هر مهيني بينڪ مون کي ڪريڊٽ ڪارڊ اسٽيٽمينٽ ذاتي معلومات هجڻ ڪري پاسورڊ لڳائي پي ڊي ايف فارميٽ ۾ موڪليندي آهي.. مان پنهنجي اهڙين اسٽيٽمينٽس کي گوگل ڊرائيو تي محفوظ ڪندو آهيان... پر جيئن ته اهي فائيلز پاسورڊ لڳل هونديون آهن ان ڪري انهن جي اندر ڳولڻ به ممڪن ناهي هوندو.. ۽ مٿان وري پريشاني اها ته هر فائيل کي الڳ پاسورڊ لڳل هوندو آهي جنهن ڪري پاسورڊز کي ياد رکڻ به سولو ناهي هوندو... جيئن ته گوگل ڊرائيو اڳ ئي پروٽيڪٽڊ هوندي آهي هڪ ته پاسورڊ ذريعي ۽ ٻوي ته 2 فيڪٽر اٿينٽيڪسيشن ڪري ان ڪي ان ۾ پي ڊي ايف فائيلز کي بغير پاسورڊ جي اپلوڊ ڪرڻ ۾ ڪو هرج به ڪونهي.. پر ڇا ڪو اهڙو سافٽويئر آهي جيڪو اهڙين فائيلز جا پاسورڊ تڪڙا ٽوڙيندو رهي ... ۽ اهڙو سافٽويئر جيڪڏهن ونڊوز سان گڏ ميڪ تي به ڪم ڪري ته اصل واه واه... ها ته آهي نه... توهان ان کي گوگل ڪروم طور سڃاڻندا آهيو... جي ها گوگل ڪروم ۾ بلٽ ان پي ڊي ايف ريڊي به هوندو آهي ته رائيٽر به.. ته پوءِ اچو ته سمجهون ته گوگل ڪروم فائيل مان پاسورڊ ڪيئن ٿو ختم ڪري... ڪابه پاسورڊ پروٽيڪٽيڊ فائل ڊريگ ڪندي گوگل ڪروم ۾ شامل ڪريو... گوگل ڪروم هاڻي توهان کان فائل جو پاسورڊ گهرندو.. پاسورڊ لکو ۽ انٽر پريس ڪريو... هاڻي فائل مينو ۾ وڃو print کي چونڊيو يا وري Ctrl+P پريس ڪريو.. جنهن کان پوءِ کلندڙ باڪس مان Save As PDF پرنٽر طور چونڊيو ۽ پوءِ هيٺ موجود Save بٽڻ ڪلڪ ڪريو.. گوگل ڪروم هاڻي توهان جي فائيل کي ڊيسڪٽاپ تي بغير پاسورڊ جي محفوظ ڪري وٺندو.. پڪ ڪرڻ لاءِ جڏهن توهان فائيل کي ري اوپن ڪندو ته توهان پاسورڊ نه پڇيو ويندو... ان کانسواءِ جيڪڏهن توهان وٽ گوگل ڪلائوڊ پرنٽ فعال آهي ته توهان Recent Destination مان Save to Google Drive چونڊيندي فائيل کي بنا پاسورڊ جي سڌو سئون گوگل ڊرائيو تي محفوظ ڪري سگهو ٿا... هي ته اهي طريقا هئا جنهن ۾ توهان کي پهريون دفعو فائل کولڻ لاءِ بحرحال پاسورڊ جي ضرورت رهندي ... پاڻ جيڪڏهن توهان گوگل ڪروم کي استعمال ڪرڻ بجاءِ ڪنهن ٻي طرح ۽ بغير پاسورڊ معلوم هجڻ جي فائيل کولڻ چاهيو ٿا ته ان سلسلي ۾ هڪ مفت جي يوٽيليٽي.. BeCyPDFMetaEdit کي آزمائي ڏسو... پهريون دفعو لانچ ڪندي هي پروگرام توهان کان پي ڊي ايف فائيل جي لوڪيشن گهرندو... جنهن کي ڏيندي توهان Complete Rewrite موڊ تي ايندي سڪيورٽي سسٽم کي No encryption تي رکندي Save بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو... جنهن کان پوءِ فائيل کي لڳل پاسورڊ باقي نه رهندو....
تمام سٺو حل .. اهڙا فائل ڪڏهن ڪڏهن ملندا آهن، جن ۾ پاسورڊ لڳل هوندو آهي ۽ اسان لاچار هوندا آهيون ته ان کي ڪيئن کوليون.
تمام بهترين ۽ ڪم وارو موضوع. اسان وٽ ته بحرحال اهڙيون فائيلز نٿيون اچن، پر پو به اهڙا سافٽويئر وقت تي ڪم اچي سگهن ٿا. ان ڪري هِن سافٽويئر کي ڊائونلوڊ ڪندس. في الحال بوڪمارڪ ڪيو اٿمانس. بوڪ مارڪ سان ياد آيو ته ڇا سنڌسلامت ۾ بوڪ مارڪ سسٽم لڳائي سگهجي ٿو ؟ جنهن سان ڪوبه موضوع بوڪ مارڪ ڪجي ۽ اهو موضوع ڪنهن ٻئي ڪمپيوٽر تان صرف مطلوبه اڪائونٽ کولڻ تي سامهون اچي ؟
ٿورا ناهن ٿورا... مون تي ماروئڙن جا.. اهڙيون ڳالهيون ته ماڻهو پئسا خرچ ڪري به سکندا آهن ۽ اسان کي هن اڱڻ تي جادوگر سائين بنا ڪنهن عيوضي جي سيکاري ٿو.