پاڪستان ۽ آئرلينڊ آچر تي پنهنجو اهم ميچ کيڏندا..
 
آخرڪار ورلڊ ڪپ جي پهرين مرحلي جي اڄ پڄاڻي ٿي .... دنيا جون 8 بهترين ٽيمون ناڪ آئوٽ مرحلي يعني ڪواٽر فائنل ۾ پهتيون آهن جن ۾ آسٽريليا، بنگلاديش، سريلنڪا، نيوزيلينڊ، هندستان، پاڪستان، ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريڪا شامل آهن. حيرت آهي ته ڪرڪيٽ جي ايجاد ڪندڙ ملڪ انگلينڊ ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي.

پاڪستان اڄ آئرلينڊ کي هڪ طرفي مقابلي کانپوء سولائي سان ميچ 7 وڪيٽن تان کٽي ورتي. سرفراز هڪ دفعو وري ڌوڪو نه ڏنو ۽ سينچري ٺاهي 2007 جي ورلڊ ڪپ کانپوء پهريون سينچورين بڻيو. سرفراز جي اها ون ڊي ميچن ۾ پهرين سينچري آهي. هو 101 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. 120 رنسن جي اوپننگ اسٽينڊ ۾ احمد شهزاد 63 رنسون ڪيون.

اسڪور لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.
 
Back
Top