گدڙ ،لومڙي ۽ شينهن گڏجي شڪار تي نڪتا ... شڪار ۾ هڪ جھنگلي ڳئون،هرڻ ۽ سهو هٿ آيو . شينهن پڇيو گدڙ کان ته ڪينئن انصاف ڀري ورهاست ڪجي جو ٽنهي جو پيٽ ڀرجي ؟ گدڙ چيو ته سائين اوهان جھنگل جا بادشاه ڳئون ڳري ۽ گھڻي گوشت واري آهي اوهان جي شان وٽان آهي سا توهان واپرايو ...منهنجي لاء هرڻ ڪافي آهي باقي لومڙِيء لاء سهو رکجي . شينهن کي اها ڳاله نه وڻي،چمبو هڻي گدڙ جو مٿو ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين. هاڻي وارو آيو لومڙيء جو .شينهن پڇيو تون ٻڌاء ؟ لومڙيء هٿ ادب جا ٻڌي گذارش ڪئي.” حضور توهان جي هوندي منهنجي ڪهڙي مجال جو مان انصاف ۽ ورهاست جي ڳاله ڪيان ....سهي جو گوشت ڪچڙو آهي توهان نيرن تي نوش فرمايو...هرڻ جي لنچ ڪيو باقي ڳئون رات جي ماني طور واپرايو . سڄي رات وقفي وقفي سان پيا کائجو.“ شينهن لومڙي جي اها ڳاله ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو .خوشِيء مان چيائين ته توکي اهڙو عقل ڪٿان آيو . لومڙي نماڻائيء سان وراڻيو ”سائين گدڙ جو حشر ڏسي“ اسان وارن ڀوتار شينهن کي به اها ڳاله وڻي ٿي جتي سندن حصو صد في صد هجي.