پي ڊي ايف PDF فائيل مان پاسورڊ کي ختم ڪرڻ

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هر مهيني بينڪ مون کي ڪريڊٽ ڪارڊ اسٽيٽمينٽ ذاتي معلومات هجڻ ڪري پاسورڊ لڳائي پي ڊي ايف فارميٽ ۾ موڪليندي آهي.. مان پنهنجي اهڙين اسٽيٽمينٽس کي گوگل ڊرائيو تي محفوظ ڪندو آهيان... پر جيئن ته اهي فائيلز پاسورڊ لڳل هونديون آهن ان ڪري انهن جي اندر ڳولڻ به ممڪن ناهي هوندو.. ۽ مٿان وري پريشاني اها ته هر فائيل کي الڳ پاسورڊ لڳل هوندو آهي جنهن ڪري پاسورڊز کي ياد رکڻ به سولو ناهي هوندو...
    جيئن ته گوگل ڊرائيو اڳ ئي پروٽيڪٽڊ هوندي آهي هڪ ته پاسورڊ ذريعي ۽ ٻوي ته 2 فيڪٽر اٿينٽيڪسيشن ڪري ان ڪي ان ۾ پي ڊي ايف فائيلز کي بغير پاسورڊ جي اپلوڊ ڪرڻ ۾ ڪو هرج به ڪونهي.. پر ڇا ڪو اهڙو سافٽويئر آهي جيڪو اهڙين فائيلز جا پاسورڊ تڪڙا ٽوڙيندو رهي ... ۽ اهڙو سافٽويئر جيڪڏهن ونڊوز سان گڏ ميڪ تي به ڪم ڪري ته اصل واه واه...
    ها ته آهي نه... توهان ان کي گوگل ڪروم طور سڃاڻندا آهيو... جي ها گوگل ڪروم ۾ بلٽ ان پي ڊي ايف ريڊي به هوندو آهي ته رائيٽر به.. ته پوءِ اچو ته سمجهون ته گوگل ڪروم فائيل مان پاسورڊ ڪيئن ٿو ختم ڪري...
    • ڪابه پاسورڊ پروٽيڪٽيڊ فائل ڊريگ ڪندي گوگل ڪروم ۾ شامل ڪريو...

    [​IMG]
    • گوگل ڪروم هاڻي توهان کان فائل جو پاسورڊ گهرندو.. پاسورڊ لکو ۽ انٽر پريس ڪريو...
    • هاڻي فائل مينو ۾ وڃو print کي چونڊيو يا وري Ctrl+P پريس ڪريو.. جنهن کان پوءِ کلندڙ باڪس مان Save As PDF پرنٽر طور چونڊيو ۽ پوءِ هيٺ موجود Save بٽڻ ڪلڪ ڪريو..
    • گوگل ڪروم هاڻي توهان جي فائيل کي ڊيسڪٽاپ تي بغير پاسورڊ جي محفوظ ڪري وٺندو.. پڪ ڪرڻ لاءِ جڏهن توهان فائيل کي ري اوپن ڪندو ته توهان پاسورڊ نه پڇيو ويندو...
    • ان کانسواءِ جيڪڏهن توهان وٽ گوگل ڪلائوڊ پرنٽ فعال آهي ته توهان Recent Destination مان Save to Google Drive چونڊيندي فائيل کي بنا پاسورڊ جي سڌو سئون گوگل ڊرائيو تي محفوظ ڪري سگهو ٿا...
    [​IMG]

    هي ته اهي طريقا هئا جنهن ۾ توهان کي پهريون دفعو فائل کولڻ لاءِ بحرحال پاسورڊ جي ضرورت رهندي ... پاڻ جيڪڏهن توهان گوگل ڪروم کي استعمال ڪرڻ بجاءِ ڪنهن ٻي طرح ۽ بغير پاسورڊ معلوم هجڻ جي فائيل کولڻ چاهيو ٿا ته ان سلسلي ۾ هڪ مفت جي يوٽيليٽي.. BeCyPDFMetaEdit کي آزمائي ڏسو...
    پهريون دفعو لانچ ڪندي هي پروگرام توهان کان پي ڊي ايف فائيل جي لوڪيشن گهرندو... جنهن کي ڏيندي توهان Complete Rewrite موڊ تي ايندي سڪيورٽي سسٽم کي No encryption تي رکندي Save بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو... جنهن کان پوءِ فائيل کي لڳل پاسورڊ باقي نه رهندو....

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو حل .. اهڙا فائل ڪڏهن ڪڏهن ملندا آهن، جن ۾ پاسورڊ لڳل هوندو آهي ۽ اسان لاچار هوندا آهيون ته ان کي ڪيئن کوليون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    تمام بهترين ۽ ڪم وارو موضوع. :)
    اسان وٽ ته بحرحال اهڙيون فائيلز نٿيون اچن، پر پو به اهڙا سافٽويئر وقت تي ڪم اچي سگهن ٿا. ان ڪري هِن سافٽويئر کي ڊائونلوڊ ڪندس. في الحال بوڪمارڪ ڪيو اٿمانس.
    بوڪ مارڪ سان ياد آيو ته ڇا سنڌسلامت ۾ بوڪ مارڪ سسٽم لڳائي سگهجي ٿو ؟ جنهن سان ڪوبه موضوع بوڪ مارڪ ڪجي ۽ اهو موضوع ڪنهن ٻئي ڪمپيوٽر تان صرف مطلوبه اڪائونٽ کولڻ تي سامهون اچي ؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جي ها... پر ان لاءِ ڪجهه هن موضوع ڏانهن به نظر گهمايو
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ٿورا ناهن ٿورا... مون تي ماروئڙن جا.. اهڙيون ڳالهيون ته ماڻهو پئسا خرچ ڪري به سکندا آهن ۽ اسان کي هن اڱڻ تي جادوگر سائين بنا ڪنهن عيوضي جي سيکاري ٿو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين ٽرڪ
    لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو