ڀوتار شينهن

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2015۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    گدڙ ،لومڙي ۽ شينهن گڏجي شڪار تي نڪتا ...
    شڪار ۾ هڪ جھنگلي ڳئون،هرڻ ۽ سهو هٿ آيو .
    شينهن پڇيو گدڙ کان ته ڪينئن انصاف ڀري ورهاست ڪجي جو ٽنهي جو پيٽ ڀرجي ؟
    گدڙ چيو ته سائين اوهان جھنگل جا بادشاه ڳئون ڳري ۽ گھڻي گوشت واري آهي اوهان جي شان وٽان آهي سا توهان واپرايو ...منهنجي لاء هرڻ ڪافي آهي باقي لومڙِيء لاء سهو رکجي .
    شينهن کي اها ڳاله نه وڻي،چمبو هڻي گدڙ جو مٿو ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين.
    هاڻي وارو آيو لومڙيء جو .شينهن پڇيو تون ٻڌاء ؟
    لومڙيء هٿ ادب جا ٻڌي گذارش ڪئي.” حضور توهان جي هوندي منهنجي ڪهڙي مجال جو مان انصاف ۽ ورهاست جي ڳاله ڪيان ....سهي جو گوشت ڪچڙو آهي توهان نيرن تي نوش فرمايو...هرڻ جي لنچ ڪيو باقي ڳئون رات جي ماني طور واپرايو . سڄي رات وقفي وقفي سان پيا کائجو.“
    شينهن لومڙي جي اها ڳاله ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو .خوشِيء مان چيائين ته توکي اهڙو عقل ڪٿان آيو . لومڙي نماڻائيء سان وراڻيو ”سائين گدڙ جو حشر ڏسي“
    اسان وارن ڀوتار شينهن کي به اها ڳاله وڻي ٿي جتي سندن حصو صد في صد هجي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو